شهدادپور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شھدادپور
Shahdadpur
شھر
ڀانڃ: شھداد+پور
شھدادپور is located in سنڌ
شھدادپور
شھدادپور
جاگرافي بيهڪ: 25°55′22″N 68°37′14″E / 25.92278°N 68.62056°E / 25.92278; 68.62056مڪانيت: 25°55′22″N 68°37′14″E / 25.92278°N 68.62056°E / 25.92278; 68.62056
ملڪ پاڪستان
صوبو سنڌ
يونين ڪاؤنسل چار
بنياد ارڙهين صدي جي ابتدا ۾

شھداپور (انگريزي: Shahdadpur ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شھيد بينظير آباد ڊويزن جي ضلعي سانگھڙ جو شھر آھي جيڪو شھدادپور سب ڊويزن ۽ شھدادپور تعلقو جو صدر مقام آهي. ھي سانگهڙ ضلعو ۾ هڪ تاريخي ۽ وڏو شهر آهي جيڪو مير شهداد خان ٽالپر ٻڌايو هو جنهن ڪري سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو.

تاريخ[سنواريو]

ايم ايڇ پنهور مطابق جي شھر ڪلھوڙن جي دور ۾ قائم ٿيو. ايم.ايڇ پنهور پنهنجي مضمون ۾ سن 1701ع کان 1758ع تائين قائم ٿيل ٽن وسندين (جنهن ۾ وارهه به اچي وڃي ٿو). جي باري ۾ لکي ٿو: ”ٿڌ واري زماني جي حرارت ۾ ٿوري تبديلي آئي، ڪجهه گرمي ٿي ۽ ڪلهوڙن پوکي راهي ڏهن لکن ايڪڙن مان وڌائي ٻاويهه لک ايڪڙ تائين پهچائي ۽ ماڻهن جي آبادي 14 لکن مان وڌي وڃي 30 لکن کي رسي. نوان شهر اُسريا، جن ۾ شهدادڪوٽ، قنبر، وارھ، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاھ، ميرپور خاص، نئون خدا آباد (هالن جي ڀرسان)، شهدادپور، نوشهروفيروز، خانڳڙھ (جيڪب آباد)، فتح ڳڙھ، جوهي، دوست علي، رتن ديرو (رتو ديرو) ۽ وڳڻ شامل هئا.[1] “ هيءُ شهر مير شهداد خان ميان يار محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ ٻڌايو هو، ۽ جڏهن ڪلهوڙن جي گادي جو هنڌ خدا آباد هو، تڏهن هو پنهنجن سڀني بلوچن سان گڏ اُتي رهندو هو، جن مان گهڻا شاهپور ۾ دفن ٿيل آهن، جنهن هنڌ کي قبا شهداد چوندا آهن.، سنه 1189ھ (سنه 1775ع) ۾ ميان سرفراز جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ ٽالپرن سندس ڀاءُ محمود خان کي خدا آباد جي گاديءَ تي ويهاريو، پر راڄي ليکيءَ ٻين ڪن سان منصوبن ڪري کاهيءَ ۾ وڃي ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي ويهارڻ جو بندوسبت ڪيو. سنه 1190ھ (سنه 1776ع) ۾ مير بجار خان ڇهن هزارن بلوچن سان شهدادپور تعلقي ۾ لانياريءَ جي ڳوٺ وٽ ڪلهوڙن کي شڪست ڏني، جن جا سردار تاجو ليکي ۽ ڪي ٻيا هئا. انهيءَ ميان غلام نبيءَ کي ماري ڇڏيو ۽ پاڻ ڀڄي ويو. سنه 1194ھ (سنه 1781ع) ۾ جڏهن مير بجار، مير عبدالله ۽ مير فتح خان ماريا ويا، تڏهن ميرن شهدادپور ڇڏي ڏني، جتي بلوچن جو ديرو هو، ۽ جڏهن مير فتح علي خان سنڌ ورتي، تڏهن پهرين خدا آباد ۾ ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ وڃي ويٺا.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {پنهور، ايم.ايڇ ]1/1996ع[، ٽماهي ”مهراڻ“صہ 35، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.}
  2. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو