کليل مواد
ڏيک

کليل مواد (انگريزي: Free content)، يا آزاد ۽ مفت مواد مان مراد اھڙو ڪم آھي، جيڪو ڪنھن ڪتاب، سافٽويئر يا ٻي ڪنھن شڪل ۾ دستياب ھجي ۽ جيڪو آزادي سان پڙھي سگهجي، ان کي ڪاپي، ٻيھر ونڊ ڪري سگهجي، يا ان ۾ مطلوبہ تبديليون ڪري ٻيھر جاري ڪجي. ڪن مخصوص اجازت نامن سان ان کي تجارتي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪري سگهجي.[1]
ھن قسم جي مواد ۾ عوامي کاتي تحت ميسر سڄو مواد شامل ھوندو آھي، ڪن خاص موقعن تي حق ۽ واسطن تحت محفوظ ڪيل مواد کي پڻ کليل مواد طور جاري ڪيو ويندو آھي. ڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامي ۾ اوھان مختلف اجازت نامن بابت پڙھي سگهو ٿا، ۽ کليل مان اسان جي مراد ڇا آھي، ان لاءِ کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا ۾ وڃي، وڌيڪ تفضيل سان پڙھي سگهجي ٿو.
وڌيڪ ڏسو
[سنواريو]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Erik Möller, e.a. (2008), "Definition of Free Cultural Works", 1.1, freedomdefined.org, اصل کان 18 August 2016 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 اپريل 2015۔