بحث:سنڌي ثقافتي ڏھاڙو

Page contents not supported in other languages.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حولا گهربل[سنواريو]

@JogiAsad: ادا ھن مضمون ۾ صرف ھڪ حوالو شامل آھي، ۽ انتھائي مختضر مضمون آھن، اوھان ان کي ڪئين مُک صفحي تي رکي ڇڏيو آھي؟ پھرين وقت ڪڍي ان کي بھتر ڪيو تھ جيئن ان معيار تي پورو تھ لھي سگهي. ارسلان (ڳالھ) 10:38, 18 نومبر 2018 (UTC)

@Arslanali: سنڌي ثقافتي ڏيهاڙو اچڻ وارو آهي باوجود ان ۾ ڪمزور حوالا شامل هجڻ جي مون انکي مک صفحي تي انڪري رکيو آهي ته جيئن موقعي جي مناسبت سان ماڻهو اها لاڳاپيل ڄاڻ حاصل ڪري سگهن ، توهان پڻ ان مضمون ۾ سنوار ڪري واڌارو ڪري سگهو ٿا. ۽ هاڻي ان مضمون ۾ ڪجه واڌارو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجه حوالا پڻ شامل ڪيا ويا آهن، توهان پڻ ان مضمون ۾ واڌارو آڻيو. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 13:44, 18 نومبر 2018 (UTC)

عنوان درست ناھي[سنواريو]

@JogiAsad: سنڌ ھڪ مخصوص علائقو آهي، جڏھن تہ سنڌيت ھڪ سوچ آھي جيڪا سرحدن کان آجي آھي. سنڌي ثقافت رڳو سنڌ تائين محدود ناھي، ان کي ملھائڻ ۽ وڌائڻ وارا سڄي دنيا ۾ موجود آھن. تنھڪري ھي عنوان درست ناھي. عنوان کي سنڌي ثقافتي ڏھاڙو ڏانھن ورايو وڃي. مھرباني.--119.160.67.116 16:06, 6 ڊسمبر 2020 (UTC)

بلڪل درست فرمايو آهي توهان، عنوان کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو عنوان ڏانهن چوريو ويو آهي، توهان جي صلاح مشوري لاءِ اسان توهان جا ٿورائتا آهيون، وڪيپيڊيا هڪ گهڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا رِٿا آهي، جنهن ۾ توهان پڻ ڀاڱيداريون ڪري سنڌي وڪيپيڊيا کي مضمونن جي مقدار ۽ معيار ۾ بهتر بڻائڻ، سنوارڻ ۾ سنڌي وڪيپيڊيا ۽ سنڌي ٻولي جي سيوا (خدمت) ڪري سگهو ٿا (ٿيون)، جيئن ته توهان هڪ آءِ پي ايڊريس وسيلي ترميم (سنوار) ڪري رهيا آهيون، تنهنڪري توهان کي سُهڻي صلاح ڏيجي ٿي ته توهان پنهنجو وڪيپيڊيا کاتو ٺاهيو، جيڪڏهن اڳ ۾ کاتو ٺهيل آهي ته ان سان داخل ٿي سنوارون ڪريو، ته جيئن توهان جو ڀاڱيداريون توهان جي نالي سان ڳڻجي سگهجن جيڪي هميشه لاءِ توهان پاران سنڌي ٻولي، سنڌي وڪيپيڊيا لاءِ خدمتن طور ڳڻيون وينديون. وڌيڪ ڪوبه سوال يا مونجهارو هُجي تي منهنجي ڳالهه ٻولهه (بحث) صفحو تي يا وڪيپيڊيا چانهه گهر ۾ پڇي سگهو ٿا. لک لک ٿورا، توهان سميت سنڌ ۽ سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو جون لک لک واڌايون. جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 17:08, 6 ڊسمبر 2020 (UTC)