سنڌ يونائيٽڊ پارٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ يونائيٽڊ پارٽي يا سنڌ اتحاد پارٽي (انگريزي: Sind United Party) برطانوي سنڌ جي هڪ سياسي تنظيم هئي. هي تنظيم جون 1936ع تي قائم ڪئي وئي، ساڳي سال جنهن سال سنڌ بمبئي کان آزادي حاصل ڪري الڳ صوبو بڻي. هن تنظيم پنجاب يونينسٽ پارٽي جي طرز جي هئي. [1][2] هن تنظيم جو مکيه سبب هندو ۽ مسلمانن ۾ اتحاد ۽ ڀائيچارو پيدا ڪرڻ هو.[2] حاجي عبدالله هارون هن تنظيم جو شريڪ باني ۽ اڳواڻ هو. سر شاھنواز ڀٽو هن تنظيم جو نائب چيئرمين هو. [3] جي ايم سيد پڻ هن تنظيم جي بانين مان هڪ هو.[4] Tهن ۾ تنظيم ۾ وڏيرا پڻ شامل هئا جيئن،[1] الله بخش سومرو ۽ يار محمد جوڻيجو پڻ شامل هئا.[2]

1937ع تي سنڌ قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن ۾ هن تنظيم مسلمانن لاءِ مقرر ڪيل 34 سيٽن مان 21 سيٽون کٽيون ۽ اسيمبلي جي اڪثريتي پارٽي بڻجي وئي. [2][3] هن چونڊن ۾ ڪو به هندو هن تنظيم پاران چونڊن ۾ نه بيٺو.[5] هن تنظيم جي مکيه اڳواڻن مان هارون ۽ ڀٽو ڪامياب نه ٿيا، سنڌ جي گورنر اڪثريتي پارٽي سنڌ يونائيٽڊ جي بجاءِ اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني. ان جي ڪري سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جا ڪيترا ئي اڳواڻ تنظيم ڇڏي ويا. [3]

الله بخش سومرو سنڌ جو 23 مارڇ 1938ع کان 18 اپريل 1940ع تائين ان وقت تائين سنڌ جو وزيراعظم[حاشيو (ا)] رهيو جيسيتائين سندس جي خلاف مسلم ليگ ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس عدم عتماد جي ڪامياب رٿ پيش نه ڪئي.[6] ان کان پوءِ هي ٻيهر اقتدار تي محدود وقت 27 مارچ 1942ع کان 14 آڪٽوبر 1942ع تائين رهيو، هندوستان خالي ڪيو تحريڪ جي حمايت سبب گورنر هن کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.[6]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حاشيو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Jaffrelot, Christophe. A History of Pakistan and Its Origins. London: Anthem Press, 2002. p. 14
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 Talbot, Ian. Pakistan, a Modern History. New York: St. Martin's Press, 1998. p. 76
  3. 3.0 3.1 3.2 Ansari, Sarah F. D. Sufi Saints and State Power: The Pirs of Sind, 1843-1947[مئل ڳنڍڻو]. Cambridge South Asian studies, 50. Cambridge: Cambridge University Press, 2002. pp. 115-116
  4. Ahmad, Syed N. Origins of Muslim consciousness in India: a world-system perspective. New York u.a: Greenwood Press, 1991. p. 175
  5. Ahmad, Syed N. Origins of Muslim consciousness in India: a world-system perspective. New York u.a: Greenwood Press, 1991. p. 212
  6. 6.0 6.1 K. R. Malkani (1988). The Sindh Story, Chapter 11: Thrown to the wolves. Allied Publishers. http://www.freesindh.org/sindhstory/Thrown_to_the_Wolves.html.