الله بخش سومرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اللہ بخش سومرو
سنڌ جو وزيراعظم
عهدو سنڀاليو
March 23, 1938 – April 18, 1940
گورنر سر لئنسلاٽ گراھم
سر جوزف ھگ گئرٽ
سر لئنسلاٽ گراھم (ٻيون دفعو)
پيشرو سر غلام حسين ھدايت الله
جانشين مير بندہ علي خان ٽالپر
عهدو سنڀاليو
March 27, 1942 – October 14, 1942
گورنر سر ھگ ڊائو
پيشرو مير بنده علي ٽالپر
جانشين سر غلام حسين ھدايت الله
ذاتي تفصيل
پيدائش 1900
شڪارپور، برٽش انڊيا
وفات 14 مئي 1943 (43 سال)
شڪاپور
سياسي جماعت سنڌ اتحاد پارٽي
جيون ساٿي صاحب خاتون
اولاد رحيم بخش،حيدر بخش،عبدالصمد، رضيہ، صفيہ، افروز، قدسيہ ۽ سعيده
پيشو سياستدان ۽ سرڪاري ٺيڪيدار
مذهب Muslim - سني، مسلمان

شهيد الله بخش سومرو 1900ء ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 14 مئي 1943 تي مذهبي انتها پسندن هٿان شهيد ٿي ويو. هُو 1938ع کان 1940ع تائين سنڌ جو وزير اعظم رهيو. سندس

خاندان[سنواريو]

اولاد ۾ پٽ رحيم بخش سومرو پڻ سياستدان رهيو. الاهي بخش سومرو اڳوڻو اسپيڪر شهيد الله بخش سومرو جو ڀائيٽو آھي . ھي شهر جي ٺيڪيدار مستري محمد عمر جو فرزند هو ، جيڪو پنهنجي وقت جو ايماندار ٺيڪيدار ۽ -آبادگار- هو . الهه بخش سومرو سندس وڏو فرزند هو.خانصاحب محمد عمر جو فرزند هو. گهراڻي جو ڌنڌو هو ٺيڪيداري، ۽ بعد ۾ ٺيڪيداريءَ سان گڏ زمينداري به. ان خاندان جي تاريخ مرحوم محمد عمر سان شروع ٿي[1] سائين جي ايم سيد لکي ٿو تہ:سنڌ جي دودي ثاني، مرحوم الهه بخش، جا وڏا شڪارپور شهر جا رهاڪو هئا. شڪارپور ۾ سندن پاڙو "مستري" نالي سان مشهور آهي. سندس پڙڏاڏي جو نالو به الهه بخش هو، جو ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ان کي رحيم بخش نالي فرزند ٿيو. اهو به والد وانگر ٺيڪيداري ڪم ڪرڻ لڳعو. ان ڪري ئي هو پوءِ مستري سڏجڻ لڳا. ميان رحيم بخش کي حاجي محمد عمر نالي فرزند ٿيو، جو به اول ۾ ساڳيو ڌنڌو ڪندو هو. منڍ ۾ هن جي آمدني پوري پني هوندي هئي. هن جا ميان الاهي بخش خان ڀٽي سان دوستانه تعلقات هوندا هئا، جنهن جو هو ڪم ڪار به ڪندو هو. ميان الاهي بخش خان جي وفاتيءَ کانپوءِ، هن جي زمين مئنيجر ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي، جنهن وٽان حاجي محمد عمر زمين جا مقاطعا کڻي، محنت ڪري، زمين سڌاري آباد ڪرائي، ۽ ان مان کيس ڪافي فائدو پيو. ان وقت ڌاري جيڪب آباد جو ڊيپوٽي ڪمشنر مسٽر سمائيٽ هو، جنهن جو هن تي قابليت، محنت ۽ ايمانداريءَ ڪري، راز ٿي پيو. هن، سندس مدد ڪري، جيڪب آباد طرف ٻيلي هيٺ آيل زمين جو آباديءَ لاءِ کيس ٺيڪو ڏياريو. ان ٺيڪي هن کي ويتر سڌاري، مالا مال ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هو پنهنجي زمين خريد ڪري، آباد ڪرائڻ لڳو ۽ سکيو ستابو ٿي ويو. مرحوم نيڪ بخت، نماز روزي جو پابند، محنتي، يارويس، سخي مرد ٿي گذريو آهي. کيس ٻه فرزند ٿيا: (1) ميان الهه بخش، ۽ (2) حاجي ميان مولا بخش. هو چشمي واري بزرگ، (ساڪن نزديڪ ڪوئيٽا) جو مريد هو. شڪل شباهت ۾ وضع دار ۽ شاندار هو. 1928ع ڌاري، بيمار ٿيڻ سبب کيس بمبئيءَ علاج لاءِ وٺي ويا، جتي وفات ڪيائين، ۽ اتي ئي مدفون آهي[2]

تعليم ۽ تربيت[سنواريو]

ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتي. ثانوي تعليم 1912ع ڌاري هوپ فل اڪيڊمي، شڪارپور ۾ وٺڻ شروع ڪيائين. اسڪول جي ڏينهن ۾ هو ذهين ۽ تيز فهم شاگرد هو. راندين ۾ گهڻو بهرو وٺندو هو. ڪرڪيٽ سان کيس خاص دلچسپي هوندي هئي. ڪيترا دفعا پنهنجي اسڪول پاران هو سکر، جيڪب آباد اسڪولن جي شاگردن سان راندين کيڏڻ لاءِ چونڊيو ويو. هو مئٽرڪ تائين پڙهڻ کانپوءِ، تعليم ڇڏي، والد سان گڏ سرڪاري ٺيڪن ۽ زمينداريءَ جي سنڀال جو ڪم ڪرڻ لڳو. هوشيار ۽ باوسيله هئڻ ڪري، سگهوئي هو انگريز انجنيئرن سان سٺا تعلقات پيدا ڪري ويو، جن جي مهربانيءَ سان هن ٺيڪن مان گهڻو ڪمايو. هي جيترو ڪمائيندو هو، اوترو ڪشاده دليءَ سان خرچ به ڪري ڄاڻندو هو.[2].

سياست[سنواريو]

سنڌ جڏھن بمبئي جي ڪمشنريٽ ھئي

هن 1923ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو . 1923ع ڌاري ، هيءُ جيڪب -آباد- ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو . 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد -پٺاڻ- جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ -بمبئي- ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو . هن جا ڀُٽي خاندان سان ، پنهنجي والد جي زماني کان سٺا تعلقات هئا ، انڪري هن -بمبئي- ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو ، جيڪو -ان- زماني ۾ -بمبئي- ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو . ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري ، الهه بخش سومرو -بمبئي- ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو . اهڙيءَ طرح هي 1926ع کان 1936ع تائين ، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي ، -بمبئي- ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو.[3] .[2]. -ان- کان اڳ 1928ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو . -جنوري- 1931ع ۾ جيڪب -آباد- ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي ، هن لوڪل بورڊن جي تنظيم ، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ائسوسئيشن قائم ڪرايائين . -ان- موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي ، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل -انڊيا- مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا . 1934ع ۾ جڏهن جي . ايم . سيد جي بنگلي ( ڪراچيءَ ) ۾ ’پيپلزپارٽي ‘ ٺاهي وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز -ڀٽي- کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو . 1936ع ۾ ’-اتحاد- -پارٽي- ‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو . سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ -اتحاد- پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا ، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا ، -ان- تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام ، سر غلام حسين کي وزارت لاءِ گهرايو ، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف 5 ميمبر چونڊجي آيا هئا . هن مير گروپ کي وزارت ڏئي ، -اتحاد- پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي . ميران محمد شاهه به -اتحاد- -پارٽي- ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو ، انڪري -اتحاد- پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الهه بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي ليڊر چونڊي ، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو .[3].[1] [2]. 1937ع جي آخر ۾ -اتحاد- پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت سان هڪ پروگرام جي بنياد تي -اتحاد- ٿيو ۽ -ان- پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي ، جنهن تي الهه بخش ، هاشم گزدر ۽ جي . ايم سيد ميمبر هئا ؛ پر -ان- پروگرام تي عملدارن جي غلط روش ، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽ -اتحاد- پارٽيءَ جي وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نه ٿي سگهيو . نتيجي طور مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي ته الهه بخش ، خانبهادر کهڙي ۽ نهچلداس کي وزير ڪري کڻي ، پر اها تجويز به عمل هيٺ نه آئي . نتيجي طور مارچ 1938ع جي بجيٽ وقت ” هڪ رپويو ڪٽ “ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي وئي . هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺهي ، -ان- ۾ الهه بخش سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس وزيراڻي ٻه وزير ٿيا . جنهن صورت ۾ وزارت ٺاهڻ ۾ صرف ستن مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا ، انڪري مسلمانن جي -تعليم- يافته طبقي طرفان احتجاج ٿيو . نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو ، جنهن تي وزيراعظم الهه بخش سومري 29 مارچ 1938ع تي وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان -جاري- ڪيو ته ( 1 ) ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو ويندو ؛ ( 2 ) سکر -بئراج- سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي ، -ان- ڪري لوئر سنڌ -بئراج- جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوامي مفاد پورا ٿين: ( 3 ) -اتر- سنڌ ( روهڙي ڊويزن ) جا واهه سڌاريا ويندا: ( 4 ) ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا: ( 5 ) آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون: ( 6 ) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو ؛ ( 7 ) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويندو ؛ ( 8 ) مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون ؛ ( 9 ) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي وغيره .[1].[3].[2]. 1938ع ۾ الهه بخش وزارت ڍلون وڌايون ، جنهن تي -اتحاد- پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا . حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ ۾ شامل ٿي چڪو هو . 11 -آڪٽوبر- 1938ع تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا . اجلاس ۾ الهه بخش ۽ جي . ايم سيد به شريڪ ٿيا . سڀني مسلم ليڊرن الهه بخش کي مسلم ليگ سان الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪئي ، جا هن قبول ڪئي ۽ ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون . ليڊر جي مسئلي تي جناح صاحب نئين ليڊر جي چونڊ جي حق ۾ هو ۽ سر غلام حسين هن موقعي کي طاقت هٿ ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو . نتيجي طور ٺاهه ٽٽي ويو . الهه بخش ليڊر جي نئين چونڊ جي مخالفت ڪئي . نتيجي طور جناح صاحب ضد ۾ اچي مسلم ليگ ، -اسيمبلي- پارٽيءَ ۾ ليڊر سر غلام حسين کي ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي کي چونڊيو ، -ان- کان سواءِ جناح صاحب جي . ايم سيد کي حڪم ڪيو ته الهه بخش جي وزارت خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري ؛ پر الهه بخش وزارت نه رڳو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيل ڪيترن ميمبرن کي پاڻ سان ملائي ورتو ، پر خود مسلم ليگ پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر به مسلم ليگ ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيا . اهڙيءَ طرح اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جي حمايت صرف ستن ميمبرن ڪئي.[1] . 1939ع جي وچ ڌاري مسلم ليگ ، مسجد منزل گاهه ، مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو . هندو ميمبرن مخالفت ڪئي . مسلمانن مسجد تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا . مسلم ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو جيلن ۾ پيا . هندن خلاف غير سلامتيءَ واري فضا ٿي ، انڪري هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن عارضي نفعي لاءِ مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش جي وزارت کي شڪست ڏئي ، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو . هن وزارت ۾ جي . ايم سيد پڻ وزير ٿيو ، جنهن ’مسجد منزل گاهه ‘ جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن جي نقصان کي آڏو رکي ، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو مسلم -اتحاد- کي ضروري سمجهيو . هن ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش کي ويهاري ، هڪ فارمولو طيءِ ڪيو . جي . ايم سيد الهه بخش سومري کي وزارت ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پاڻ استعيفا ڏئي الهه بخش کي پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو ته -ٽن- مهينن اندر سر بنده علي جي جاءِ تي سر غلام حسين کي آندو ويندو ؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ قبول نه ڪيو . نتيجي طور هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي ، الهه بخش سومري کي طاقت ۾ آندو . اهڙيءَ طرح سنڌ آل -انڊيا- جماعتن جي اختلافن جو -آکاڙو- بنجي وئي .[1].[3].

"جنهن وقت سندس والد جو انتقال ٿيو، سندس فرزند مرحوم الله بخش جي عمر پنجويهه ورهيه کن هئي. انگريزي تعليم ڇڏي، ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. ڪاروبار ۾ هينئر پهريون دفعو سياست به شامل ٿي. پهرين لوڪلبورڊ جو ميمبر، پوءِ پريزيڊنٽ چونڊيو. ستت ئي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر منتخب ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ جو جدا صوبو قائم ٿيو ته پاڻ به وري نئينءَ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1938ع جي مارچ مهيني ۾، سر غلام حسين هدايت الله جي وزارت ڪِري، ته الله بخش مرحوم چيف منسٽر بڻيو. منزلگاهه وارن فسادن کان پوءِ، سال کن لاءِ وزارت کان ٻاهر رهيو، پر 1941ع ۾ ٻيهر وزارت عظميٰ مليس. 1939ع کان ٻي عالمگير جنگ شروع ٿي چڪي هئي. 1942ع ۾ ڪانگريس فيصلو ڪيو ته ماڻهو انگريزن وٽان مليل لقب واپس ڪن. مرحوم الله بخش به خانبهادريءَ جي لقب تان استعيفا ڏني. سنڌ جي انگريز گورنر، سر هيوڊو، ان قدم کي حلف وفاداريءَ جي ڀڃڪڙي ٺهرائي، آڪٽوبر 1942ع ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪيو، ۽ سندس جاءِ تي سر غلام حسين کي (جو خود الله بخش وزارت ۾ هوم منسٽر هو) وزيراعظم مقرر ڪيو. آڪٽوبر 1942ع کان مئي 1943ع تائين، مرحوم سياسي ۽ فلسفيانه ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهيو".[1].[3].[2].

خدمتون[سنواريو]

مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي -افغانستان- مان طويل جلاوطنيءَ بعد وطن سنڌ واپس آڻائڻ ۾ به الهه بخش سومري جو وڏو ڪردار آهي . ۽ 1942ع ۾ هن سنڌ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾ ، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو وطن واپسيءَ وقت ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو . ياد رهي ته مولانا سنڌي ، هند جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف -ان- وقت ٻاهرين ملڪن ۾ -جلاوطن- حڪومت جي رٿا تيار ڪري چڪو هو.[1] . ان زماني ۾ ڪانگريس انگريزن خلاف ’هندستان خالي ڪريو ‘ تحريڪ شروع ڪئي . مسلم ليگ -پاڪستان- جو نعرو هنيو ؛ ڪانگريس ۽ قومپرستن تي سختيون ڪيون ويون . الهه بخش سومري 26 سيپٽمبر 1942ع تي وائسراءِ کي خط لکي ، ’خانبهادري ‘ ۽ O . B . E ( آرڊر آف برٽش ايمائر ) جا لقب واپس ڪيا ۽ هندستان جي آزاديءَ جي حق جي ڳالهه ڪئي ، جنهن تي گورنر سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي مسلم ليگ جي مدد سان وزارت ٺهرائي ڏني . ان بعد الهه بخش سماجي ڪمن طرف توجهه ڏنو . سنڌ ٻوڏن هيٺ آيل هئي ، -ان- ۾ هن پنهنجون -آباد- زمينون ٻوڙائي ، شڪارپور شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.[1].[3] .

ڪيترين ٻين ڳالهين ۾ به الله بخش، پنهنجن همعصرن ۽ رفيقن کان بلڪل مختلف هو. مثلاً، هن صاحب وزارت جي سطحي اعزازن ۽ نمائشي پهلوئن کي ڪڏهن به استعمال نه ڪيو. نه سندس موٽر تي جهنڊي جهُلي، نه سندس سواريءَ وقت رستا بند ٿيا يا رستن تي باوردي پوليس بيٺي، نه پوليس جو گارڊ آف آنر ورتائين، ۽ نه اڳواٽ حڪم ڪري يا پروگرام ڪڍي استقبال لاءِ مجمعا ئي ڪٺا ڪرايائين. سندس اعزاز ۾ نه ڊنر ٿيندي، نه پارٽي، ۽ نه وري لوڪلبورڊ يا ميونسپل طرفان ڪا ايڊريس ئي پيش ٿيندي، جا چانديءَ جي قلمدان ۾ مڙهجي اچي سندس بنگلي جي سينگار جو سبب بڻجي. پير جو تمام هلڪو - ڪم پيو يا ضرورت پيش آئي ته دوست ڇا، زيردست وٽ به لنگهي ويندو. ڪپڙا تمام سادا پائيندو، پڇاڙيءَ ۾ ته جوڙي پهرڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن معمولي سوٽ، نه ته عام طرح سان سادو سنڌي وڳو. پير ۾ پهرين بخمل جو نرم سليفر، ۽ پڇاڙيءَ واري زماني ۾ پشاوري چپل. خاص موقعو هوندو ته شيرواني به ڍڪيندو. مٿي تي ٽوپي ته ترڪي، نرم، نه گانڌي ٽوپيءَ جي ويجهو، نه جناح ڪئپ جي قريب. موٽر ۾ چڙهندو ته پاڻ ڊرائيور جي ڀر ۾ ويهندو. ۽ پويان اعزازي جاين تي سنگتين کي ويهاريندو. ريل جو سفر ڪندو ته ساٿي هيٺين سيٽن تي سمهندا ۽ پاڻ مٿئين تختي تي پئجي رهندو. ڪم جي پٺيان پوندو ته ڪيترو وقت به، بغير ننڊ يا آرام جي پيو هلندو، پر جي ننڊ جو خيال ڪيائين ته فقط اکين ٻوٽڻ جي دير هوندي، پوءِ ڪرسيءَ تي ويٺل هجي يا ٽانگي تي چڙهيل. پڄي سگهندس ته نيڪي ڪندو، هٿ وٺي نقصان دشمن کي به نه رسائيندو. ڪاوڙ ڪيتري به هجيس، پر تِکو يا اُگرو اکر سندس وات تي هرگز نه ايندو. ڏکويل هوندو، ته به سندس چهرو ان ڪيفيت جي غمازي ڪرڻ کان عاجز پيو نظر ايندو. ٻيا وزير، وقت جو فائدو وٺي، ڀل پيا ڀڀ ڀرين، پر الله بخش لاءِ ”بالائي آمدني“ حرام هوندي. پڇاڙيءَ ۾ انتقال ٿيس ته مقروض حالت ۾، حالانڪ پنهنجي اباڻيءَ جائداد مان آمدني ڪافي هوندي هيس. مهمان نواز هو، ۽ هٿ جو ڇوٽ، جنهن کي ڏنائين، وري نه پچاريائين. خيرات سڄي هٿ سان ٿي، ته کٻي هٿ کي ڪا خبر ڪانه پيئي. پويان ڏينهن قرآن مجيد جو مطالعو ڪندو رهيو، ۽ سوشلزم ۽ اقتصادي مسئلن جو اڀياس.[1]. ابتدائي دؤر ۾، سندس وزارت هٿان ڪيترا چڱا ڪم ٿيا. مثلاً، درٻارين جو پراڻو رواج ختم ڪيو ويو، ڪمشنرن ۽ ڪليڪٽرن جي ڪرسين جا پروانا پورا ٿي ويا. لوڪلبورڊن ۽ ميونسپالٽين مان سرڪاري ٿاڦيل ميمبرن کي نيڪالي ملي، ورنه اڳ انهن ٿاڦيل ميمبرن جي ذريعي ڪامورا شاهي لوڪل باڊيز جي ڪاروبار ۾ گهڻي دست اندازي ڪندي هئي، سياسي قيدي آزاد ڪيا ويا، ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي به اجازت ملي ته جلاوطني ختم ڪري ڀل واپس اچي، ۽ پوءِ ستت ئي هو صاحب مڪي شريف مان روانو ٿي اچي سنڌ ۾ پهتو. اڳ وڏيرن کي اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور ڏنا ويندا هئا، جن جي آڌار تي هو پاڙي پنبي تي پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ويٺا هوندا هئا، پر الله بخش مرحوم ان رسم کي به رد ڪري ڇڏيو، توڙي جو ايم. ايل. اي. وڏيرا ڪيتري عرصي تائين ٻاڪاريندا رهيا، نظر بظاهر، توڙي جو اهي چڱا ڪم الله بخش مرحوم هٿان ٿيا، پر اها ڳالهه پڻ وسارڻ مناسب نه ٿيندي ته انهن قدمن کڻڻ لاءِ فضا تيار ڪرڻ ۾ وڏو هٿ جي.ايم. سيد جو هو..[3].[1]

سائين جي ايم سيد مطابق[سنواريو]

سائين جي ايم سيد مطابق :خانبهادر الهه بخش شروعات ۾ سنڌ جي عام مسلم سياستدان وانگر بنيادي طور سياست عمل (پرئڪٽيڪل پاليٽڪس) جو حامي هو. هو طاقت ذريعي ملڪي خدمت ڪرڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. ان ڪري ڪنهن آزاديءَ واريءَ عام تحريڪ ۾ هو تڪڙ ڪري ٽپي ڪو نه پيو. اهڙن ماڻهن جا دماغ نهايت صاف هوندا آهن. هو بنهه ڪنهن اتفاق سان تڪڙ ڪري يا جوش ۾ اچي، ڳڻ ڳوت کان سواءِ، قدم کڻندا آهن. جهڙيءَ طرح سر غلام حسين عمل جي سياست پئي هليو. بلڪل ان وانگر خانبهادر جو پڻ انهيءَ ئي سياست ۾ عقيدو هو. سر غلام حسين هڪ دفعي سياسي ڳڻ ڳوت ۾ غلطي ڪري نقصان سـَـٺو. پر ان کان پوءِ ڪڏهن به غلط اندازو نه لڳايائين. مرحوم الهه بخش به انهيءَ پايي جو ماڻهو هو. تفاوت ٻنهي ۾ هي هو ته سر غلام حسين عمر رسيده ۽ قانوندان ماڻهو هو. ان ڪري هو وڏين ڳالهين لاءِ جوکم جهڙو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هو. الهه بخش مقاطعدار ۽ واپاري ذهنيت جو ماڻهو هو. جي جوکم جي قدم کڻڻ لاءِ نه ڊڄندا آهن. انهيءَ ڪري ئي، جيتوڻيڪ ابتدا ۾ نظرياتي سياست ۾ هن جي دلچسپي نه هئي، پر آهستي آهستي پنهنجي قسمت ۾ آيل حالتن کان مجبور ٿي، ويو انهيءَ رنگ ۾ رچندو.[2]. انهيءَ جي ابتدا دهليءَ ۾، اپريل 1940ع جي آخر ۾، مسلم ليگ کان ٻاهر قوم پرستن جي هڪ ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ کان شروع ڪيائين. جنهن ڪانفرنس کي "آزاد ڪانفرنس" جي نالي سان سڏيو ويو. انهيءَ نظرياتي سياست جي طرف هن جڏهن توجهه ڏيڻ شروع ڪيو ته اسان مان گهڻن کي شهه ڏيئي ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو اسڪول جي ڏينهن ۾ رياضيءَ جي ڪم ۾ نهايت هوشيار هو. انهيءَ پنهنجيءَ لياقت کي هن سياسي نظرين ۾، آئڊيلسٽ سياستدانن جي نقطه نگاهه سان، استعمال ڪيو.[2]

وفات[سنواريو]

14 مئي 1943ع تي صبح جو سنڌ جو هي محب وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو . سندس قتل جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳايو ويو . الهه بخش سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو . سنڌ جي بزرگ سياستدان سائين جي . ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’-جن- سين'>-جنب گذاريم -جن- سين- ‘ ۾ کيس ’سنڌ جو دودو ثاني ‘ سڏيو آهي . سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي[3].

اوائل مئي 1943ع ۾، شڪارپور شهر اندر، حرن جي هڪ ٽولي کيس شهيد ڪيو. حرن کي ڏانهنس هيءَ شڪايت هئي ته سندس وزارت جي زماني اندر مارشل لا لڳو هو، جنهن جي دوران ۾ (مارچ 1943ع) حڪومت خود پير صاحب پاڳاري رحمت الله عليہ کي ڦاسي ڏيئي شهيد ڪيو هو.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 ڪتاب:اھي ڏينھن اھي شينھن٬جلد،۱؛ليکڪ:پير علي محمد راشدي؛ايڊيشن:۲۰۰۰ ؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو.
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 3.7 الهه بخش سومرو شهيد : (Sindhianaسنڌيانا)


Noia 64 apps xeyes.png پڻ ڏسندا[سنواريو]