عبدالله هارون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
حاجي عبدالله هارون
سر
ذاتي تفصيل
پيدائش جنوري 1872
ڪڇ
وفات 27 اپريل 1942 (70سال)
ڪراچي
سياسي جماعت آل انڊيا مسلم ليگ


عبدالله هارون پورو نالو سر حاجي عبدالله هارون ابوبڪر ميمڻ آزاديءَ جـي تحـريـڪ جـي نـامـور سـيـاسـتـدان، 1872ع ڌاري ’ڪڇ‘ جي علائقي ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل هندن جي لوهاڻا ذات مان هئا ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيا هئا.

خانداني پس منظر[سنواريو]

سندس ڏاڏو ميان حسن، پهريان ڪڇ ڇڏي پُوني ويو. ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪڇ پهتو، اُتي کيس هارون نالي فرزند ٿيو، جيڪو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ 1858ع ۾ سنڌ لڏي آيو. سيٺ هارون ٽي شاديون ڪيون. ميان عبدالله، سيٺ هارون جي ٻئي نمبر گهر واريءَ مان 1872ع ڌاري ڪراچي ۾ ڄائو.[1] سائين جي ايم سيد لکي ٿو تہ سندس ڏاڏي ميان حسن کي ابوبڪر نالي فرزند ٿيو. اهو اول ۾ واپار سانگي بمبئي علائقي جي پونا شهر ۾ ويو، جتي ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ بعد موٽي واپس ڪڇ پهتو ۽ اتي رهندو هو. ان کي ميان هارون نالي فرزند ٿيو، جو سنڌ تي انگريزن جي قبضي ٿيڻ بعد، 1858ع ڌاري، واپار جي خيال کان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺو[2].اڃا هي چئن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد 1876ع ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت سندس والده ارڙهن سالن جي هئي، هي ان جي سنڀال هيٺ رهيو. سندس وڏو ڀاءُ، سيٺ عثمان ۽ سندس همشيره علهده رهڻ لڳا. سندس پرورش، تعليم ۽ تربيت جو سمورو بار والده تي پيو.[2].سندس والده پهرين کيس گجراتي اسڪول ۾ ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ پڙهايو، پر مالي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري، پنجن درجن تائين پڙهائڻ کان پوءِ اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ سندس ماءُ ڪجهه سامان وڪري لاءِ کيس وٺي ڏنو. هو پهرين گهٽين ۾ گهورڙيو بنجي سامان وڪڻندو هو ۽ پوءِ پنهنجي ڀيڻويي جي دڪان تي چار روپيا پگهار تي نوڪري ڪرڻ لڳو..[1] 1889ع ڌاري والده سان گڏ حج ۽ حرمين شريف جي زيارت ڪري آيو. 1890ع ڌاري مامي سان گڏجي آسام ۾ واپار لاءِ ويو. اتان واپس اچي 1896ع ڌاري پنهنجو جدا واپار شروع ڪيائين. جلدي ترقي ڪري ٿوري عرصي ۾ رنڇوڙ لائين ڪراچيءَ ۾ جايون ۽ وڪٽوريا روڊ تي بنگلو خريد ڪيائين.[1].پهرينءَ جنگ جي زماني ۾ کنڊ جي اگهن چڙهي وڃڻ ڪري، هن چڱي ملڪيت ڪمائي.[2]. واپار مان پئسو ڪمائي، سياسي ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو. کيس انگريز سرڪار 1932ع ڌاري ’سر‘ جو خطاب ڏنو. هن 1901ع کان سياست ۾ دلچسپي ورتي. کيس 8 آڪٽوبر 1911ع تي طرابلس جي ترڪن جي مدد لاءِ سنڌ ۾ مير ايوب خان جي صدارت هيٺ قائم ڪيل هڪ انجمن ’هلال احمر سنڌ‘ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، جنهن تنظيم سنڌ مان چندو گڏ ڪري ترڪن جي مدد لاءِ موڪليو.

شاديون ۽ اولاد[سنواريو]

سندس پهرين شادي، رحيما ٻائيءَ سان، سنه 1888ع ۾ ٿي. ٻي شادي، 1895ع ۾، پنهنجن عزيزن مان رابع ٻائيءَ سان ڪيائين.سندس ٽين شادي پيار واري شادي ھيس جيڪا بيگم نصرت سان، 13 ڊسمبر 1913ع تي ٿي.صاحبه پڪي اهل تشعيت جي خاندان مان هئي. حاجي صاحب ڪٽر سني گهر مان هو.ان مان کيس پهرين نياڻي، دولت خانم پيدا ٿي. ٻئي سال، 1916ع ۾، پهريون فرزند يوسف تولد ٿيو. 1925ع ۾، خاندان سميت، بغداد، ڪربلا موليٰ، نجف اشرف وغيره جي زيارتن لاءِ ويو، ۽ خير سان واپس آيو. 1926ع ۾، سندس والده وفات ڪئي. 1932ع ۾، خاندان سميت اٽاوا (ڪئناڊا) ۾ ڪوٺايل اقتصادي ڪانفرنس ۾ ويو ۽ يورپ جو سير ڪيائين. 1937ع ۾ کيس K.T (سر) جو خطاب مليو، ۽ سندس وڏي فرزند يوسف هارون، جي آغا خان جي ڪٽنب مان شادي ٿي. 1939ع ۾، پوئين شاديءَ مان پهرين نياڻي، نصرت بيبيءَ جي شادي انور حسين هدايت الله، سر غلام حسين جي وڏي فرزند، سان ٿي.[2]

شروعات[سنواريو]

هي 1910ع ڌاري ’سنڌ محمدن ايسوسيئيشن‘ ۾ شامل ٿيو، اڳتي هلي ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 2 سيپٽمبر 1916ع تائين ميمبر رهيو. پوءِ ٻيو ڀيرو پهرين مئي 1921ع تي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 21 آگسٽ 1934ع تائين ميمبر رهيو ۽ ان عرصي ۾ ڪيترائي ڀيرا مئنيجنگ ڪميٽيءَ جو به ميمبر رهي شهر جي ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. 1913ع ڌاري آنرري مئجسٽريٽ مقرر ٿيو.[1].

سياسي سفر[سنواريو]

1917ع ڌاري ’ڪانگريس تحريڪ‘ ۾ شامل ٿيو. 1919ع ۾ مولانا شوڪت علي ۽ مولانا محمد علي جوهر جڏهن ’سنڌ خلافت ڪانفرنس‘ جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪراچي آيا، تڏهن وٽس اچي رهيا. پاڻ 1919ع ڌاري سنڌ خلافت ڪميٽيءَ جو صدر ٿيو ۽ 1924ع تائين ان عهدي تي رهيو. 5 ۽ 6 اپريل 1920ع تي سکر ۾ ’سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪانفرنس‘ جي ستين اجلاس جي صدارت ڪيائين. 22 جون 1920ع تي مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ طرفان هندستان جي وائسراءِ لارڊ چيلمسفورڊ کي هندستان جي مکـيـه قـومپـرسـت مـسلمـانـن پاران تـرڪـن تـان سخـتـي خـتـم ڪـرڻ لاءِ ميمورنڊم ڏنو ويو ته ان تي هن جي به صحي هئي. هو 1923ع ڌاري ٿيل چونڊن ۾ ڪراچيءَ مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ ميمبر چونڊجي ويو ۽ ان عهدي تي ٽن سالن تائين ڪم ڪندو رهيو. 1925ع ڌاري آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس عليڳڙهه ۾ سر عبدالرحيم جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ، سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي حاجي عبدالله هارون به تائيد ڪئي.[1]. 18 نومبر 1926ع تي مرڪزي ليجسليٽو اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون ته هي ان جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1942ع تائين لاڳيتو اسيمبليءَ جي ميمبر طور چونڊبو آيو. انهيءَ عرصي دوران هو اڪثر ڪري جناح جي ’آزاد پارٽيءَ‘ سان رهندو آيو ۽ 1938ع بعد جڏهن مرڪزي اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ ٺـهـي تـه ان جـو ميمبـر ٿيـو ۽ آخـر تائيـن ان ۾ شـامل رهيو. هو 1928ع ڌاري آل انڊيا خلافت ڪاميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. 1929ع ڌاري هندستان سرڪار طرفان بئنڪنگ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن ۾ هن ميمبر ٿي ڪم ڪيو. 1930ع ڌاري ’آل انڊيا مسلم تنظيم ڪانفرنس‘ الهه آباد ۾ ٿي، جنهن جي هن صدارت ڪئي ۽ مسلمانن جي تنظيم ۽ سماجي سڌاري لاءِ ڪيتريون ئي مفيد تجويزون پيش ڪيائين.[1]. 1930ع ڌاري سنڌ جي مسلمانن طرفان سنڌ جي مالي حالتن بابت جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي، جنهن جو پاڻ 1935ع تائين سيڪريٽري رهيو ان کان سواءِ 1931ع ڌاري جڏهن سرڪار طرفان سنڌ جي مالي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي ته هي ان جو به هو ميمبر رهيو. ستين جنوري 1931ع ڌاري مرڪزي سرڪار پاران کيس ڪئناڊا جي اٽاوا شهر ۾ ’امپيريل ايڪنامڪ ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. 1933ع ڌاري حج ڪميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو، جنهن سبب هن حاجين کي ڪيتريون ئي سهوليتون ڏياريون ۽ ساڳئي سال ۾ سنڌ انتظامي ڪميٽيءَ تي مقرر ٿيو.[1]. 1934ع ڌاري سنڌ آزاد ڪانفرنس جي اجلاس لاءِ مرحبا ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1935ع ڌاري نوانگر ۾ آل انڊيا ميمڻ ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. کيس 1936ع ڌاري عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ڪورٽ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ ساڳئي سال صوبي جي ايگريڪلچر ريسرچ ڪميٽيءَ جو ميمبر مقرر ٿيو.[1].

سنڌي سياست[سنواريو]

جڏهن ’سنڌ اتحاد پارٽي‘ ٺهي، تڏهن 1936ع ڌاري ان ۾ شامل ٿيو ۽ پهرين ان جو ليڊر ٿي ڪم ڪيائين، پوءِ ڊپٽي ليڊر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. سر شاهنواز جي بمبئيءَ وڃڻ کان پوءِ ان پارٽيءَ جو صدر ٿيو. ’سنڌ اتحاد پارٽيءَ‘ جي ٽُٽڻ کانپوءِ پير علي محمد شاهه راشديءَ ۽ ٻين دوستن سان گڏ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪيائين، 1939ع ڌاري مسلم ليگ سنڌ جو صدر مقرر ٿيو. هن مسجد منزل گاهه مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ لاءِ تحريڪ هلائي. مسلم ليگ طرفان انهي معاملي کي هٿ ۾ کڻڻ تي هندن طرفان گهڻي مخالفت به ٿي. هو آل انڊيا مسلم ليگ جو اهم ورڪر هو ۽ 1940ع ڌاري آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي ميمبر چونڊيو ويو ۽ اڳتي هلي آل انڊيا مسلم ليگ جي پرڏيهي معاملن لاءِ مقرر ڪيل ڪميٽيءَ جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هن سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ لاءِ گهڻي جدوجهد ڪئي ۽ ٿوري عرصي ۾ مسلم ليگ جو آواز سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو. هن آل انڊيا مسلم ليگ جي مک اڳواڻ جي حيثيت سان 1941ع ڌاري لائلپور پنجاب ۾ شاگردن جي ڪانفرنس ۽ 1942ع ڌاري الهه آباد ۾ آل انڊيا سيرت ڪانفرنس جي صدارت ڪئي.[1].

وفات[سنواريو]

هن ستاويهين اپريل 1942ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي[1].جي ايم سيد لکي ٿو تہ 27- اپريل 1942ع تي حاجي صاحب اوچتو دل جي حرڪت بند ٿيڻ ڪري انتقال ڪري ويو. سندس مرڪزي اسيمبليءَ جي خالي جاءِ تي سندس فرزند، يوسف هارون، بنا مخالفت جي چونڊجي ويو.[2].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 1.9 ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005