برهمڻ آباد (منصوره)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(برھمڻ آباد کان چوريل)
محمد بن قاسم جي دور ۾ برھمڻ آباد جو مقام

برھمڻ آباد(انگريزي: Brahmanabad) سنڌ جو قديم تاريخي شھر جيڪو موجوده ضلعي سانگهڙ ۾ شھدادپور شھر کان ڪجهه 8 ميل فاصلي تي سنڌو درياھ جي ڪناري تي آباد ھيو[1][2][3][4] اُتي ھينئر دڙا آھن جن کي ڳوٺاڻا ”ڀانبرا“ يا ٻانڀڻاءِ ۽ ”دلور جا دڙا“ يا ”دلورا جا آثار“[5] سڏيندا آھن،[6] ھي دڙا سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن ۾ ”بهمنه“ يا ”برهمڻ آباد“[6] جي نالي سان ڄاڻايل آھن، ھي شھر زلزلي جي ڪري درياء جي وھڪري تبديل ٿيڻ جي ڪري ڦٽي ويو ۽ ان شھر کان ڪجهه فاصلي تي عربن سنڌ جي نئين شھر منصورہ جو بنياد رکيو جيڪو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ھيو جيڪو پڻ درياء جي وھڪري جي تبديلي جي ڪري ڦٽي ويو. برھمڻ آباد ۽ منصورہ جي مقام ھڪٻئي جي ويجھي ھجڻ جي ڪري برھمڻ آباد کي منصورہ جو پراڻو نالو پڻ سمجھيو ويندو آھي.

راجا دلو راءِ برهمڻ آباد جو راجا هو.[7]

چچ جو ٺھرايل راوڙ قلعو[سنواريو]

ايڇ ٽي لئمبرڪ لکي ٿو تہ چچنامي م ذڪر ٿيل آهي ته ڏاهر پنھنجي وڏي ڀاء ڏھرسيه جي وفات بعد پنهنجو اڪثر وقت الور جي بدران برهمڻ آباد ۾ گذارڻ لڳو؛ هو اونهاري جا چار مهينا راوڙ نالي هڪ قلعي ۾ گذاريندو هو، جيڪو چچ اڌورو تعمير ٿيل ڇڏي مري ويو هو، ۽ جنهن کي ڏهرسيه تڪميل تي پهچايو هو[8].

حوالا[سنواريو]

  1. "برهمڻ آباد: تاريخ جي آئيني ۾:محبوب علي چنا". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  2. "برهمڻ آباد : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  3. "برهمڻ آباد _ ڪلان ڪوٽ _ ٺٽوي ڪاتيار". Issuu. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  4. ايڊيٽر. "اروڙ: قديم سنڌ ۾ عالمن ۽ سائنسدانن جو خوشحال شهر II". Affair - افيئر. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  5. "سانگھڙ جو تاريخي ماڳ برهمڻ آباد تباهه ٿيڻ لڳو" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  6. 6.0 6.1 "توهان جو شهر، تاريخ جي آئيني ۾ ( برهمڻ آباد)". www.wichaar.com. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  7. "دلوراءِ | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-06-15. 
  8. ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ (جلد ٻيو) ليکڪ؛ ايڇ. ٽي. لئمبرڪ :ايڊيشن؛ پهريون 1984ع، ٻيو 1990ع :ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

ٻاھريان ڳنڍڻا[سنواريو]