وڪيپيڊيا:هدايتون ۽ حڪمت عمليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


هي منصوبو اڃا اڻ پورو (نامڪمل) آهي، جنهن جي تعمير جاري آهي۔ توهان هن ۾ واڌارو ڪري انکي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهو ٿا۔

وڪيپيڊيا هڪ گڏيل منصوبو آهي، هن جي بانين ۽ مشارڪين (شرڪت ڪندڙن) جو هدف(مقصد) پڻ گڏيل آهي:

وڪيپيڊيا جي ذريعي اسانجو حدف/مقصد هڪ آزاد ۽ قابل اعتماد ڄاڻ چيڪلي (انسائيڪلوپيڊيا) جي تياري آهي، جڏهن ته اسان انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو ڄاڻ چيڪلو (دائرۃ المعارف، انسائيڪلوپيڊيا) تيار ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪو مقدار ۽ اونهائيءَ (گهرائيءَ) ۾ هر لحاظ کان ممتاز(پڌرو) هجي.

وڪيپيڊيا ۾ ڪجهه اصول ۽ حڪمت عمليون ٺاهيون ويون آهن ته جيئن تحرير ۽ تدوين، ترميم ۽ گڏيل مقصد تائين پهچڻ سولو ٿئي. ان ۾ ڪجهه حڪمت عمليون ۽ اصول زير ترتيب آهن؛ جڏهن ته ٻيا اصول ۽ حڪمت عمليون گهڻي وقت کان ٺهيل آهن ۽ انهن جي حوالي سان اڃا تائين ڪو قابل ذڪر/ڌيان جوڳو اعتراض سامهون ناهي آيو. جڏهن ته هي حڪمت عمليون لاڳيتو اُسرندڙ آهن، پر وڪيپيڊيا يوزرن يوزر (واپرائيندڙن) جو خيال آهي ته اصولن ۽ ضابطن کي ان طرز/نموني تي لِکت يا تحريري شڪل ڏجي جو سڀني پاسن جو احاطو ٿي وڃي، جيڪو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي۔
جيڪي يوزر (واپرائيندڙ) حسن نيت سان گڏ، اخلاق(شائستگي) برقرار رکندي، عام اتفاق جي عمل ۾ هڪ اڻ ڌريئي ڄاڻ چيڪلي جي تياريءَ ۾ سلهاڙيل آهن، انهن کي لازمي طور هِتي جَس لهڻ ۽ ڀليڪار (آداب، فضيلت، لڇڻ (Etiquette)) جو ماحول نصیب ٿيندو.

بنيادي حڪمت عمليون[سنواريو]

Wikipedia policies and guidelines are developed by the community to describe best practices, clarify principles, resolve conflicts, and otherwise further our goal of creating a free, reliable encyclopedia. There is no need to read any policy or guideline pages to start editing. The five pillars is a popular summary of the most pertinent principles.