مُک صفحو


چونڊ مضمون
افغانستان ۾ سوويت ويڙهه يا روسي ويڙهه 9 سال تائين وِڙهي وئي. ان جي شروعات ڊسمبر 1979۾ ٿي جڏهن تہ ان جي پُڄاڻي فيبروري 1989 ۾ ٿي هُئي. اِن لڙائيءَ ۾ هڪ پاسي ته افغان فوج جي نالي تي روسي فوج وِڙهي رهيئ هئي ته ٻئي پاسي وري سموري دُنيا جا مجاهدين روس جي خلاف جنگ جي ميدان تي لَٿل هيا. آمريڪا ۽ روس جي وچ۾ سرد جنگ جي ڪارَڻِ امريڪا اِن جنگِ ۾ سامهون ٿي ڪُڏي نه پئي پوڻ چاهيو هيو پَرامريڪي سي آءِ اي ۽ پاڪستاني آءِ ايس آءِ کُليل طور مجاهدين جي تربيت ۽ هر طرح سان سهائتا ڪئي. برطانيا، آمريڪا، سعودي عرب ،پاڪستان ۽ ٻين ملڪن روس جي خلاف اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ اهي ڏوڪڙ مجاهدين ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کي ڏنا ويا. پاڪستان پڻ اُن جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڪستان منجهان هزارين مجاهدين روس جي خلاف وِڙهڻ لاءِ افغانستان ويا هيا.


بهترين مضمون
باڪو آذربائيجان جو آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شهر ۽ ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ آهي. هاڻوڪي ميئر جو نالو حاجي بالا ابوطالبوف آهي. آباديءَ ۽ پکيڙ ۾ ھي شھر ڪوھ قاف ريجن ۽ ڪيسپئن سمنڊ جو پڻ سڀ کان وڏو شهر آهي. 2020 تائين باڪو آذربائيجان جو واحد ميٽروپوليٽن شھر يا ميٽروپولس آھي. باڪو تيل جي دولت سان مالا مال علائقي ۾ واقع هجڻ سبب تيل جي صنعتن جو مرڪز آهي. باڪو شھر جي آڳاٽي حصي جي چئوگرد فصيل آهي. شھر جي ان پراڻي حصي کي ڊسمبر سال 2000 ۾ گڏيل قومون جي ذيلي اداري يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو. شطرنج جي عالمي شهرت يافتہ رانديگر گيري ڪيسپاروف جو تعلق انهيءَ شهر سان آهي.


هاڻوڪا واقعا
ڪورونا وائرس جي وبا – بيماري – وقت پٽي (ٽائم لائن) – علائقي جي لحاظ کان – موت ۽ردعمل – ڪوششون - وڪي منصوبو ڪووڊ-19
- اسلامي انقلابي گارڊ ڪور ۽ القدس فورس جو سپاهه سالار ايراني جنرل قاسم سوليماني (سامهون تصوير ۾:سوليماني) 3 جنوري 2020، بغداد ويجهو بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ٿيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو.


وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!
وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني ڄاڻ چيڪلو آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي ١٥٬٣٣٨ مضمون موجود آهن.


اڄ جو لفظ
{{اڄ جو لفظ/اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.}}


اڄ جو قول
- جي ايم سيد جا قول
- قومون، عقيدن ۽ نظرين تي جنم ناهن وٺنديون، پر وطن، زبان، تهذيب، جاگرافي حدن ۽ اقتصادي بنيادن تي ٺهنديون آهن.
- بلاشڪ اهڙن ماڻهن کي اصل معاف نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي غلط ڪم ڪري پوءِ به پڇتائين ڪونه ٿا.
- ڪمزور، بزدل، بيوقوف ۽ غدار ۾ تميز هئڻ ضروري آهي.
- جيڪا ڳالهه زوري مڙهي ويندي آهي اها پائيدار نه هوندي آهي.
- جيسين اسان جي ڪارڪنن جو اخلاق درست نه ٿيندو تيسين هو ڪجهه به ڪري نه سگهندا.
- مون وٽ ته ڇا پر ڪنهن وٽ به ڪا ”نئين شيءِ“ ڪو نه آهي، اهي سڀ پراڻيون شڪليون آهن جن کي نئين نموني ۽ نئين انداز سان ورجايون ٿا.
- هر اها ڳالهه ڪريو جيڪا ڪري سگهو اوهان ”غلام“ آهيو. اوهان جو حڪومت تي ڪو به ”دٻاءَ“ يا ”اثر“ نه پوندو.
- اقتصاديات کي درست ڪرڻ سان ئي انصاف درست ٿيندو.[1]


ڇا توھان ڄاڻو ٿا


اڄ جي تصوير


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟
سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت ١٥٬٣٣٨ مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.
|
![]() |
مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو. |
- ↑ "سائين جي ايم سيد جا قول - Wikinews". sd.wikinews.org. حاصل ڪيل 2020-01-30.
سنڌي وڪيپيڊيا ۾ ڀلي ڪري آيا!
،
،
،
۽
۾ گڏجو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: