بالشيوزم

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

بالشويزم (Bolshevism) جو اصطلاح سڀ کان اڳ 1903ع ۾ استعمال ٿيو، جڏهن لنڊن ۾ روسي ”سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ“ جو اجلاس ٿيو، ان اجلاس ۾ مارڪسي اشتراڪيت جي ٻن نظرياتي شاخن بالشويڪن ۽ مينشويڪن ۾ چٽو فرق نظر آيو. روسيءَ ۾ ”بالشويزم“ جو مطلب ”اڪثريت وارا(گهڻائي وارا)“ ۽ مينشويزم“ (Menshevism) جو مطلب ”ٿورائيءَ وارا“ آهي. بولشويڪن (گهڻائيءَ وارن) جو اڳواڻ لينن هو. هنن جي ڪاميابيءَ کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي ”بالشويڪ پارٽي“ سڏيو ويو. لينن ۽ سندس ساٿين جو مقصد ڪارل مارڪس جي تعليمات جي روشنيءَ ۾ مزدورن کي متحد ڪري روسي بادشاهه زار (Tzar) جو انقلاب (Revolution) رستي تختو اونڌو ڪري، سچي معنيٰ ۾ ”پورهيتن جي حڪومت“ قائم ڪري، ملڪ ۾ ڪميونسٽ نظام لاڳو ڪرڻ هو. ٻئي طرف مينشويڪن (ٿورائيءَ وارن) جو اڳواڻ پلي خان نوف (1857-1918ع) هو، جيڪو اعتدال پسند هو ۽ ان جو خيال هو ته روس ۾ انقلاب آڻڻ کان اڳ ان ۾ ٻين يورپي ملڪن وانگر وچولي قسم جي جمهوريت آندي وڃي، هو انقلاب لاءِ رڳو پورهيتن کي نه پر سموري عوام کي ڪتب آڻڻ جو حامي هو. نيٺ 1903ع جي لنڊن اجلاس ۾ لينن جي حامين کي گهڻائي حاصل ٿي، ان ڪري کين بولشويڪ سڏيو ويو ۽ انهن ئي نومبر 1917ع ۾ روس ۾ ”پورهيت انقلاب“ آندو. 1918ع ۾ لينن ۽ سندس ساٿين بالشويڪ پارٽي جو نالو بدلائي ان کي ”ڪميونسٽ پارٽي“ سڏيو.[1]

عظيم آڪٽوبر انقلاب[سنواريو]

25 آڪٽوبر 1917ع ۾ روس منجهه آيل بالشويڪ انقلاب (बोल्शेविक क्रांति) يا ”عظيم آڪٽوبر انقلاب“ (Bolshevik Revolution) ڪميونسٽ اڳواڻ ولادي مير لينن (1924ع - 1870ع) ۽ سندس ساٿين جي اڳواڻيءَ ۾ آيو. اِن انقلاب کي روس جي ٻين سياسي حلقن دل سان قبول نه ڪيو، جنهنڪري 1917ع کان 1922ع تائين ملڪ ۾ گهرو ويڙھ هلندي رهي. ان گھَرُو ويڙھ جو خاتمو 1922ع ۾ سوويت يونين جي وجود ۾ اچڻ سان ٿيو. پهرين عالمي جنگ دوران روس معاشي طور تي تباهه ٿي چڪو هو، جنهن ڪري فوج ۽ عوام سميت هر طبقو تڏهوڪي روسي شهنشاھ نڪولس ٻئي جي سرڪار ۽ وزير اعظم ڪيرنسڪي منجهان سخت بيزار هو. روس جي ڪميونسٽن انهيءَ گھوٽالي واري صورتحال جو فائدو وٺندي، جرمن مُفڪر ڪارل مارڪس جي ويچارن منجهان ڪڍيل سياسي نظام پُرتشدد انقلاب ذريعي پهريون ڀيرو دنيا جي هڪ علائقي اندر لاڳو ڪيو. بالشويڪ، سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو اهو گروهه هو، جيڪو جمهوري تبديليءَ بدران ڏاڍ واري طريقي سان انقلاب آڻڻ جو حامي هو. انقلاب کانپوءِ ولادي مير لينن ڪميونسٽ حڪومت جو سربراهه ٿيو ۽ سندس اڻٿڪ ڪوششن سان تباهه حال روس دنيا جي عظيم سياسي ۽ فوجي طاقت بڻجي اُڀريو. جيئن ته لينن جو لاڳاپو به ڪميونسٽ پارٽيءَ جي بالشويڪ گروپ سان هو، تنهڪري آندل انقلاب مٿان به اهو نالو مشهور ٿيو. [2]

حوالا[سنواريو]