مواد ڏانھن هلو

داغستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمھوريه داغستان
ريپبلڪ آف داغستان
Banner of جمھوريه داغستان
Banner
Coat of arms of جمھوريه داغستان
Coat of arms
ترانو: قومي ترانو
روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل
روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل
مڪانيت  داغستان  

  (تيزسائو)يورپ ۾  

  (سائو)
مڪانيت  داغستان     (تيزسائو)

يورپ ۾     (سائو)

Coordinates: 43°06′N 46°53′E / 43.100°N 46.883°E / 43.100; 46.883
ملڪروس
وفاقي ضلعواتر ڪوھ قاف[1]
معاشي ريجناتر ڪوھ قاف جي معاشي ريجن[2]
قيامJanuary 20, 1921[3]
گادي جو هنڌمخاچ قلعه
حڪومت
• باڊيپيپلز اسيمبلي[4]
سربراھ[4]سرجي ميليخوف
ايراضي
• ڪل50,300 چورس ڪلوميٽر (19,400 چورس ميل)
ايراضي درجو52nd
آبادي
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
ٻهراڙي
54.8%
وقتي علائقوUTC+3 ([6])
آء ايس او 3166 ڪوڊRU-DA
لائسنس واريون پليٽون05
اوڪٽمو ID82000000
سرڪاري ٻوليونروسي;[7] [8][9]
ويب سائيٽhttp://www.e-dag.ru/
غونيب ۾ ھڪ ڦٽل قلعو
ليزگين جو ترڪ ڪيل ڳوٺ گرار
ڪارا ڪوئيسو ندي جو ڪينيان لڳ منظر

داغستان (انگريزي: Dagestan) جنھن جو سرڪاري نالو "ريپبلڪ آف داغستان" آھي، روسي وفاق ۾ واقع ھڪ ريپبلڪ يا جمھوريه آهي جيڪا ڪيسپئن سمنڊ جي اولھندي ڪناري ۽ ڪوھ قاف جبلن جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي گادي جو هنڌ مخچڪالا آھي جيڪو ڪيسپئن سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. داغستان جي ٻين شھرن جا نالا دربند، قزليار، ايزبرباش، ڪازپيسڪ ۽ بويناڪسڪ آھن. داغستان جي آبادي لڳ ڀڳ 31 لک آھي،[10] جنھن ۾ 30 نسلي گروھ ۽ 81 قوميتون شامل آهن.[11] داغستان روس جي اندر سڀ کان وڌيڪ نسلي گروھن ۽ سڀ کان وڌيڪَ ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن واري ريپبلڪ آهي.[12] آبادي جي اڪثريت ڪوھ قافي، ايراني ۽ ترڪ ٻوليون ڳالھائيندڙ آھي.[11] انھن سڀن ۾ روسي ٻولي پوري ريپبلڪ جي رابطي واري ٻولي آھي.[13] داغستان جي آبادي جي اڪثريت مسلمان آھي ۽ اھا روس جي ڇھن مسلم ريپبلڪن مان ھڪ آھي.

تاريخ

[سنواريو]
1856ع ۾ جي.گراس پاران ٺاھيل ڪوھ قاف جبلن جو نقشو
دربند شھر قديم ھجڻ ڪري يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل
ايراني بادشاھ نادر شاھ جا 42-1741ع ۾ جاري ڪيل چاندي جا سڪا جيڪي داغستان جي ضربخاني ۾ تيار ٿيا ھئا

شروعاتي عيسوي صدين م موجوده آذربائيجان ۽ ڏکڻ داغستان ۾ ڪوھ قاف واري البانيا قائم ٿيل ھئي جيڪا پھرين فارس جي ايمپائر جي خراج ڏيندڙ رياست ۽ پوء ان جي زيردست بڻجي وئي. ساساني ايمپائر جي شروعات ۾ اھا البانيا جي نالي سان ايمپائر جو صوبو ٿي رھي. اڳتي ھلي ھن ملڪ بجي آبادي زرتشتي مذھب ڇڏي عيسائيت اختيار ڪئي.

دربند شھر ساساني دؤر جي قلعي واقع ھجڻ سبب مشھور آھي جنهن کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي

پنجين صدي عيسويءَ ۾ ساساني غلبي قائم ٿيڻ بعد ساسانين دربند ۾ ھڪ قلعو تعمير ڪرايو جيڪو بعد ۾ "ڪيسپئن گيٽز" (ڪيسپئن سمنڊ جا دروازا) جي نالي سان مشھور ٿيو. داغستان جو اتريون پاسو ھُنَن جي قبضي ۾ رھيو جن بعد اتي ڪوھ قاف جي آوار نسل وارن جو غلبو ٿيو. فارس جي ساساني ايمپائر جي دؤر ۾ ڏکڻ داغستان جو شھر دربند فارسي تھذيب ۽ ثقافت جو مرڪز ٿي ويو.[14][15] 664ع ۾ دربند اموي خلافت جي قبضي ۾ آيو اسلامي ثقافت جو مرڪز ٿي ويو ۽ پندرهين صدي عيسويءَ تائين ھن علائقي مان عيسائيت جو نالو نشان ختم ٿي ويو. منگولن جي دور پوري ٿيڻ وقت ھن خطي م طاقت جا نوان مرڪز: ڪائتاڪ ۽ تارڪي قائم ٿي چڪا ھئا. سورھين صدي عيسويءَ ۾ فارس جي صفوي ايمپائر ھن خطي جي گرفت مضبوط ڪئي اھڙي طرح اوڻويھين صدي عيسويءَ تائين قابض رھيا. روسي پيٽر اعظم ارڙھين صدي ۾ 23-1722ع جي جنگ جي نتيجي ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان لڳولڳ حصو پنھجي قبضي ۾ آندو پر صفوي ايمپائر کي 1735ع ۾ ٿيل گنجه واري معاهدي تحت آھي علائقا واپس مليا. سال 1747ع کان فارس جي داغستان تي حاڪميت دربند خانيٽ ذريعي شروع ڪئي وئي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ دربند ھيو. سال 1796ع ۾ دربند روسي ايمپائر جي قبضي ۾ آيو پر بعد ۾ دربند سميت پوري ڪوھ قاف ۾ روس شڪست کائي ٻاھر نڪري ويو.

امام شامل 25 آگسٽ 1859ع ۾ ڪائونٽ بارياٽنسڪي آڏو پيش پوندي

سال 13-1804 واري روس ايمپائر ۽ فارس جي قجر ايمپائر وچ ۾ ٿيل جنگ دوران داغستان تي روس جي اثر رسوخ کي تسليم ڪندي سال 1806ع ۾ دربند خانيٽ کي گلستان واري معاهدي تحت رضاڪارانه طور تي روسي ايمپائر جي حوالي ڪيو ويو.[16] سال1828ع ۾ ترڪمنچائي واري معاھدي سان فارس جو ھن علائقي تان اثر ختم ٿي ويو.[17] روسي ايمپائر دوران علائقي ۾ سخت محصول لڳايا ويا ۽ ماڻھن جون ذاتي ملڪيتون سرڪاري تحويل ۾ ورتيون ويون جن عملن مايوسي پيدا ڪئي جنھن مقامي مسلمان جابلو رھاڪن کي بغاوت تي مجبور ڪيو اھڙي طرح امام غازي محمد (1828–32)، حمزه بيگ (1832–34) ۽ امام شامل (1834–59) جي قيادت ۾ مزاحمت شروع ڪئي. 1864ع تائين ڪوھ قاف ۾ اھا جنگ ھلندي رھي.

داغستاني ماڻھو جو 1907 کان 1915 وچ ۾ نڪتل ڦوٽو

داغستان ۽ چيچنيا جي مزاحمتي جنگ کي روس ۽ ترڪي واري 78 -1877 واري جنگ مان روسي ايمپائر خلاف بغاوت ڪرڻ ۾ فائدو ٿي رهيو هو. 21 ڊسمبر 1917ع تي انگشتيا، چيچنيا ۽ [[داغستان آزادي جي اعلان ڪندي اتر ڪوھ قاف جي جبل واسين جي متحدہ رياست قائم ڪئي جنھن جو نالو مائونٽينينس ريپبلڪ آف نادرن قفقاز ھو جنھن کي عالمي طاقتن تسليم ڪري ڇڏيو. ان جو گاديءَ جو هنڌ تمير خان شھر ۾ ھيو.[18][19] ان رياست جو پھريون وزيراعظم چيچن سياستدان تاپا شيرموويف ٿيو. ٻيون وزيراعظم انگوش نسل جو وسن گيري ژيباگئيف ٿيو جنھن 1917ع ۾ ملڪ جو آئين پڻ پاڻ تيار ڪيو. سال 1920ع ۾ جي ٽئين مدي لاء چونڊجي آيو.[20] بالشيوڪ انقلاب کان پوءِ خلافت عثمانيه جي فوج آذربائيجان ۽ داغستان ۾ گھري آيون ھيون. وائيٽ موومينٽ نالي ڪميونسٽ مخالفن، قومپرستن ۽ ڪميونسٽ بالشويڪن وچ ۾ ٽن سالن تائين ويڙھ ھلڻ بعد بالشويڪن کي فتح حاصل ٿي جنھن سان 20 جنوري، 1921ع ۾ داغستان آٽونامس سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي قيام جو اعلان ٿيو. سال 1999ع ۾ چيچنيا جي اسلامي گروپ جا حامي شامل باساييف ۽ ابن الخطاب جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيل فوجي مھم دوران داغستان ۾ آزاد اسلامي رياست قائم ڪرڻ جي نيت سان داغستان ۾ گھري آيا. مقامي ماڻھن سندن حمايت نہ ڪئي ۽ روسي فوج کين ڌڪي ٻاھر ڪڍيو.[21] ان جي نتيجي ۾ انتقام طور روسي فوج ٻين چيچن جنگ جي شروعات ڪئي.[22]

نالي جو مطلب

[سنواريو]

لفظ داغستان ترڪ ٻولي جي لفظ "داغ" (جنھن جي معنيَ آهي جبل) ۽ فارسي لفظ "ستان" (جنھن جي معنيَ آهي جاء) جو مجموعو آھي. اھڙي طرح داغستان لفظ جي معني آهي جبلن واري سرزمين.[23]

جاگرافي

[سنواريو]

داغستان ريپبلڪ اتر ڪوھ قاف جبلن منجھ روس جي آخري ڏاکڻي حصي ۾ ڪيسپئن سمنڊ تي واقع آهي. ان جي پکيڙ 50,300 چورس ڪلوميٽر (19,400 چورس ميل) آھي. روس جي اندر داغستان جون حدون اتر ۾ ڪلميڪيا، اولھ ۾ چيچنيا اتر-اولھ ۾ اسٽاوروپول ڪرائي سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ان جي سرحد آذربائيجان جي ضلعن: بالاڪن ريئن، خاچماز ريئن، اوغوز ريئن، قبله ريئن، شڪي ريئن، ڪاخ ريئن، ڪوسار ريئن ۽ زاقاتلا ريئن سان ملن ٿيون. ان کان سواءِ ڏکڻ اولھ ۾ جارجيا ۽ اوڀر ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان پڻ ملن ٿيون. داغستان جو سڀ کان اوچو مقام مائونٽ بازاردوز جنھن جي اوچائي 4,446 metres (14,587 ft) آهي. داغستان جي اتر کان ڏکڻ تائين وڌ کان وڌ ڊيگھ 400 ڪلوميٽر (250 mi) ۽ اوڀر کان اولھ طرف وڌ کان وڌ ويڪر 200 ڪلوميٽر (120 mi) آھي.

داغستان جو نقشو

داغستان ۾ 1800 نديون ۽ واھ آهن. ندين ۾ سولاڪ ندي، سامور ندي ۽ تيرڪ ندي شامل آهن. داغستان جو ڪيسپئن سمنڊ سان ڪنارو 405 ڪلوميٽر (252 mi) آھي.

داغستان جا اتر ڪوھ قاف وارا جبل

داغستان جو ڏاکڻو پاسو ڪوھ قاف جبلن تي مشتمل آهي جن ۾ سڀ کان وڏي چوٽي بازاردوز واري آھي. 4,470 meters (14,670 ft) بلند اھا چوٽي داغستان ۽ آذربائيجان جي سرحد تي ٻنھي ملڪن روس ۽ آذربائيجان ۾ واقع آهي. داغستان مان تيل، ڦدرتي گيس، ڪوئلو ۽ ٻيون معدنيات جي ذخيرن سان مالامال آهي.[24] ھتان جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ۽ خشڪ ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي ھوندي آھي. جنوري ۾ سراسري گرمي پد +2 °C (36 °F)، جولاء ۾ +26 °C (79 °F). ھوا ۾ گھم جي سالياني سراسري اترئين ميداني علائقي ۾ 250 mm (10 in) ۽ ڏکڻ واري جابلو علائقي ۾ 800 mm (31 in) آھي.[25].

سياسي نظام

[سنواريو]
ريپبلڪ آف داغستان جي پارليامينٽ

جمھوريه داغستان جي پارليامينٽ جو نالو پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جا رڪن ڊپٽيز سڏبا آهن. 10 جولاء 2003ع ۾ داغستان ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن مطابق ھڪ نئون ادارو رياستي ڪائونسل جوڙيو ويو جنھن ۾ 14 نسلن جي نمائندگي رکندڙ رڪن چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا هئا جن مان حڪومت چونڊي ويندي ھئي جنھن جو سربراھ رياستي ڪائونسل جو چيئرمين ھيو. 20 جنوري 2006ع تي پيپلز اسيمبلي قرارداد ذريعي رياستي ڪائونسل جي اداري کي ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ريپبلڪ جي صدر جو نئون عھدو قائم ڪيو. روسي صدر ولاديمير پيوٽن پيپلز اسيمبلي کي نئين صدر لاء موخو علييف کي ريپپلڪ جي صدر لاء نامزدگي جي آڇ ڪئي جيڪا اسيمبلي قبول ڪئي. اھڙي طرح موخو علييف ريپبلڪ جو پھريون صدر چونڊيو ويو. 20 فيبروري 2010ع تي محمد سلام محمدوف ريپبلڪ جو صدر چونڊجي آيو.[26] 3 آڪٽوبر 2017ع تي ولاديمير واسيليف ريپبلڪ جو صدر چونڊجي آيو.[27]

آبادي جا انگ اکر

[سنواريو]

داغستان جي جبلستاني جاگرافي سفر ۽ رابطن کي ڏکيو بڻائي ٿي، جنهن سبب هي علائقو غيرمعمولي طور نسلي تنوع رکي ٿو ۽ اڄ به وڏي حد تائين قبيلائي سماجي ڍانچي تي ٻڌل آهي. هي روس جي سڀ کان وڌيڪ نسلي تنوع واري جمهوريت آهي. داغستان جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.[28]

Historical population
YearPop.±%
1897 571,154    
1926 787,883+37.9%
1939 1,023,300+29.9%
1959 1,062,472+3.8%
1970 1,428,540+34.5%
1979 1,627,884+14.0%
1989 1,802,579+10.7%
2002 2,576,531+42.9%
2010 2,910,249+13.0%
2021 3,182,054+9.3%
2025 3,259,890+2.4%
ذريعو: آدمشماري جا انگ اکر ۽ اندازو[29]

آبادي

[سنواريو]

سانچو:Ru-census

سراسري متوقع عمر

[سنواريو]

داغستان ۾ روس جي سڀني وفاقي رياستن مان ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ سراسري متوقع عمر آهي. ان کان وڌيڪ متوقع عمر صرف انگوشيتيا ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.[30][31]

2019 2021
ڪل 79.1 سال 76.6 سال
مرد 76.6 سال 74.1 سال
عورتون 81.4 سال 79.0 سال













1907 کان 1915 وچ ۾ نڪتل ھڪ داغستاني جوڙي جو ڦوٽو
ڪوھ قاف جي ريجن جا نسلي ٻولي ڳالهائيندڙن جا گروھ
داغستاني مرد ۽ عورت اوڻويھين صديءَ واري لباس ۾

جبلن جي رھائش ۽ اڻانگن رستن سببن ڪري اچ وڃ جي سھولتن جي فقدان سبب داغستان جي آبادي قبيلائي آھي جن ۾ نسلي گروهن جي ڪثرت آھي. ھي ريپبلڪ روس ۾ سڀ کان وڏي ڪثير نسلي رياست آھي. ھن ريپبلڪ ۾ روس جي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ آبادي ۾ اضافو تيزيءَ سان ٿي رھيو آھي.[32]

وسنديون

[سنواريو]
 
داغستان جا وڏا شھر يا ٽائون
روس جي 2021ع واري آدمشماري
درجو انتظامي ورهاست آبادي
1مخاچڪلاجمهوري اهميت وارو مخاچڪلا شهر623,254
2خاساويورتخاساويورتوفسڪي ضلعو155,144
3دربنددربينتسڪي ضلعو124,953
4ڪاسپيسڪجمهوري اهميت وارو ڪاسپيسڪ شهر121,140
5بوئناڪسڪبوئناڪسڪي ضلعو68,121
6ازبيرباشجمهوري اهميت وارو ازبيرباش شهر55,996
7ڪزليارڪزليارسڪي ضلعو49,999
8ڪزليورتڪزليورتوفسڪي ضلعو38,335
9داغستانسڪي اوگنيجمهوري اهميت وارو داغستانسڪي اوگني شهر31,412
10ڪارابوداخڪينتڪارابوداخڪينتسڪي ضلعو20,710

حياتياتي شماريات

[سنواريو]
داغستان جو نقشو
هڪ جبلستاني ڳوٺ
داغستان جو هڪ جوڙو، جنهن جي تصوير سرگئي پروڪودين-گورسڪي 1907ع ۽ 1915ع جي وچ ۾ ورتي

ذريعو: روسي وفاقي رياستي شماريات کاتو [33]

سراسري آبادي
(هزارن ۾)
زنده ڄاول ٻار وفاتون قدرتي واڌ خام پيدائش جي شرح
(في 1,000)
خام وفات جي شرح
(في 1,000)
قدرتي واڌ
(في 1,000)
زرخيزي جي شرح
1970 1,438 41,381 9,543 31,838 28.8 6.6 22.1
1975 1,544 42,098 10,292 31,806 27.3 6.7 20.6
1980 1,655 44,088 11,188 32,900 26.6 6.8 19.9
1985 1,744 50,053 12,010 38,043 28.7 6.9 21.8
1990 1,848 48,209 11,482 36,727 26.1 6.2 19.9 3.07
1991 1,906 47,461 12,062 35,399 24.9 6.3 18.6 2.94
1992 1,964 44,986 12,984 32,002 22.9 6.6 16.3 2.70
1993 2,012 41,863 14,777 27,086 20.8 7.3 13.5 2.46
1994 2,117 44,472 15,253 29,219 21.0 7.2 13.8 2.45
1995 2,209 45,680 15,700 29,980 20.7 7.1 13.6 2.41
1996 2,251 42,282 15,565 26,717 18.8 6.9 11.9 2.19
1997 2,308 41,225 15,662 25,563 17.9 6.8 11.1 2.10
1998 2,363 41,164 15,793 25,371 17.4 6.7 10.7 2.05
1999 2,417 38,281 16,020 22,261 15.8 6.6 9.2 1.87
2000 2,464 38,229 16,108 22,121 15.5 6.5 9.0 1.82
2001 2,511 38,480 15,293 23,187 15.3 6.1 9.2 1.79
2002 2,563 41,204 15,887 25,317 16.1 6.2 9.9 1.85
2003 2,609 41,490 15,929 25,561 15.9 6.1 9.8 1.81
2004 2,647 41,573 15,724 25,849 15.7 5.9 9.8 1.76
2005 2,684 40,814 15,585 25,229 15.2 5.8 9.4 1.69
2006 2,721 40,646 15,939 24,707 14.9 5.9 9.1 1.64
2007 2,761 45,470 15,357 30,113 16.5 5.6 10.9 1.81
2008 2,804 49,465 15,794 33,671 17.6 5.6 12.0 1.94
2009 2,850 50,416 16,737 33,679 17.7 5.9 11.8 1.92
2010 2,896 52,057 17,013 35,044 18.0 5.9 12.1 1.92
2011 2,914 54,646 16,872 37,774 18.1 5.8 12.3 1.98
2012 2,931 56,186 16,642 39,544 19.1 5.7 13.4 2.03
2013 2,955 55,641 16,258 39,383 18.8 5.5 13.3 2.02
2014 2,982 56,888 16,491 40,397 19.1 5.5 13.6 2.08
2015 3,003 54,867 16,188 38,679 18.3 5.4 12.9 2.02
2016 3,029 52,867 15,719 37,148 17.4 5.2 12.2 1.98
2017 3,041 50,174 15,473 34,701 16.4 5.1 11.3 1.91
2018 3,077 48,120 14,871 33,249 15.6 4.8 10.8 1.86
2019 3,110 45,977 14,941 31,036 14.8 4.8 10.0 1.78
2020 3,138 47,051 19,750 27,301 15.1 6.3 8.8 1.87
2021 3,182 44,330 19,766 24,564 14.1 6.3 7.8 1.76
2022 3,186 42,515 16,344 26,171 13.4 5.2 8.2 1.73
2023 42,075 14,605 27,470 13.1 4.5 8.6 1.75
2024 43,322 15,324 27,998 13.3 4.7 8.6 1.82

نسلي گروهه

[سنواريو]

داغستان جي ماڻهن ۾ گهڻن ئي نسلن جا ماڻهو شامل آهن. 2021ع واري آدمشماري موجب،[34] اتر اوڀر قفقازي ماڻهو، جن ۾ اوار، دارگين، ليزگين، لاڪ، تباساران، رتولي ۽ چيچن شامل آهن، داغستان جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ 75 سيڪڙو آهن. ترڪ نسل جا ماڻهو، يعني ڪومڪ، آذربائيجاني ۽ نوگائي، آباديءَ جو 21 سيڪڙو، جڏهن ته روسي 3.3 سيڪڙو آهن. ٻين نسلي گروهن مان هر هڪ، جهڙوڪ تات، جيڪي هڪ ايراني قوم آهن، ڪل آباديءَ جو 0.4 سيڪڙو کان گهٽ حصو رکن ٿا.

بوتليخ، اندي، اخواخ، تسيز ۽ لڳ ڀڳ ڏهن ٻين نسلي گروهن کي 1926ع ۽ 1939ع جي آدمشمارين جي وچ واري عرصي ۾ اوار طور ٻيهر درجيبند ڪيو ويو.[35]

داغستان جا نسلي گروهه (2021ع)

  اوار (30.5%)
  دارگين (16.6%)
  ڪومڪ (15.8%)
  ليزگين (13.3%)
  لاڪ (5.2%)
  تباساران (4.0%)
  روسي (3.3%)
  چيچن (3.2%)
  رتولي (1.0%)
نسلي
گروهه
1926ع جي آدمشماري 1939ع جي آدمشماري 1959ع جي آدمشماري 1970ع جي آدمشماري 1979ع جي آدمشماري 1989ع جي آدمشماري 2002ع جي آدمشماري 2010ع جي آدمشماري 2021ع جي آدمشماري1
انگ % انگ % انگ % انگ % انگ % انگ % انگ % انگ % انگ %
اوار 177,189 22.5% 230,488 24.8% 239,373 22.5% 349,304 24.5% 418,634 25.7% 496,077 27.5% 758,438 29.4% 850,011 29.4% 956,831 30.5%
دارگين 125,707 16.0% 150,421 16.2% 148,194 13.9% 207,776 14.5% 246,854 15.2% 280,431 15.6% 425,526 16.5% 490,384 17.0% 521,381 16.6%
ڪومڪ 87,960 11.2% 100,053 10.8% 120,859 11.4% 169,019 11.8% 202,297 12.4% 231,805 12.9% 365,804 14.2% 431,736 14.9% 496,455 15.8%
ليزگين 90,509 11.5% 96,723 10.4% 108,615 10.2% 162,721 11.4% 188,804 11.6% 204,370 11.3% 336,698 13.1% 385,240 13.3% 416,963 13.3%
لاڪ 39,878 5.1% 51,671 5.6% 53,451 5.0% 72,240 5.1% 83,457 5.1% 91,682 5.1% 139,732 5.4% 161,276 5.6% 162,518 5.2%
تباساران 31,915 4.0% 33,432 3.6% 33,548 3.2% 53,253 3.7% 71,722 4.4% 78,196 4.6% 110,152 4.3% 118,848 4.1% 126,319 4.0%
آذربائيجاني 23,428 3.0% 31,141 3.3% 38,224 3.6% 54,403 3.8% 64,514 4.0% 75,463 4.2% 111,656 4.3% 130,919 4.5% 116,907 3.7%
روسي 98,197 12.5% 132,952 14.3% 213,754 20.1% 209,570 14.7% 189,474 11.6% 165,940 9.2% 120,875 4.7% 104,020 3.6% 102,243 3.3%
چيچن 21,851 2.8% 26,419 2.8% 12,798 1.2% 39,965 2.8% 49,227 3.0% 57,877 3.2% 87,867 3.4% 93,658 3.2% 99,320 3.2%
نوگائي 26,086 3.3% 4,677 0.5% 14,939 1.4% 21,750 1.5% 24,977 1.5% 28,294 1.6% 38,168 1.5% 40,407 1.4% 36,944 1.2%
آغول 7,653 1.0% 20,408 2.2% 6,378 0.6% 8,644 0.6% 11,459 0.7% 13,791 0.8% 23,314 0.9% 28,054 1.0% 29,253 0.9%
رتولي 10,333 1.3% 6,566 0.6% 11,799 0.8% 14,288 0.9% 14,955 0.8% 24,298 1.0% 27,849 1.0% 27,043 0.9%
تساخور 3,531 0.4% 4,278 0.4% 4,309 0.3% 4,560 0.3% 5,194 0.3% 8,168 0.3% 9,771 0.3% 10,320 0.3%
ٻيا 43,861 5.6% 52,031 5.6% 61,495 5.8% 63,787 4.5% 57,892 3.6% 58,113 3.2% 25,835 1.0% 19,646 0.7% 31,752 1.0%
1 47,805 ماڻهن کي انتظامي ڊيٽابيسن مان داخل ڪيو ويو هو ۽ اهي پنهنجي نسلي سڃاڻپ ظاهر نه ڪري سگهيا. اندازو آهي ته هن گروهه ۾ نسلي گروهن جو تناسب ساڳيو آهي، جيڪو پنهنجي نسلي سڃاڻپ ظاهر ڪندڙ ماڻهن ۾ هو.[36]


ٻوليون

[سنواريو]
مکيه ٻوليائي علائقا

داغستان ۾ 30 کان وڌيڪ مقامي ٻوليون عام طور ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان گهڻيون ناخ-داغستاني ٻوليائي خاندان سان واسطو رکن ٿيون. 20هين صديءَ دوران روسي ٻولي داغستان جي مکيه رابطي جي ٻولي بڻجي وئي.[37] يونيسڪو پاران سڃاتل روس جي 131 خطري هيٺ آيل ٻولين مان 20 کان وڌيڪ داغستان ۾ ملن ٿيون. انهن خطري هيٺ آيل ٻولين جا گهڻا ڳالهائيندڙ داغستان ۽ جارجيا جي سرحد واري جبلستاني علائقي ۾ رهن ٿا.[38]

سوويت حڪمرانيءَ کان اڳ، ادبي رابطي جي ٻوليءَ جو درجو ڪنهن حد تائين ڪلاسيڪي عربي کي حاصل هو.[39] خونزاخ ۾ ڳالهايو ويندڙ اترئين اوار لهجي پڻ داغستان جي انهن جبلستاني علائقن ۾ رابطي جي ٻوليءَ طور ڪم ڪيو، جتي اوار سان لاڳاپيل قومون رهنديون هيون.[40]

ڪيترين صدين تائين ڪومڪ ٻولي اتر قفقاز جي وڏي حصي ۾، داغستان کان ڪباردا تائين، 1930ع واري ڏهاڪي تائين رابطي جي ٻولي رهي.[41][42][43] ڪومڪ ٻولي روسي سلطنت جي انتظاميا ۽ مقامي قومن وچ ۾ سرڪاري رابطي جي ٻولي پڻ هئي.[44]

هاڻوڪي داغستان جي ڪنهن ٻوليءَ بابت روسي ٻوليءَ ۾ لکيل پهريون وياڪرڻ ڪومڪ ٻوليءَ جو هو.[45] ان جي ليکڪ تيموفي ماڪاروف لکيو:

تاتاري ٻولي ڳالهائيندڙ قومن مان مون کي ڪومڪ سڀ کان وڌيڪ وڻيا؛ سندن ٻوليءَ جي امتيازي خوبي ۽ چٽائيءَ سبب، توڙي سندن يورپي تهذيب سان ويجهڙائيءَ سبب. پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اهي قفقازي محاذ جي کاٻي پاسي رهن ٿا، جتي اسين فوجي ڪارروايون ڪري رهيا آهيون، ۽ جتي سڀ قومون پنهنجي ٻوليءَ کان سواءِ ڪومڪ ٻولي پڻ ڳالهائين ٿيون.

مذهب

[سنواريو]


داغستان ۾ مذهب (2012ع)[46]

  اسلام (83%)
  ملحد (2%)
  ٻيا (0.6%)

2012ع جي هڪ سروي موجب، جنهن ۾ 56,900 ماڻهن کان سوال پڇيا ويا هئا،[46] داغستان جي آباديءَ مان 83 سيڪڙو ماڻهو اسلام جا پيروڪار آهن، 2.4 سيڪڙو روسي آرتھوڊوڪس گرجاگھر سان واسطو رکن ٿا، 2 سيڪڙو قفقازي لوڪ مذهبن ۽ ٻين مقامي عقيدن جا پيروڪار آهن، جڏهن ته 1 سيڪڙو غير فرقيواراڻا عيسائي آهن. ان کان سواءِ، آباديءَ مان 9 سيڪڙو پاڻ کي ”روحاني پر غير مذهبي“، 2 سيڪڙو ملحد ۽ 0.6 سيڪڙو ٻين درجن سان لاڳاپيل ڄاڻايو يا ڪو جواب نه ڏنو.[46]

اسلام

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو روس ۾ اسلام

داغستان جا مسلمان گهڻو ڪري سني آهن ۽ شافعي فقه جي پيروي ڪن ٿا. ڪيسپين سمنڊ جي ڪناري، خاص طور دربند بندرگاهه واري شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾، آبادي ــ جيڪا گهڻو ڪري آذربائيجانين ۽ تاتن تي ٻڌل آهي ــ شيعا آهي. هتي سلفي اقليت پڻ موجود آهي، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن سرڪاري جبر جو نشانو بڻجي ٿي.[47]

داغستان ۾ صوفي روحانيت جي موجودگي 14هين صديءَ تائين پهچي ٿي. اتر قفقاز ۾ وڏي پيماني تي پکڙيل ٻه صوفي سلسلا نقشبنديه ۽ قادريه هئا. انهن صوفي طريقتن علائقي جي مختلف قومن وچ ۾ سهپ ۽ گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ جي تعليم ڏني. 1917ع جي ڪميونسٽ انقلاب کان پوءِ ڪميونسٽ حڪومت جي هر مذهب ڏانهن سخت عدم برداشت صوفي تحريڪن کي پڻ دٻايو. شيخ سعيد آفندي چرڪاوي داغستان ۾ پنهنجي وفات تائين هڪ ناميارو عالم، روحاني اڳواڻ ۽ نقشبندي توڙي شاذليه طريقتن جو مرشد هو.[48]

سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ علائقي ۾ اسلامي بحالي آئي. 1996ع تائين داغستان ۾ 1,670 رجسٽرڊ مسجدون، نو اسلامي يونيورسٽيون، 25 مدرسا ۽ 670 مڪتب موجود هئا. اندازو لڳايو ويو ته ”تقريباً هر پنجن داغستانين مان هڪ اسلامي تعليم سان لاڳاپيل هو“، جڏهن ته حج تي ويندڙ لڳ ڀڳ 20,000 روسي حاجين مان اڌ کان وڌيڪ داغستان جا هئا.[49]

يهوديت

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو داغستان ۾ يهوديت

مقامي تاتي ٻولي ڳالهائيندڙ يهودي، جن کي ”جبلستاني يهودي“ سڏيو وڃي ٿو، پڻ انهن ئي سامونڊي علائقن ۾ نسبتاً وڏي انگ ۾ موجود هئا.[when?] تنهن هوندي به، 1991ع کان پوءِ ۽ سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ انهن مان گهڻا اسرائيل ۽ آمريڪا لڏي ويا. هي ماڻهوسانچو:Specify سرحد جي ٻئي پاسي آذربائيجان جي قوبا ۽ شماخي ضلعن ۾ رهندڙ وڌيڪ وڏي آذربائيجاني يهودي برادريءَ جو واڌارو هئا.[50]

عيسائيت

[سنواريو]

غير سلاوي مقامي آباديءَ ۾ عيسائي ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي، جنهن جو اندازو 2,000 کان 2,500 جي وچ ۾ لڳايو وڃي ٿو. انهن مان گهڻا لاڪ نسل سان تعلق رکندڙ پينتيڪوسٽل عيسائي آهن.[51][52] سڀ کان وڏي جماعت مخاچڪلا ۾ واقع اوسانا انجيلي عيسائي گرجاگھر (پينتيڪوسٽل) آهي، جنهن جا 1,000 کان وڌيڪ ميمبر آهن.[53]

مخاچڪلا جي وڏي مسجد اسان جي خاتون جي نشاني وارو ڪيٿيڊرل، خاساويورت دربند جو مقدس سڀني جو ڇوٽڪارو ڏيندڙ گرجاگھر دربند سيناگاگ دربند جي جامع مسجد، جيڪا 733ع ۾ ٺهي، روس جي سڀ کان پراڻي ۽ دنيا جي قديم ترين مسجدن مان هڪ آهي.

جينيات

[سنواريو]

2006ع ۾ داغستان جي آباديءَ تي ٿيل هڪ جينياتي تحقيق، جيڪا هيومن بايولاجي ۾ شايع ٿي، اها ظاهر ڪري ٿي ته داغستان جا رهواسي اناطوليائي ترڪن ۽ قبرصي ترڪن سان ويجهي جينياتي لاڳاپا رکن ٿا. يونسباييف ۽ سندس ساٿين نشاندهي ڪئي ته اهي نتيجا ان نظرئي جي حمايت ڪن ٿا ته داغستان جا مقامي نسلي گروهه پنهنجي نسل جو سلسلو قديم نيوسنگي دور جي اناطوليائي زرعي قبيلن تائين ڳنڍي سگهن ٿا، جن ابتدائي زرعي روايتون هن علائقي ۾ متعارف ڪرايون هيون.[54]

معيشت

[سنواريو]

داغستان جون اهم صنعتون تيل جي پيداوار، انجنيئرنگ، ڪيميائي صنعت، مشين سازي، ڪپڙي جي صنعت، کاڌي جي پروسيسنگ ۽ ڪاٺ جي صنعت آهن. تيل جا ذخيرا گهڻو ڪري سامونڊي ڪناري واري سوڙهي پٽي ۾ موجود آهن. داغستان ۾ پيدا ٿيندڙ قدرتي گئس جو وڏو حصو مقامي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. زراعت پڻ گهڻ رخي آهي، جنهن ۾ اناج جي پوک، انگورن جي پوک ۽ شراب سازي، رڍ پالڻ ۽ کير جي صنعت شامل آهن.

انجنيئرنگ ۽ ڌاتوڪاري جون صنعتون جمهوريه جي صنعتي پيداوار جي اثاثن جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصو رکن ٿيون ۽ سمورن صنعتي مزدورن مان تقريباً 25 سيڪڙو کي روزگار فراهم ڪن ٿيون. داغستان ۾ آبي بجليءَ جي صنعت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. سولاڪ درياهه تي پنج بجلي گهر قائم آهن، جيڪي آبي بجلي پيدا ڪن ٿا. اندازو آهي ته داغستان جي آبي بجلي پيدا ڪرڻ جي مجموعي امڪاني گنجائش 4.4 ارب ڪلوواٽ آهي.

داغستان وٽ ترقي يافته آمد و رفت جو نظام موجود آهي. ريلوي لائينون گاديءَ واري شهر مخاچڪلا کي ماسڪو، آستراخان ۽ آذربائيجان جي گاديءَ واري شهر باڪو سان ڳنڍين ٿيون. ماسڪو–باڪو شاهراهه پڻ قفقاز شاهراهه جي صورت ۾ داغستان مان گذري ٿي، جڏهن ته وڏن شهرن سان هوائي رابطا پڻ موجود آهن.[55][56]

2006 مطابق داغستان ۾ معاشي ترقيءَ لاءِ سازگار حالتون موجود هيون، پر مارڪيٽ معيشت ڏانهن ڪامياب منتقلي لاءِ جمهوريه جي گهٽ شروعاتي سطح، ان سان گڏ وڏي پيماني تي پکڙيل بدعنواني، علائقي کي غير رسمي معيشت ۽ روسي مرڪزي حڪومت کان ملندڙ مالي امداد تي گهڻو دارومدار رکڻ تي مجبور ڪيو.[56][57] داغستان ۾ بدعنواني اڳوڻي سوويت يونين جي ٻين ڪيترن ئي علائقن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنگين رهي آهي، جيڪا هڪ وسيع ڪاري بازار ۽ قبيلائي بنيادن تي هلندڙ معاشي نظام سان پڻ لاڳاپيل آهي.[58]

2011ع ۾ روس ٽيليڪام داغستان جي جمهوريه ۾ ڊيٽا جي منتقلي لاءِ بنيادي نيٽ ورڪ تي ويولينگٿ ڊويزن ملٽي پليڪسنگ (WDM) تي ٻڌل سامان نصب ڪرڻ شروع ڪيو. WDM ٽيڪنالاجي متعارف ٿيڻ کان پوءِ فائبر آپٽڪ مواصلاتي لائينن جي بينڊوڊٿ وڌي 2.5 گيگابِٽ في سيڪنڊ ٿي وئي. روس ٽيليڪام هن منصوبي تي لڳ ڀڳ 48 ملين روبل جي سيڙپڪاري ڪئي.[59]

ثقافت

[سنواريو]

اوار ادب

[سنواريو]

افشار ترڪ حڪمران نادر شاهه جي فوجن جي شڪست ۽ اوڻيهين صديءَ جي مختلف جنگي واقعن بابت رزميه ۽ تاريخي گيت اوارن ۾ تمام گهڻا مشهور آهن. انهن مان سڀ کان وڌيڪ مشهور رزميه گيت خوچبار ۽ ڪمالل باشير آهن. اوڻيهين صديءَ جي پوئين اڌ ۽ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اوار ثقافت ۽ ادب ۾ نمايان ترقي ٿي. مشهور اوار اديبن ۾ شاعر انخو جو علي گاجي (وفات 1875ع)، چانڪا (1866–1909ع)، غزل گو شاعر مخمود (1873–1919ع)، طنزنگار تصداسا گمزات (1877–1951ع) ۽ شاعر رسول گمزاتوف (1923–2003ع) شامل آهن. سندس مشهور شاعري ژوراولي (ڪونج) بعد ۾ روسي ٻوليءَ جو هڪ مشهور گيت بڻجي وئي.[60]

موسيقي

[سنواريو]

داغستان ۾ داغستاني فلھارمونڪ آرڪيسٽرا ۽ رياستي علمي ناچ جو ادارو موجود آهي. گوٽفريڊ حسنوف، جنهن کي داغستان جو پهريون پيشاور موسيقار سمجهيو وڃي ٿو، 1945ع ۾ خوچبار نالي پهريون داغستاني اوپيرا تخليق ڪيو.

داغستان جي لوڪ ناچن ۾ تيز رفتار ناچ ليزگنڪا خاص شهرت رکي ٿو. هن ناچ جو نالو ليزگين قوم تان پيو، پر آذربائيجاني، چرڪسي، ابخازي، جبلستاني يهودي، قفقازي اوار، روسي ڪوبان ۽ تيريڪ قزاقن سميت ڪيترين ئي ٻين قومن وٽ پڻ هن ناچ جون پنهنجون روايتي صورتون موجود آهن.[61]

ٿيٽر

[سنواريو]

کاڌا

[سنواريو]

خنگال-بات داغستان جي قومي کاڌن مان هڪ آهي، جيڪو رڍ جي شوربي ۾ اوٻاريل ننڍن پڪوڙن (ڊمپلنگز) تي ٻڌل هوندو آهي. تيار ڪندڙ جي نسلي روايت موجب اهي پڪوڙا بيضوي يا گول شڪل جا ٿيندا آهن، جن ۾ گوشت يا پنير ڀريو ويندو آهي، ۽ انهن کي ٿوم جي چٽڻي يا کٽي ڪريم سان پيش ڪيو ويندو آهي.

جبلستاني علائقن ۾ کير جون شيون ۽ گوشت خوراڪ جو وڏو حصو آهن، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ ميون، کاڌي لائق ڪدو، ساڳن، جهنگلي ٻوٽن ۽ اناج جي اٽي سان تيار ٿيل خوراڪ عام استعمال ڪئي ويندي آهي.[62]

مارشل آرٽس

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو داغستان ۾ ڪشتي

سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ داغستان دنيا جي بهترين جنگي راندين جي رانديگرن جي پيداوار لاءِ مشهور ٿيو آهي. آباديءَ جي تناسب سان ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڪنهن به علائقي کان وڌيڪ مڪسڊ مارشل آرٽس (MMA) جا رانديگر داغستان مان نڪرن ٿا.

داغستان ۾ ڄاول خبيب نورمحمدوف يو ايف سي جو هلڪو وزن (لائيٽ ويٽ) چيمپيئن رهيو ۽ بنا ڪنهن شڪست جي رٽائر ٿيو.[63][64]

سندس تربيتي ساٿي اسلام ماخاچيف، جيڪو پڻ داغستان سان تعلق رکي ٿو، يو ايف سي جو اڳوڻو هلڪو وزن چيمپيئن ۽ موجوده ويلٽر ويٽ چيمپيئن آهي، ۽ هن وقت يو ايف سي جي پائونڊ فار پائونڊ درجابندي ۾ پهرين نمبر تي آهي.

خبيب جو سؤٽ عمر نورمحمدوف يو ايف سي جي بينٽم ويٽ درجابندي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. عمر جو ننڍو ڀاءُ عثمان نورمحمدوف اڳوڻو بيليٽر ايم ايم اي هلڪو وزن چيمپيئن آهي ۽ هن وقت پروفيشنل فائٽرز ليگ (PFL) ۾ مقابلا ڪري ٿو.

ماگوميد انڪالائيف، جيڪو پڻ داغستان سان تعلق رکي ٿو، يو ايف سي جو اڳوڻو لائيٽ هيوي ويٽ چيمپيئن رهيو آهي. ابوبڪر نورمحمدوف، جيڪو خبيب جو سؤٽ آهي، پڻ داغستان جو پيشاور ايم ايم اي فائٽر آهي، جنهن جو پيشاور رڪارڊ 17 ڪاميابيون، 4 شڪستون ۽ هڪ برابر مقابلو آهي.

داغستان تاريخي طور آزاد انداز واري ڪشتي ۾ پڻ اولمپڪ ۽ عالمي چيمپيئنن جو غيرمعمولي تعداد پيدا ڪيو آهي. بوواسار سائيتيئف ٽي ڀيرا اولمپڪ سون جو تمغو کٽيو، جڏهن ته عبدالرشيد سعدولاييف 2016ع جي ريو ڊي جينيرو اولمپڪس ۽ 2021ع جي ٽوڪيو اولمپڪس ۾ سون جا تمغا حاصل ڪيا. ٻئي رانديگر داغستان سان تعلق رکن ٿا.

ماگوميد رمضانوف، جيڪو پڻ داغستان ۾ ڄائو ۽ خبيب نورمحمدوف سان چهري جي مشابهت سبب مشهور آهي، 2024ع جي پيرس اولمپڪس ۾ سون جو تمغو حاصل ڪيو.

مڪيبازي ۾ آرتور بيٽربيئف هڪ ڀيرو ورلڊ ڪپ جو سون جو تمغيدار، ٻه ڀيرا اولمپين، ۽ آڪٽوبر 2024ع کان فيبروري 2025ع تائين بنا تڪرار لائيٽ هيوي ويٽ عالمي چيمپيئن رهيو.

ان کان علاوه ڪيترن ئي داغستاني رانديگرن ٻين ملڪن جي نمائندگي ڪندي به وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. احمد تاج الدينوف بحرين جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هن 2024ع جي پيرس اولمپڪس ۾ سون جو تمغو کٽيو، جڏهن ته ناصرالدين اماوو فرانس جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ يو ايف سي جي مڊل ويٽ درجابندي ۾ ٻئي نمبر تي آهي. اهي ٻئي رانديگر داغستان ۾ ڄاول آهن.

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Президент Российской Федерации. Указ №849 от 13 мая 2000 г. «О полномочном представителе Президента Российской Федерации в федеральном округе». Вступил в силу 13 мая 2000 г. Опубликован: "Собрание законодательства РФ", No. 20, ст. 2112, 15 мая 2000 г. (President of the Russian Federation. Decree #849 of May 13, 2000 On the Plenipotentiary Representative of the President of the Russian Federation in a Federal District. Effective as of May 13, 2000.).
  2. Госстандарт Российской Федерации. №ОК 024-95 27 декабря 1995 г. «Общероссийский классификатор экономических регионов. 2. Экономические районы», в ред. Изменения №5/2001 ОКЭР. (Gosstandart of the Russian Federation. #OK 024-95 December 27, 1995 Russian Classification of Economic Regions. 2. Economic Regions, as amended by the Amendment #5/2001 OKER. ).
  3. Всероссийский Центральный Исполнительный Комитет. Декрет от 20 января 1921 г. «Об Автономной Дагестанской Социалистической Советской Республике». (All-Russian Central Executive Committee. Decree of 20 جنوري 1921 On Autonomous Dagestan Socialist Soviet Republic. ).
  4. 1 2 Constitution, Article 8
  5. Федеральная служба государственной статистики (Federal State Statistics Service) (2004-05-21). "Территория, число районов, населённых пунктов и сельских администраций по субъектам Российской Федерации (Territory, Number of Districts, Inhabited Localities, and Rural Administration by Federal Subjects of the Russian Federation)". Всероссийская перепись населения 2002 года (All-Russia Population Census of 2002) (Russian ۾). Federal State Statistics Service. 2011-11-01 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  6. "Об исчислении времени". Официальный интернет-портал правовой информации (Russian ۾). 3 June 2011. 19 January 2019 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  7. Official throughout the Russian Federation according to Article 68.1 of the Constitution of Russia.
  8. According to Article 11 of the Constitution of Dagestan, the official languages of the republic include "Russian and the languages of the peoples of Dagestan"
  9. Solntsev et al., pp. XXXIX–XL
  10. "Оценка численности постоянного населения по субъектам Российской Федерации". Главная::Федеральная служба государственной статистики. October 24, 2020 تي حاصل ڪيل.
  11. 1 2 "Dagestan". Encyclopedia Britannica. October 24, 2020 تي حاصل ڪيل.
  12. Heinrich, Hans-Georg; Lobova, Ludmila; Malashenko, Alexei (2011). Will Russia Become a Muslim Society?. Peter Lang. ص. 46. ISBN 978-3631609132. August 6, 2012 تي حاصل ڪيل.
  13. Dalby, Andrew (2004). Dictionary of Languages: The Definitive Reference to More Than 400 Languages. Columbia University Press. ص. 59. ISBN 0231115695. August 6, 2012 تي حاصل ڪيل.
  14. Michael Khodarkovsky (2015). "Bitter Choices: Loyalty and Betrayal in the Russian Conquest of the North Caucasus" Cornell University Press. ISBN 0801462908 pp. 47–52
  15. "Dagestan". 11 June 2015 تي حاصل ڪيل.
  16. Timothy C. Dowling (2014). Russia at War: From the Mongol Conquest to Afghanistan, Chechnya, and Beyond pp. 728–730 ABC-CLIO, ISBN 1598849484
  17. Aksan, Virginia (2014). Ottoman Wars, 1700–1870: An Empire Besieged p. 463. Routledge. ISBN 978-1317884033
  18. Общественное движение ЧЕЧЕНСКИЙ КОМИТЕТ НАЦИОНАЛЬНОГО СПАСЕНИЯ آرڪائيو ڪيا ويا February 23, 2014, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  19. Вассан-Гирей Джабагиев آرڪائيو ڪيا ويا 21 February 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  20. "Rebels stage new invasion of Dagestan". The Independent. 6 September 1999.
  21. "Russia Sends Ground Troops Into Chechnya, Raising Fears". The New York Times. 1 October 1999.
  22. Zonn, Igor S.; ۽ ٻيا. The Caspian Sea Encyclopedia. Berlin: Springer. ص. 280.
  23. "Dagestan Republic". www.investinginrussia.ru. 2019-05-08 تي حاصل ڪيل.
  24. "Climate in Dagestan, Russia". Worlddata.info (انگريزي ۾). 2019-05-08 تي حاصل ڪيل.
  25. "Putin replaces head of South Russian republic of Dagestan". RT. January 28, 2013. January 28, 2013 تي حاصل ڪيل.
  26. "Vladimir Vasilyev appointed Acting Head of Dagestan". President of Russia (انگريزي ۾). 2019-05-02 تي حاصل ڪيل.
  27. Ware, Robert Bruce (29 March 2008). Islamic Resistance and Political Hegemony in Dagestan. International Studies Association Annual Convention. اصل نسخو مان 21 October 2014 تي محفوظ ڪيل. 28 May 2014 تي حاصل ڪيل.
  28. "Численность постоянного населения Российской Федерации по муниципальным образованиям на 1 января 2025 года" [روسي وفاق جي ميونسپل علائقن جي مستقل آبادي، 1 جنوري 2025ع تائين] (روسي ۾). روسي وفاقي رياستي شماريات کاتو. 27 April 2025 تي حاصل ڪيل.
  29. "Демографический ежегодник России" [روس جو آبادياتي ساليانو] (روسي ۾). روسي وفاقي رياستي شماريات کاتو (Rosstat). 1 June 2022 تي حاصل ڪيل.
  30. "Ожидаемая продолжительность жизни при рождении" [پيدائش وقت متوقع عمر]. روس جو گڏيل بين الوزارتي معلوماتي ۽ شمارياتي نظام (روسي ۾). اصل نسخو مان 20 February 2022 تي محفوظ ڪيل. 1 June 2022 تي حاصل ڪيل.
  31. Ware, Robert Bruce. Islamic Resistance and Political Hegemony in Dagestan آرڪائيو ڪيا ويا March 20, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  32. "ЕМИСС". fedstat.ru (روسي ۾). اصل نسخو مان 7 May 2023 تي محفوظ ڪيل.
  33. "Национальный состав населения" [آباديءَ جي نسلي جوڙجڪ] (روسي ۾). روسي وفاقي رياستي شماريات کاتو. 30 December 2022 تي حاصل ڪيل.
  34. Wixman, Ronald (1984). The Peoples of the USSR: An Ethnographic Handbook. Armonk, New York: M. E. Sharpe. ص. 11.
  35. Перепись-2010: русских становится больше (روسي ۾). Perepis-2010.ru. 19 December 2011. اصل نسخي مان 25 December 2018 تي محفوظ ڪيل. 15 January 2012 تي حاصل ڪيل.
  36. Beliaev, Edward; Oksana Buranbaeva (2006). Dagestan. New York: Marshall Cavendish Benchmark. ص. 89. ISBN 0761420150. 4 April 2013 تي حاصل ڪيل.
  37. Moseley, Christopher (2010). "UNESCO Interactive Atlas of the World's Languages in Danger". United Nations Education, Scientific, and Cultural Organization. UNESCO. 3 October 2016 تي حاصل ڪيل.
  38. Kemper, Michael (2011). "An Island of Classical Arabic in the Caucasus: Dagestan". ۾ Françoise Companjen; László Károly Marácz; Lia Versteegh (مرتب). Exploring the Caucasus in the 21st Century: Essays on Culture, History and Politics in a Dynamic Context. Amsterdam: Pallas Publications. ص. 63–90. ISBN 9789089641830. 4 April 2013 تي حاصل ڪيل.
  39. Comrie, Bernard (1981). The Languages of the Soviet Union. Cambridge, UK: Cambridge University Press. ص. 199. ISBN 0521232309. 4 April 2013 تي حاصل ڪيل. Khunzakh.
  40. Pieter Muysken. (2008). Studies in language companion series. From linguistic areas to areal linguistics. جلد 90. John Benjamins Publishing Company. ص. 74. ISBN 9789027231000.
  41. Nansen. Gjennem Kaukasus til Volga (Oslo: Jacob Dybwads Forlag, 1929) [قفقاز کان وولگا تائين] (نارويجيائي ۾).
  42. Трубецкой, Н.С. (1925). О народах Кавказа [قفقاز جي قومن بابت] (روسي ۾) (статья ڇاپو).
  43. Ярцева В.Н. (مرتب). Языки Российской Федерации и соседних государств [روسي وفاق ۽ پاڙيسري رياستن جون ٻوليون] (روسي ۾). جلد 2. ص. 183.
  44. "Kafkaz Lehçeni Tatar Grammatikası, Makarov 1848". caucasian.space (ڪومڪ and روسي ۾). اصل نسخو مان 7 November 2017 تي محفوظ ڪيل. 28 June 2017 تي حاصل ڪيل.
  45. 1 2 3 "Arena: Atlas of Religions and Nationalities in Russia". Sreda, 2012.
  46. "Salafis mustered". The Economist.
  47. "Biography of Shaykh Said Afandi al-Chirkawi". Islamdag.info. 22 July 2011. 4 May 2012 تي حاصل ڪيل.
  48. Ware, Robert Bruce; Kisriev, Enver (18 December 2014). Dagestan: Russian Hegemony and Islamic Resistance in the North Caucasus. ص. 90. doi:10.4324/9781315705309. ISBN 9781315705309. OCLC 958109959.
  49. Mountain Jews. World Culture Encyclopedia.
  50. "Slavic Center for Law & Justice". SCLJ. اصل نسخو مان 17 January 2012 تي محفوظ ڪيل. 15 January 2012 تي حاصل ڪيل.
  51. Magomed Gasanov (2001). "On Christianity in Dagestan". Iran & the Caucasus 5: 79–84. doi:10.1163/157338401X00080.
  52. Lunkin, Roman (22 July 2010). "On the Death of a Pastor: Artur Suleymanov and the Christian Enlightenment of the Peoples of Dagestan". Slavic Center for Law and Justice. اصل نسخو مان 11 August 2010 تي محفوظ ڪيل.
  53. Yunusbayev, Bayazit; Kutuev, Ildus; Khusainova, Rita; Guseinov, Gadzhi; Khusnutdinova, Elza (August 2006). "Genetic structure of Dagestan populations: a study of 11 Alu insertion polymorphisms". Human Biology 78 (4): 465–476. doi:10.1353/hub.2006.0059. ISSN 0018-7143. PMID 17278621.
  54. Dagestan Microsoft Encarta Online Encyclopedia 2008. Archived October 31, 2009.
  55. 1 2 Dagestan Republic آرڪائيو ڪيا ويا September 6, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Kommersant, 10 March 2004.
  56. Dagestan's Economic Crisis: Past, Present and Future North Caucasus Weekly, 31 December 2006.
  57. Russia's Dagestan: Conflict Causes آرڪائيو ڪيا ويا 28 March 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. International Crisis Group Europe Report No. 192. 3 June 2008. Accessed 7 April 2014.
  58. Broadband Russia Newsletter
  59. "Makhachkala | Russia". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 15 July 2020 تي حاصل ڪيل.
  60. "Lezginka | dance". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 15 July 2020 تي حاصل ڪيل.
  61. "Подготовка и защита диссертации Казимагомедовой Айшат Абдулгапуровны" [ڪاظي ماگوميدووا عائشه عبدالگپوروونا جي مقالي جي تياري ۽ دفاع]. www.naukadgpu.ru (روسي ۾). اصل نسخو مان 26 March 2017 تي محفوظ ڪيل. 15 July 2020 تي حاصل ڪيل.
  62. Ponomarev, Sergey (18 March 2018). "A Wrestling Culture That Helps Keep Boys Away From Fighting". The New York Times. 4 November 2021 تي حاصل ڪيل.
  63. "How Dagestan is raising the next generation of MMA champions in the wrestling room". www.mmafighting.com. 3 April 2020. 4 November 2021 تي حاصل ڪيل.