قادري سلسلو
قادري سلسلو(انگريزي: Qadri Order) ھي سلسلو پير عبدالقادر جيلاني يا گيلاني (1077–1166) سان منصوب آھي جنھن جو تعلق ايران جي صوبي گيلان سان ھيو. ھن سلسلي جو تعلق سني اسلام جي بنيادي رڪنن سان آهي. ھن سلسلي جا بزرگ دنيا جي مختلف ملڪن م ڦھليا جن ۾ ترڪي، پاڪستان، ايران، بنگلاديش، انڊيا، افغانستان، روس ، فلسطين،. اسرائيل، بلقان وارا ملڪ ۽ چين شامل آهن ,[1]ان کانسواءِ اوڀر ۽ اولھ آفريڪا ، مراڪش، اسپين، ايٿوپيا، صوماليا ۽ مالي ۾ به.[2] عثمان ترڪ خليفي سليمان عبدالقادر جيلاني جي قبر مٿان گنبذ ٺھرايو ۽ قادري سلسلي وارن جون ھمدرديون حاصل ڪيون .سنڌ وارن کي چشتي طريقي سان ڪو به چاهه نه رهيو. باقي قادري طريقو، سو گهڻو اڳ هتي سهروردي طريقي سان گڏوگڏ هلندو رهيو. حضرت سيد عبدالقادر جيلانيؒ جو اولاد سنڌ ۾ اڳ ئي پهچي چڪو هو. ساڳيءَ ريت اُچ وارن قادري بزرگن جو سنڌ سان لاڳاپو هو. درازن وارا فاروقي بزرگ به قادري هئا.روضي ڌڻي حضرت پير محمد راشدؒ، ڪنگريءَ مان سوئي (ضلع سکر) سيراب ٿي. سوئي مان ڀرچونڊي.حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري بابت مولانا عبيدالله سنڌي رحه فرمائيندو هو ته، ”منهنجي اکين جنيدِ وقت حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جهڙو اهل الله نه ڏٺو.“ هن جي وڏن خليفن مان ٻه شخص 1- ابوالسراج مولانا حافظ غلام محمد دين پوري رحه 2- مولانا تاج محمود امروٽيؒ شامل آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Gladney, Dru. "Muslim Tombs and Ethnic Folklore: Charters for Hui Identity"[مئل ڳنڍڻو] Journal of Asian Studies, August 1987, Vol. 46 (3): 495-532; pp. 48-49 in the PDF file.
- ↑ Abun-Nasr, Jamil M. "The Special Sufi Paths (Taqiras)". Muslim Communities of Grace: The Sufi Brotherhoods in Islamic Religious Life. New York: Columbia UP, 2007. 86–96.
- ↑ مضمون:قادري طريقو؛ ڪتاب جو نالو ؛ مهراڻ 1987ع ايڊيٽر؛ نفيس احمد ناشاد جلد؛ 36 نمبر 1- 1987ع ڇپيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from July 2016
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- قادري سلسلو
- روحاني سلسلا
- اسلام ۽ تصوف
- ايشيا ۾ تصوف
- آفريڪا ۾ تصوف
- المشرق ۾ اسلام
- ايشيا ۾ اسلام
- آفريڪا ۾ اسلام
- سني روحاني سلسلا
- المشرق ۾ روحاني سلسلا
- المغرب ۾ روحاني سلسلا