رام بخشاڻي
| رام بخشاڻي | |
|---|---|
رام بخشاڻي 2023ع تي دبئي ۾. | |
| پيدائش | 1941 حيدرآباد، سنڌ، برطانوي ھندوستان |
| وفات | 8 جُولاءِ 2024، (83 سال) دبئي |
| تعليم | واشنگٽن عالمي يونيورسٽي |
| پيشو | واپاري ۽ ليکڪ |
| ويب سائيٽ | |
| rambuxani | |
رام بخشاڻي (انگريزي: Ram Buxani)، سنڌ ڄائو ھندوستاني ڪاروباري شخصيت، ليکڪ ۽ آئي ٽي ايل ڪوسموس گروپ (انگريزي: ITL Cosmos Group) جو چيئرمين ھو.[1][2] ھن ھندوستاني برادري ۾ تڏھن شھرت ماڻي، جڏھن 1985ع ۾ ھن جي ڪوششن سبب ھندوستاني حڪومت وارثت ٽيڪس جو خاتمو آندو.[3]
ذاتي زندگي
[سنواريو]رام بخشاڻي 1941ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ڄائو،[1] ھن جي خاندان 1947ع تي ھندوستان جي ورھاڱي وقت سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي.[1] جڏھن ھي اڃان پنجن سالن جو ھو تہ ھن جو والد وفات ڪري ويو.[4][5]
جڏھن ھي 18 سالن جو ٿيو تہ پنھنجي خاندان ۽ بيواہ ماءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ ممبئي ۾ نوڪري جي تلاش شروع ڪئي. ان وقت اخبار ۾ ھڪ اشتھار ڏسي ھي نوڪري لاءِ دبئي روانو ٿيو جتي 1959ع تي آئي ٽي ايل آئوٽ پوسٽ جي دبئي آفيس تي آفيس ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو ۽ 2014ع تي ساڳي ڪمپني ڪوسموس آئي ٽي ايل گروپ جو چيئرمين بڻيو.[1][6]
بخشاڻي عملي ۽ ادبي شخيصت جو مالڪ ھو، ھن 28 ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.[1] ھن کي ٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو.[1]
ھن جي 2003ع ۾ ڇپيل آتم ڪٿا آکيرا آڪاس ۾ (انگريزي: Taking the High Road)، دبئي ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي، انگريزي ٻولي ۾ لکيل ان ڪتاب جو سنڌي سميت ھندي، عربي، ملايالم سميت ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڇڪي آھي.[7][8] ھن جو ٻيو ڪتاب، سنڌي - عالمي معشيت کي ڏنل خدا جو تحفو (انگريزي: Sindhis – God’s Gift to Global Economy) 2007ع تي ڇپيو.[9]
پيشوار زندگي
[سنواريو]بخشاڻي 2000ع کان 2008ع تائين انڊس بينڪ جو ڊائريڪٽر رھيو..[10] 2002ع کان 2004ع تائين انڊين ھائي اسڪول، دبئي جي بورڊ جو چيئرمن پڻ رھيو.[7]
بخشاڻي گڏيل عرب اماراتن ۾ سمنڊ پار ھندوستانين جي معاشي فورم (انگريزي: Overseas Indians Economic Forum (UAE)) جو 1987ع کان 1993ع تائين ۽ 1995ع کان 1999ع تائين باني ۽ صدر پڻ رھيو.2023ع کان ھن تنظيم کي انڊين بزنس اينڊ پروفيشنل ڪائونسل (انگريزي: Indian Business and Professional Council.) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.[8] ڪويت مٿان عراقي حملي وقت اتان ايندڙ ھندوستانين لاءِ ھن گڏيل عرب اماراتن اندر عارضي رھائش جو بندوبست پڻ ڪيو ھو.[8]
وچ اوڀر جي فوربس ميگزين ھن کي 2014ع[11]، 2016ع[12] ۽ 2017ع,[13] تي وچ اوڀر ۾ ھندوستان جي چوٽي وارن اڳوانن ۾ شمار ڪيو ۽ فوربس پاران 2017ع تي ھن کي "لائيف اچيوومنٽ ايوارڊ" سان پڻ نوازيو ويو.[14]
وفات
[سنواريو]ھي 8 جُولاءِ 2024ع تي 83 سالن جي ڄمار ۾ دبئي ۾ وفات ڪري ويو.[15]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 Wendel, Samuel (22 May 2017). "Ram Buxani: The Businessman Who Witnessed Dubai Flourish And Prosper". Forbes (Middle East). 8 July 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ (en ۾) News Review on West Asia. 1988. https://books.google.com/books?id=mptCAAAAYAAJ.
- ↑ (en ۾) NRI World - Volume 1, Issue 1 - Page 26. J. Singh. 1989. https://books.google.com/books?id=KUUWAQAAMAAJ.
- ↑ Vieira, Walter (2016). The impatient manager. Thousand Oaks, California. ISBN 978-9385985287. OCLC 957558086. https://www.worldcat.org/oclc/957558086.
- ↑ (en ۾) Business India, Issues 818-822. A. H. Advani. July 2009. https://books.google.com/books?id=u8AiAQAAMAAJ&q=buxani+father.
- ↑ Sharma, Rahul (2009-08-23). "Ram Buxani: The Golden Jubilee Man who Grew with Dubai". Khaleej Times. 2018-01-12 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedarticle_khaleej_2015 - 1 2 3 "About Dr. Ram Buxani, Profile Description of the Company, Cosmos - International Traders (Middle East) Ltd". International Chamber of Commerce, United Arab Emirates. 23 November 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Buk̲h̲shānī, Rām (2007) (en ۾). Sindhis: God's Gift to Global Economy : a Reflection. https://books.google.com/books?id=Xy70oAEACAAJ.
- ↑ "Executive Profile, Ram Buxani Ph.D." Bloomberg. 23 November 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Top Indian leaders in the Arab World 2014: Top Owners - Forbes Middle East". Forbes Middle East (آمريڪي انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2018-01-12 تي محفوظ ڪيل. 2018-01-12 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Top 100 Indian Business Leaders In The Arab World - Forbes Middle East". Forbes Middle East (آمريڪي انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2018-01-12 تي محفوظ ڪيل. 2018-01-12 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Top 100 Indian Leaders in UAE - Forbes Middle East". Forbes Middle East (آمريڪي انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2018-01-12 تي محفوظ ڪيل. 2018-01-12 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Indian businessman awarded by Forbes Middle East". www.khaleejtimes.com. 2018-01-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Reporter, A. Staff. "Dubai: Veteran Indian businessman Ram Buxani dies". Khaleej Times (انگريزي ۾). 2024-07-08 تي حاصل ڪيل.