وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/آرڪائيوز 2

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
آرڪائيو ٿيل
مُکبحثاميدوارجائزواعزازهدايتونمعيارشڪايتمدد



سچائيري (سوئريري)، آئس لينڊ
گججڪوول، آئلينڊ کان ايجالجڪوول، هڪ آئوٽليٽ گليشيئر

آئس لينڊ، آئيس لينڊ: اتر ايٽلانٽڪ سمنڊ جو ٻيٽ تي مشتمل نورڊڪ ملڪ آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر ريڪجاويڪ آهي. ھن ملڪ جي آبادي 356,991 ۽ پکيڙ 103٬000 km2 (40٬000 sq mi) آهي. اھو يورپ جو سڀ کان وڌيڪَ ڇڊي آبادي وارو ملڪ آهي. يورپ ۾ سڀ کان ڇڊي آبادي وارو علائقو گرين لينڊ آھي پر اھو ملڪ ناھي ۽ ڊينمارڪ جو حصو آهي. ملڪ جي 66 سيڪڙو آبادي ريڪجاويڪ شھر ۽ ان جي اردگرد رھي ٿي. ھن ملڪ جو شمار دنيا جي ترقي يافته ۽ اميرترين ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1994ع ۾ يورپين ايڪانامڪ ايريا ۾ شامل ٿيو. ھن ملڪ جي معيشت ھلڪي ٽيڪس نظام واري آھي. مالياتي لحاظ کان اھا بايوٽيڪنالاجي ۽ مينيوفيڪچرنگ وارن شعبن تي مشتمل آهي. 2018ع ۾ گڏيل قومن جي انساني ترقي جي اشاريي مطابق آئس لينڊ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ترقي يافته ملڪ ۽ عالمي امن واري اشاريي مطابق دنيا جو پھريون نمبر پرامن ترين ملڪ ھيو. ھي ملڪ نيٽو جو گھٽ ۾ گھٽ آبادي وارو ملڪ آهي. ھي ملڪ دنيا جي انھن چند ملڪن ۾ شامل آهي جن وٽ فوج ڪانه آهي. ھتي رڳو ننڍڙي پيماني تي ڪوسٽ گارڊ موجود آهن


وزير اعظم جو سيڪريٽريٽ
زمين جو نائون نمبر وڏو جبل نانگا پربتپاڪستان۾واقع آهي.

اسلامي جمھوريه پاڪستان (انگريزي ٻولي: Islamic Republic of Pakistan، اردو: اسلامی جمہوریہ پاکستان) ڏکڻ ايشيا جي ننڍي کنڊ جو هڪ ملڪ آهي. ان جون سرحدون اوڀر ۾ انڊيا، ڏکڻ اولھ ايران، اتر اولھ ۾ افغانستان ۽ اتر اوڀر ۾ چين سان ملن ٿيون. ان جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ واقع آهي. پاڪستان جي آبادي 207770000 آھي. اھو آباديءَ جي لحاظ کان دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ ۽ اسلامي ملڪن ۾ انڊونيشيا کان پوء ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي. ان جي پکيڙ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت 880٬940 km2 (340٬130 sq mi) آھي. پکيڙ م ھي ملڪ دنيا جو 34ھون وڏو ملڪ آهي. دنيا ۾ ستين وڏي فوج پاڪستان وٽ آهي. پاڪستان جي گادي جو هنڌ 1960ع تائين ڪراچي ھيو جنھن بعد نئون شھر اسلام آباد ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو. پاڪستان جي آبادي ۽ پکيڙ ۾ سڀ کان وڏو شھر ڪراچي ۽ ٻئين نمبر تي لاھور آھي. پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو.ان جو اعلان 14 آگسٽ رات جو ٻارهين بجي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ سروس جي ذريعي ريڊيو تي ڪيو ويو. 23 مارچ 1956 ۾ پاڪستان ريپبلڪ بڻيو ۽ کيس اسلامي جمھوريه پاڪستان جو نالو ڏنو ويو. پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ڪشمير ھڪ تڪراري علائقو آهي جنھن تي ٻنھي ملڪن وچ ۾ جنگون پڻ لڳي چڪيون آهن.



اروڙ جو ڦِٽل ماڳ
روھڙي ڀرسان نامعلوم ھنڌ

اروڙ(انگريزي: Aror), يا الور(انگريزي: Alor) راءِ گهراڻي (494ع- 622ع) ۽ برهمڻ گهراڻي (622ع- 712ع) جي دور ۾ سنڌ جو تختگاهه ھو. ھي شھر (ستين صدي عيسويءَ ۾) راءِ برهمڻ جي راڄڌاني هو. سنڌ جو هي قديم تخت گاهه/ قلعو /بندر روھڙي ضلعي سکر کان پنج ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ٽڪريءَ تي ٺهيل آهي. ھي ماڳ اتر ′27◦40 ۽ اوڀر ′68◦ 50 ڊگرين تي آهي.ماڳ جو دور پراچين تاريخ کان چوٿين صدي ھجريءَ تائين آهي. ٻڌ ڌرم وارن جو ھتي گهڻو زور ھو. هتي ئي ن کان اڳ واري نئين پٿر جي دور جا آثار به ملن ٿا. ويدن واري زماني ۾ به ھي شھر چڱو آباد ھو. اروڙ تي چندر ونسي راجائن ٤٥٠ع کان ٦٤٢ع تائين حڪومت ڪئي. جن کي راءِ گھراڻو سڏيو وڃي ٿو.


پيانگ يانگ جون ڪجھ رھائشي عمارتون
ڪمگانگ جبل

اتر ڪوريا(انگريزي: North Korea ) ايشيا کنڊ جي اوڀر واري پاسي ڪوريائي اپٻيٽ جي اترئين ڀاڱي ۾ واقع ھڪ ملڪ جنھن جو سرڪاري نالو 'عوامي جمهوريه ڪوريا يا ڊيموڪريٽڪ پيپلز ريپبلڪ آف ڪوريا آھي. هي اتر اوڀر ايشيا جو ملڪ آهي. هن جي اتر ۾ چين، اتر اوڀر ۾ روس، اوڀر ۾ جاپاني سمنڊ، ڏکڻ ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اولهه ۾ پِيلو سمنڊ واقع آھي. ملڪ جي ڪل پکيڙ 122098 چورس ڪلوميٽر (47130 چورس ميل) ۽ آبادي 2 ڪروڙ 20 لک آهي. ھي ملڪ پوري ڪوريائي اپٻيٽ ۽ ويجھن ٻيٽن جي جائز حاڪميت جو دعويدار آھي. ان جي گادي جو هنڌ پيانگ يانگ آھي. ملڪي آئين جي پھرين شق مطابق ھي ملڪ ھڪ خودمختيار سماجوادي رياست آھي


شروان شاهان محل
شروان شاهان محل، باڪو، آذربائيجان

شروان شاهان محل پندرهين صدي ۾ شروان جي شاهان پاران تعمير ڪرايل هڪ محل آهي، 2000 ۾ انکي يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو۔ ۽ يونيسڪو پاران "آذربائيجان جي فن تعمير جي موتين منجهان هڪ" جي طور تي بيان ڪيل آهي. اهو آذربائيجان، باڪو شهر جي اندر واقع آهي، ۽ ڪنواري ٽاور سان گڏ، تاريخي يادگارن جي يونيسڪو عالمي ورثو فهرست تحت ڏنل تاريخي يادگار جو هڪ جوڙو ٺاهي ٿو. ان عمارت جي اڱڻ ۾ محلات جي مُکيا عمارت، ديوان هاني، دفن ڪرڻ وارو تهه خانو، منارو سان شاهه جي هڪ مسجد، سيد يحيي بکوي جو مقبرو(نام نهاد "درويش جو مقبرو")، محل جي ڏکڻ، اوڀر ۾ ٻُنڀو، مُراد جو ٻاهريون دروازو، هڪ تلاءُ(حوض) ۽ شنان واري جاءِ جي باقيات شامل آهن. ان کان اڳ، اتي مزار جي ڀر۾ ھڪڙي آڳاٽي مسجد ھئي. مقبري جي اولهه ۾، اڃا تائين وهنجڻ واري جاءِ (باٿ) ۽ رڍ جو ٻچو جا ستياناس ٿيل کنڊر آهن


عبدالواحد آريسر

عبدالواحد آريسر (جنم: 11 آڪٽوبر 1949ع ۽ وفات: 3 مئي 2015) ھڪ عالم، ليکڪ، محقق ۽ سنڌي قومپرست سياستدان ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو ھڪ اڳواڻ جيڪو شروع ۾ جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين ۽ بعد م جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين رھيو جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ سندس بشير خان قريشي سان تمام گهڻا اختلاف ٿي پيا ھئا ھن پوري زندگي سنڌ جي ماڻھن جي قومي حقن لاء پاڻ پتوڙيو.


چرنا ٻيٽ، ڪراچي
ناگن چورنگي، ڪراچي

ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شھر ۽ صنعتي، تجارتي، تعليمي، مواصلاتي ۽ اقتصادي مرڪز آھي۔ ڪراچيءَ جي رهواسين کي ڪراچيائيٽ به سڏيو ويندو آهي.اھو دنيا جو آبادي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر آھي, ھن جو شمار بيٽا ورلڊ سٽي ۾ ٿئي ٿو. شھر پاڪستان جو سڀ کان وڏو صنعتي ۽ مالياتي مرڪز آھي ء پاڪستان جو ڪاسموپوليٽن شھر آھي. ڪراچي دنيا جو ٻيون وڏو شھر آھي۔ ڪراچي پاڪستان جي صوبي سنڌ جو گادي جو ھنڌ آھي۔ ڪراچي شهر سنڌي سمنڊ جي ساحل تي سنڌو ٽڪور جي اتر اولهه ۾ قائم آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي بندرگاھ ۽ ھوائي اڏو بہ ڪراچي ۾ قائم آھي۔ ڪراچي 1947ع کان 1960ع تائين پاڪستان جي گاديء جو ھنڌ بہ رھيو. ڪراچي شهر نه رڳو سنڌ جو ڪاروباري مرڪز آهي، پر هن خطي جو هڪ اهم بندر پڻ آهي.

مائي ڪولاچي جي وسندي جو بنياد 1729 ۾ چوڻ ۾ اچي ٿو. جتي هينئر ڪراچي آهي. اتي اڳي ڪو به شھر ڪو نه هو. سمنڊ جي هڪڙي ڇاڙ ٿي آئي ۽ ڪي مهاڻن جا گهر هئا ۽ ڪي هندو واپاري هئا ۽ انهيءَ هنڌ کي ڪلاچيءَ جو ڪُنُ چوندا هئا. جو نالو شاھ جي رسالي ۾ به آيل آهي. جيڪي ماڻهو اتي رهندا هئا، اهي جوکين جي ڄام جي نظر هيٺ هوندا هئا. پوءِ اتي هڪڙو جهنگلي ڪوٽ ٺاهيائون، جنهن کي ڪلاچي ڪوٽ چوندا هئا ۽ قلات جي خان جي هٿ ۾ هو، جنهن کي ڪلهوڙن ڏيئي ڇڏيو هو، پر سنه 1795ع ۾ مير فتح علي خان ٽالپر اهو هٿ ڪيو ۽ اتي هڪڙو حاڪم مقرر ڪيائون ۽ اتي جي هندو واپارين مان لک ڏيڍ پيدا ٿيندو هون. ورهيه ٻن کان پوءِ انهيءَ جي بچاءَ لاءِ ميرن منوڙي تي هڪڙو ڪوٽ ٺهرايو. جو پوءِ سنه 1839ع ۾ انگريزن ورتو. پوءِ ٿورو ٿورو ٿي وڌندو ويو ۽ هاڻي ته سنڌ جو وڏو شهر ۽ وڏو بندر شمار ڪيل آهي



ڪرشن ارجن کي گيتا ٻُڌائي رھيو آ
مھاڀارت ۾ رڪارڊ ڪيل، ڪورو ۽ پانڊو جي وچ ۾ وڙھيل، ڪروڪيشتر جي يڌ بابت لکت جو ٽڪرو


گيتا يا ڀڳوَت گيتا (انگريزي: Bhagavad Gita) مشهور رزميه داستان مھاڀارت جي اڌياءَ 23 کان 40 تائين 701 سنسڪرت ٻولي ۾ بيتن تي مشتمل حصو آهي جيڪي ٻين صدي قبل مسيح سان تعلق رکن ٿا. اھو ھندو ڌرم جي پويتر ڪتابن ۾ شامل آهي. گيتا پانڊون شھزادي ارجن ۽ ان جي رھبر ۽ رٿسوار جوڌي ۽ وشنو جي اوتار ڪرشن جي وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه تي ٻَڌل آهي. پانڊون ۽ ڪورون وچ ۾ ڌرم يڌ جي شروعات ۾ پانڊون شھزادو ارجن اخلاقي مونجھاري ۽ پنھنجن مٽن مائڻ سان جنگ جي شڪل ۾ ٿيندڙ موت ۽ تشدد متوقع ھجڻ ڪري دلگيري جو شڪار ھيو ھن کي لڳو تہ جنگ نہ لڳڻ کپي ان ڪري ھن ڪرشن کان مشورو ورتو اھڙي طرح ان جي سوالن جا ڪرشن پاران ڏنل جواب ڀڳوت گيتا سڏبا آھن.



سوامي نارائڻ مندر، ناگپور
سيتابلدي ايريا، ناگپور ۾ ورتل فوٽو

ناگپور (انگريزي: Nagpur)هندستان جي مهاراشٽر رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ سياري جي موسم ۾ رياست جي گاديءَ جو هنڌ آهي . هيءُ شهر ناگ نديءَ جي ڪناري تي آباد ٿيل آهي، انهيءَ ڪري هن شهر تي ناگپور نالو پيو. هڪ اندازي موجب هيءُ شهر 2019 کان 2035ع دوران دنيا جو پنجون تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهر ثابت ٿيندو ۽ هتي آباديءَ جي سراسري واڌ 8.41 سيڪڙو ٿيندي. هن شهر کي هندستان جي صاف سٿرن شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هي شهر مهاراشٽر رياست جي مکيه معاشي ۽ سياسي مرڪزن مان هڪ آهي. هتي صحت ۽ آمدورفت جون بهترين سهوليتون ميسر آهن. جيتوڻيڪ هتي آرام ۽ آسائش جون انيڪ سهولتون موجود آهن پر هي شهر تعصب پرستي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ جي ڪوهيڙي ۾ وڪوڙيل آهي. هي شهر هندو قومپرست تنظيم راشٽريا سويم سيوڪ سنگه (آر ايس ايس) جو ڳڙھ آهي. هتي ٻڌ مذهب سان واسطو رکندڙ دليت به ڪافي سرگرم آهن. هتي گوتم ٻڌ جو هڪ وڏو اسٽوپا ٺهيل آهي جيڪو ”ديڪشاڀومي“ جي نالي سان مشهور آهي. ناگپور جون نارنگيون سڄي هندستان ۾ مشهور آهن. شهر ۽ ان جي آسپاس نارنگين جا ڪئين باغ نظر اچن ٿا ۽ هتي نارنگين جو ڪاروبار وڏي پيماني تي ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هن کي ”نارنگين جو شهر“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. هن شهر ۽ ان جي آسپاس چيتا گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا ان ڪري هن شهر کي ”چيتن جو شهر“ يا ٽائيگر گيٽ وي آف انڊيا به ڪوٺيو وڃي ٿو.



بادشاهي بنگلو، حيدرآباد، سنڌ
راجپوتانا اسپتال ڀرسان جو منظر، حيدرآباد، سنڌ

حيدرآباد (انگريزي ٻولي: Hyderabad) پنهنجي اوائلي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو، سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بہ رهي چڪو آهي. هيءُ ڪلھوڙن جي صاحبي (دور حڪومت) کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ اها حيثيت اوستائين رهيس جيستائين انگريزَ سنڌ تي قابض نہ ٿيا، جن اچي ڪراچيءَ کي سنڌ جي گادي بڻايو. پاڪستان جي بيٺڪ قائم ٿيڻ کان اڳ، حيدرآباد کي پرڳڻي جو پيرس سڏيو ويندو هو. حيدرآباد منجھند جو تمام گرم ٿيندو آهي. سيارو گھڻو ڪري (اڪثر) تمام گھٽ ٿڌو ٿيندو آهي. جڏهن ته اونهاري ۾ منجھند جو گرمي پد 48 درجا سينٽيدريڊ به ٿي ويندو آهي. اونهاري ۾ رات جو تمام سٺو ٺار ٿيندو آهي، جڏهن ته سياري جون راتيون تمام ٿڌيون ٿي وينديون آهن ، ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ اڪثر تيز هوائون لڳنديون آهن. تنهنڪري سياري جون راتين ۾ هوائون تمام گڻيون ٿڌيون ٿينديون آهن ته اونهاري ۾ منجھند جو لُڪَ لڳندي آهي. تنهنڪري حيدرآباد جا ماڻهو اونهاري ۾ منجھند جو ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪندا آهن.



A.D 642 سنڌ جي ٻڌ ڌرم جي بادشاھت
ويدڪ دور جي سنڌ

سنڌ جي تاريخ سنڌ جي اوائلي تاريخ بابت ڪا به يقيني ڄاڻ نه ٿي ملي ۔ مورخين جي چوڻ مطابق سنڌو تهذيب پنج هزار ورهيه پراڻي آهي ۔ هي علائقو شروعات ۾ سمنڊ جو حصو هو ۔ جيڪو زلزلن ۽ ٻوڏن جي اچڻ ڪري سڪي ويو ۔ پيسفڪ سمنڊ ۽ وچ اوڀر کان ڪي قبيلا سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ، جن ۾ دراوڙ ، ميد ,، ڀيل ۽ ميگهواڙ شامل هئا ۔

سنڌ جو نالو ”سنڌو درياءَ“ تان پيو، جيڪو ان جو اصل ۽ شروعاتي نالو آھي آڳاٽي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته ان نالي مختلف وقتن تي مختلف صورتون اختيار ڪيون آھن، جيڪي اصل ۾ بنيادي لفظ "سنڌو" جون مختلف آوازي شڪليون آھن. اتر ۾ ھي صوبو پنجاب، اوڀر ۾ ٿر۽ اولھ ۾ بلوچستان سان ڳنڍيل آھي جڏھن ته ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ڪڇ جو رڻ واقع اٿس. ھيءُ صوبو پاڪستان جي جملي ايراضيءَ مان 140،914 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي.سنڌ جي ابتدائي سياسي تاريخ تي اڃان تائين پردو پيل آھي. موھن جي دڙي جي کوٽائي ۽ اتان لڌل شين مان 2500 سال ق م جي سنڌ ۽ ان جي مھذب ۽ شھري زندگيءَ جو پتو پوي ٿو آريا ھڪ تمام وڏي علائقي ۾ آباد ھئا، جيڪو اويستا واري زماني ۾ سورھن پرڳڻن اندر ھو. هو ھڪ ٻئي کي اباڻن ۽ قبائلي نالن سان سڏڻ کان سواءِ ساڻيھن جي نالن پويان پڻ ضرور سڏيندا ھوندا. ان ڪري ئي اسين ڏسون ٿا ته اڍائي ھزار ورھيه اڳ جي سکامني بادشاھن پنھنجن ٺُلھن جي ڪتبن ۾ سورھن آريائي پرڳڻن جا ڪي ٽيھ نالا ڄاڻايا آھن. انھن ۾ اسان کي ھندو ( سِنڌو) ۽، ان جي صفت، ھندويه سنڌي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اھو پھريون ڀيرو ھو جو ماٿريءَ جي رھواسين کي نالي ڏيڻ لاءِ سنڌي لفظ لکيت ۾ ڪم آندو ويو ھن مان اھو نتيجو به ڪڍي سگھجي ٿو ته ان ئي دور ۾ ھن علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ کي به سنڌي سڏيو ويو ھوند


آسٽن، ٽيڪساس ۾ پيني بيڪر برج ڏانهن اتر اولهه طرف ڏسندي مائونٽ بونيل جي چوٽي جو نظارو.
لوبيڪ، ٽيڪساس ۾ ٽيڪساس ٽيڪ يونيورسٽي ۾ انگريزي ۽ فلسفو جي عمارت

آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست جيڪا آباديءَ توڙي پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ لوئيزانيا, اتر اوڀر ۾ ارڪنساس، اتر ۾ اوڪلاھوما، ۽ اولھ ۾ نيو ميڪسيڪو رياستن سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ھن رياست جون سرحدون ميڪسيڪو سان وڃي ملن ٿيون. ميڪسيڪو نار ھن جي ڏکڻ ۾ موجود آھي.

ھوسٽن ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ سان انتونيو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. آسٽن ھن رياست جي گاديءَ ھو ھنڌ آھي. ٽيڪساس اصل ۾ اصلوڪن آمريڪين (شيدين) جي ڪيڊو ٻوليءَ جي لفظ ”ٽيشا“ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”دوست“.

ٽيڪساس کي ”اڪيلي تاري واري رياست“ پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ھن رياست جي جھنڊي ۾ ھڪ اڇي رنگ جو تارو شامل آھي.اسپين يورپ جو پھريون ملڪ ھو جنھن ٽيڪساس واري علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. فرانس بہ ٿوري عرصي تائين ھتان جي ڪجھ علائقن تي قابض رھيو. 1836ع تائين ھي علائقو ميڪسيڪو حڪومت جو حصو رھيو. 1845ع ۾ ھن کي آمريڪا جي 20 رياست بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مختلف قومن جي تسلط ۽ خانہ جنگين سببان گهڻي عرصي تائين ھيءَ رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندي رھي. پر ٻي عالمگير جنگ کان اڳ چوپايو مال، ڪپھ، ڪاٺ ۽ تيل ھتان جي معيشيت کي ھٿي وٺائڻ جا مکيہ ڪارڻ رھيا.