داغستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
جمھوريه داغستان
ريپبلڪ آف داغستان
جمھوريه داغستان
جهنڊو
جمھوريه داغستان
سڃاڻپ جو نشان
ترانو: قومي ترانو
روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل
روس ۾ داغستان ڳڙھي رنگ سان ڏيکاريل
مڪانيت  داغستان  (تيزسائو) يورپ ۾  (سائو)
مڪانيت  داغستان  (تيزسائو)

يورپ ۾  (سائو)

بيھڪ: 43°06′N 46°53′E / 43.100°N 46.883°E / 43.100; 46.883مڪانيت: 43°06′N 46°53′E / 43.100°N 46.883°E / 43.100; 46.883
ملڪروس
وفاقي ضلعواتر ڪوھ قاف[1]
معاشي ريجناتر ڪوھ قاف جي معاشي ريجن[2]
قيامJanuary 20, 1921[3]
گادي جو هنڌمخاچ قلعه
حڪومت
 • مجلسپيپلز اسيمبلي[4]
 • سربراھ[4]سرجي ميليخوف
ايراضي
 • ڪل٥٠٬٣٠٠ ڪ.م٢ (١٩٬٤٠٠ ميل٢)
ايراضي جو درجو52nd
آبادي
 (2010 جي آدمشماري)
 • اندازو 
(2018)[6]
٣٬٠٦٣٬٨٨٥ (+٥٫٣%)
 • درجو12th
 • شھري
٤٥٫٢%
 • ٻھراڙي
٥٤٫٨%
وقت پٽوUTC+3 ([7])
آئي ايس او 3166 ڪوڊRU-DA
لائسنس واريون پليٽون05
OKTMO ID82000000
سرڪاري ٻوليونروسي;[8] [9][10]
ويب سائيٽhttp://www.e-dag.ru/


غونيب ۾ ھڪ ڦٽل قلعو
ليزگين جو ترڪ ڪيل ڳوٺ گرار
ڪارا ڪوئيسو ندي جو ڪينيان لڳ منظر

داغستان(انگريزي: Dagestan ) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف داغستان آھي, روسي وفاق ۾ واقع ھڪ ريپبلڪ يا جمھوريه آهي جيڪا ڪيسپئن سمنڊ جي اولھندي ڪناري ۽ ڪوھ قاف جبلن جي اتر ۾ واقع آهي. ان جي گادي جو هنڌ مخاچ قلعه آھي جيڪو ڪيسپئن سمنڊ جي ڪناري تي واقع آهي. داغستان جي ٻين شھرن جا نالا دربند، قزليار، ايزبرباش، ڪازپيسڪ ۽ بويناڪسڪ آھن. داغستان جي آبادي لڳ ڀڳ 31 لک آھي[11] جنھن ۾ 30 نسلي گروھ ۽ 81 قوميتون شامل آهن[12] داغستان روس جي اندر سڀ کان وڌيڪ نسلي گروھن ۽ سڀ کان وڌيڪَ ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن واري ريپبلڪ آهي[13]. آبادي جي اڪثريت ڪوھ قافي، ايراني ۽ ترڪ ٻوليون ڳالھائيندڙ آھي[12] . انھن سڀن ۾ روسي ٻولي پوري ريپبلڪ جي رابطي واري ٻولي آھي.[14] داغستان جي آبادي جي اڪثريت مسلمان آھي ۽ اھا روس جي ڇھن مسلم ريپبلڪن مان ھڪ آھي.

تاريخ[سنواريو]

1856ع ۾ جي.گراس پاران ٺاھيل ڪوھ قاف جبلن جو نقشو
دربند شھر قديم ھجڻ ڪري يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنل
ايراني بادشاھ نادر شاھ جا 42-1741ع ۾ جاري ڪيل چاندي جا سڪا جيڪي داغستان جي ضربخاني ۾ تيار ٿيا ھئا

شروعاتي عيسوي صدين م موجوده آذربائيجان ۽ ڏکڻ داغستان ۾ ڪوھ قاف واري البانيا قائم ٿيل ھئي جيڪا پھرين فارس جي ايمپائر جي خراج ڏيندڙ رياست ۽ پوء ان جي زيردست بڻجي وئي. ساساني ايمپائر جي شروعات ۾ اھا البانيا جي نالي سان ايمپائر جو صوبو ٿي رھي. اڳتي ھلي ھن ملڪ بجي آبادي زرتشتي مذھب ڇڏي عيسائيت اختيار ڪئي

دربند شھر ساساني دؤر جي قلعي واقع ھجڻ سبب مشھور آھي جنهن کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪيو ويو آهي

پنجين صدي عيسويءَ ۾ ساساني غلبي قائم ٿيڻ بعد ساسانين دربند ۾ ھڪ قلعو تعمير ڪرايو جيڪو بعد ۾ ڪيسپئن گيٽز (ڪيسپئن سمنڊ جا دروازا) جي نالي سان مشھور ٿيو. داغستان جو اتريون پاسو ھُنَن جي قبضي ۾ رھيو جن بعد اتي ڪوھ قاف جي آواري نسل وارن جو غلبو ٿيو. فارس جي ساساني ايمپائر جي ي دؤر ۾ ڏکڻ داغستان جو شھر دربند فارسي تھذيب ۽ ثقافت جو مرڪز ٿي ويو[15][16] 664ع ۾ دربند اموي خلافت جي قبضي ۾ آيو اسلامي ثقافت جو مرڪز ٿي ويو ۽ پندرهين صدي عيسويءَ تائين ھن علائقي مان عيسائيت جو نالو نشان ختم ٿي ويو. منگولن جي دور پوري ٿيڻ وقت ھن خطي م طاقت جا نوان مرڪز: ڪائتاڪ ۽ تارڪي قائم ٿي چڪا ھئا. سورھين صدي عيسويءَ ۾ فارس جي صفوي ايمپائر ھن خطي جي گرفت مضبوط ڪئي اھڙي طرح اوڻويھين صدي عيسويءَ تائين قابض رھيا. روسي پيٽر اعظم ارڙھين صدي ۾ 23-1722ع جي جنگ جي نتيجي ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان لڳولڳ حصو پنھجي قبضي ۾ آندو پر صفوي ايمپائر کي 1735ع ۾ ٿيل گنجه واري معاهدي تحت آھي علائقا واپس مليا. 1747ع کان فارس جي داغستان تي حاڪميت دربند خانيٽ ذريعي شروع ڪئي وئي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ دربند ھيو. 1796ع ۾ دربند روسي ايمپائر جي قبضي ۾ آيو پر بعد ۾ دربند سميت پوري ڪوھ قاف ۾ روس شڪست کائي ٻاھر نڪري ويو.

امام شامل 25 آگسٽ 1859ع ۾ ڪائونٽ بارياٽنسڪي آڏو پيش پوندي

سن 13-1804 واري روس ايمپائر ۽ فارس جي قجر ايمپائر وچ ۾ ٿيل جنگ دوران داغستان تي روس جي اثر رسوخ کي تسليم ڪندي 1806ع ۾ دربند خانيٽ کي گلستان واري معاهدي تحت رضاڪارانه طور تي روسي ايمپائر جي حوالي ڪيو ويو[17]. 1828ع ۾ڻ ترڪمنچائي واري معاھدي سان فارس جو ھن علائقي تان اثر ختم ٿي ويو[18] روسي ايمپائر دوران علائقي ۾ سخت محصول لڳايا ويا ۽ ماڻھن جون ذاتي ملڪيتون سرڪاري تحويل ۾ ورتيون ويون جن عملن مايوسي پيدا ڪئي جنھن مقامي مسلمان جابلو رھاڪن کي بغاوت تي مجبور ڪيو اھڙي طرح امام غازي محمد (1828–32), حمزه بيگ (1832–34) ۽ امام شامل (1834–59) جي قيادت ۾ مزاحمت شروع ڪئي. 1864ع تائين ڪوھ قاف ۾ اھا جنگ ھلندي رھي.

داغستاني ماڻھو جو 1907 کان 1915 وچ ۾ نڪتل ڦوٽو

داغستان ۽ چيچنيا جي مزاحمتي جنگ کي روس ۽ ترڪي واري 78 -1877 واري جنگ مان روسي ايمپائر خلاف بغاوت ڪرڻ ۾ فائدو ٿي رهيو هو. 21 ڊسمبر 1917 تي انگشتيا، چيچنيا ۽ [[داغستان آزادي جي اعلان ڪندي اتر ڪوھ قاف جي جبل واسين جي متحدہ رياست قائم ڪئي جنھن جو نالو مائونٽينينس ريپبلڪ آف نادرن قفقاز ھو جنھن کي عالمي طاقتن تسليم ڪري ڇڏيو. ان جو گاديءَ جو هنڌ تمير خان شھر ۾ ھيو[19][20] ان رياست جو پھريون وزيراعظم چيچن سياستدان تاپا شيرموويف ٿيو. ٻيون وزيراعظم انگوش نسل جو وسن گيري ژيباگئيف ٿيو جنھن 1917ع ۾ ملڪ جو آئين پڻ پاڻ تيار ڪيو. 1920ع ۾ جي ٽئين مدي لاء چونڊجي آيو[21] بالشيوڪ انقلاب کان پوءِ خلافت عثمانيه جي فوج آذربائيجان ۽ داغستان ۾ گھري آيون ھيون. وائيٽ موومينٽٽ نالي ڪميونسٽ مخالفن، قومپرستن ۽ ڪميونسٽ بالشويڪن وچ ۾ ٽن سالن تائين ويڙھ ھلڻ بعد بالشويڪن کي فتح حاصل ٿي جنھن سان 20 جنوري 1921ع ۾ داغستان آٽونامس سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جي قيام جو اعلان ٿيو. 1999ع ۾ چيچنيا جي اسلامي گروپ جا حامي شامل باساييف ۽ ابن الخطاب جي اڳواڻي ۾ شروع ڪيل فوجي مھم دوران داغستان ۾ آزاد اسلامي رياست قائم ڪرڻ جي نيت سان داغستان ۾ گھري آيا. مقامي ماڻھن سندن حمايت نہ ڪئي ۽ روسي فوج کين ڌڪي ٻاھر ڪڍيو[22] ان جي نتيجي ۾ انتقام طور روسي فوج ٻين چيچن جنگ جي شروعات ڪئي[23]

نالي جو مطلب[سنواريو]

لفظ داغستان ترڪ ٻولي جي لفظ داغ جنھن جي معنيَ آهي جبل ۽ فارسي لفظ ستان جنھن جي معنيَ آهي جاء جو مجموعو آھي. اھڙي طرح داغستان لفظ جي معني آهي جبلن واري سرزمين[24]

جاگرافي[سنواريو]

داغستان ريپبلڪ اتر ڪوھ قاف جبلن منجھ روس جي آخري ڏاکڻي حصي ۾ ڪيسپئن سمنڊ تي واقع آهي. ان جي پکيڙ 50٬300 ڪلوميٽرزچورس (19٬400 sq mi) آھي. روس جي اندر داغستان جون حدون اتر ۾ ڪلميڪيا، اولھ ۾ چيچنيا اتر-اولھ ۾ اسٽاوروپول ڪرائي سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ان جي سرحد آذربائيجان جي ضلعن: بالاڪن ريئن، خاچماز ريئن، اوغوز ريئن، قبله ريئن، شڪي ريئن، ڪاخ ريئن، ڪوسار ريئن ۽ زاقاتلا ريئن سان ملن ٿيون. ان کان سواءِ ڏکڻ اولھ ۾ جارجيا ۽ اوڀر ۾ ڪيسپئن سمنڊ سان پڻ ملن ٿيون. داغستان جو سڀ کان اوچو مقام مائونٽ بازاردوز جنھن جي اوچائي 4٬446 ميٽر (14٬587 ft) آهي. داغستان جي اتر کان ڏکڻ تائين وڌ کان وڌ ڊيگھ 400 ڪلوميٽر (250 mi) ۽ اوڀر کان اولھ طرف وڌ کان وڌ ويڪر 200 ڪلوميٽر (120 mi) آھي.

داغستان جو نقشو

داغستان ۾ 1800 نديون ۽ واھ آهن. ندين ۾ ناليواريون سولاڪ ندي، سامور ندي ۽ تيرڪ ندي شامل آهن. داغستان جو ڪيسپئن سمنڊ سان ڪنارو 405 ڪلوميٽر (252 mi) آھي

داغستان جا اتر ڪوھ قاف وارا جبل

داغستان جو ڏاکڻو پاسو ڪوھ قاف جبلن تي مشتمل آهي جن ۾ سڀ کان وڏي چوٽي بازاردوز واري آھي. 4٬470 ميٽر (14٬670 ft) بلند اھا چوٽي داغستان ۽ آذربائيجان جي سرحد تي ٻنھي ملڪن روس ۽ آذربائيجان ۾ واقع آهي. داغستان مان تيل، ڦدرتي گيس، ڪوئلو ۽ ٻيون معدنيات جي ذخيرن سان مالامال آهي[25] ھتان جي آبھوا اونھاري ۾ گرم ۽ خشڪ ۽ سياري ۾ سخت ٿڌي ھوندي آھي. جنوري ۾ سراسري گرمي پد +2 °C (36 °F) ، جولاء ۾ +26 °C (79 °F). ھوا ۾ گھم جي سالياني سراسري اترئين ميداني علائقي ۾ 250 mm (10 in) ۽ ڏکڻ واري جابلو علائقي ۾ 800 mm (31 in) آھي[26].

سياسي نظام[سنواريو]

ريپبلڪ آف داغستان جي پارليامينٽ

جمھوريه داغستان جي پارليامينٽ جو نالو پيپلز اسيمبلي آھي جنھن جا رڪن ڊپٽيز سڏبا آهن. 10 جولاء 2003ع ۾ داغستان ۾ نئون آئين نافذ ڪيو ويو جنھن مطابق ھڪ نئون ادارو رياستي ڪائونسل جوڙيو ويو جنھن ۾ 14 نسلن جي نمائندگي رکندڙ رڪن چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا هئا جن مان حڪومت چونڊي ويندي ھئي جنھن جو سربراھ رياستي ڪائونسل جو چيئرمين ھيو. 20 جنوري 2006ع تي پيپلز اسيمبلي قرارداد ذريعي رياستي ڪائونسل جي اداري کي ٽوڙي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ريپبلڪ جي صدر جو نئون عھدو قائم ڪيو. روسي صدر ولاديمير پيوٽن پيپلز اسيمبلي کي نئين صدر لاء موخو علييف کي ريپپلڪ جي صدر لاء نامزدگي جي آڇ ڪئي جيڪا اسيمبلي قبول ڪئي. اھڙي طرح موخو علييف ريپبلڪ جو پھريون صدر چونڊيو ويو. 20 فيبروري 2010ع تي محمد سلام محمدوف ريپبلڪ جو صدر چونڊجي آيو[27] 3 آڪٽوبر 2017ع تي ولاديمير واسيليف ريپبلڪ جو صدر چونڊجي آيو.[28]

داغستان جي آبادي[سنواريو]

1907 کان 1915 وچ ۾ نڪتل ھڪ داغستاني جوڙي جو ڦوٽو
ڪوھ قاف جي ريجن جا نسلي ٻولي ڳالهائيندڙن جا گروھ
داغستاني مرد ۽ عورت اوڻويھين صديءَ واري لباس ۾

جبلن جي رھائش ۽ اڻانگن رستن سببن ڪري اچ وڃ جي سھولتن جي فقدان سبب داغستان جي آبادي قبيلائي آھي جن ۾ نسلي گروهن جي ڪثرت آھي. ھي ريپبلڪ روس ۾ سڀ کان وڏي ڪثير نسلي رياست آھي. ھن ريپبلڪ ۾ روس جي ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ آبادي ۾ اضافو تيزيءَ سان ٿي رھيو آھي[29].

حوالا[سنواريو]

  1. Президент Российской Федерации. Указ №849 от 13 мая 2000 г. «О полномочном представителе Президента Российской Федерации в федеральном округе». Вступил в силу 13 мая 2000 г. Опубликован: "Собрание законодательства РФ", No. 20, ст. 2112, 15 мая 2000 г. (President of the Russian Federation. Decree #849 of May 13, 2000 On the Plenipotentiary Representative of the President of the Russian Federation in a Federal District. Effective as of May 13, 2000.).
  2. Госстандарт Российской Федерации. №ОК 024-95 27 декабря 1995 г. «Общероссийский классификатор экономических регионов. 2. Экономические районы», в ред. Изменения №5/2001 ОКЭР. (Gosstandart of the Russian Federation. #OK 024-95 December 27, 1995 Russian Classification of Economic Regions. 2. Economic Regions, as amended by the Amendment #5/2001 OKER. ).
  3. Всероссийский Центральный Исполнительный Комитет. Декрет от 20 января 1921 г. «Об Автономной Дагестанской Социалистической Советской Республике». (All-Russian Central Executive Committee. Decree of 20 جنوري 1921 On Autonomous Dagestan Socialist Soviet Republic. ).
  4. 4.0 4.1 Constitution, Article 8
  5. Федеральная служба государственной статистики (Federal State Statistics Service). "Территория, число районов, населённых пунктов и сельских администраций по субъектам Российской Федерации (Territory, Number of Districts, Inhabited Localities, and Rural Administration by Federal Subjects of the Russian Federation)". Всероссийская перепись населения 2002 года (All-Russia Population Census of 2002) (ٻولي ۾ Russian). Federal State Statistics Service. حاصل ڪيل 2011-11-01. 
  6. "26. Численность постоянного населения Российской Федерации по муниципальным образованиям на 1 января 2018 года". حاصل ڪيل 23 جنوري 2019.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  7. "Об исчислении времени". Официальный интернет-портал правовой информации (ٻولي ۾ Russian). حاصل ڪيل 19 January 2019. 
  8. Official throughout the Russian Federation according to Article 68.1 of the Constitution of Russia.
  9. According to Article 11 of the Constitution of Dagestan, the official languages of the republic include "Russian and the languages of the peoples of Dagestan"
  10. Solntsev et al., pp. XXXIX–XL
  11. "Оценка численности постоянного населения по субъектам Российской Федерации". Главная::Федеральная служба государственной статистики. حاصل ڪيل October 24, 2020. 
  12. 12.0 12.1 "Dagestan". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل October 24, 2020. 
  13. Heinrich, Hans-Georg; Lobova, Ludmila; Malashenko, Alexei (2011). Will Russia Become a Muslim Society?. Peter Lang. p. 46. ISBN 978-3631609132. https://books.google.com/books?id=0aAW8O4CTkAC&pg=PA46. Retrieved August 6, 2012. 
  14. Dalby, Andrew (2004). Dictionary of Languages: The Definitive Reference to More Than 400 Languages. Columbia University Press. p. 59. ISBN 0231115695. https://books.google.com/books?id=CnckpL8auSIC&pg=PA59. Retrieved August 6, 2012. 
  15. Michael Khodarkovsky (2015). "Bitter Choices: Loyalty and Betrayal in the Russian Conquest of the North Caucasus" Cornell University Press. ISBN 0801462908 pp. 47–52
  16. "Dagestan". حاصل ڪيل 11 June 2015. 
  17. Timothy C. Dowling (2014). Russia at War: From the Mongol Conquest to Afghanistan, Chechnya, and Beyond pp. 728–730 ABC-CLIO, ISBN 1598849484
  18. Aksan, Virginia (2014). Ottoman Wars, 1700–1870: An Empire Besieged p. 463. Routledge. ISBN 978-1317884033
  19. [١]
  20. Общественное движение ЧЕЧЕНСКИЙ КОМИТЕТ НАЦИОНАЛЬНОГО СПАСЕНИЯ آرڪائيو ڪيا ويا February 23, 2014, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  21. Вассан-Гирей Джабагиев آرڪائيو ڪيا ويا 21 February 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  22. "Rebels stage new invasion of Dagestan". The Independent. 6 September 1999. https://www.independent.co.uk/news/world/rebels-stage-new-invasion-of-dagestan-1116858.html. 
  23. "Russia Sends Ground Troops Into Chechnya, Raising Fears". The New York Times. 1 October 1999. https://archive.nytimes.com/www.nytimes.com/library/world/europe/100199russia-chechnya.html. 
  24. Zonn, Igor S.. The Caspian Sea Encyclopedia. Berlin: Springer. p. 280. 
  25. "Dagestan Republic". www.investinginrussia.ru. حاصل ڪيل 2019-05-08. 
  26. "Climate in Dagestan, Russia". Worlddata.info. حاصل ڪيل 2019-05-08. 
  27. "Putin replaces head of South Russian republic of Dagestan". RT. حاصل ڪيل January 28, 2013. 
  28. "Vladimir Vasilyev appointed Acting Head of Dagestan". President of Russia. حاصل ڪيل 2019-05-02. 
  29. Ware, Robert Bruce. Islamic Resistance and Political Hegemony in Dagestan آرڪائيو ڪيا ويا March 20, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.