نارنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
نارنگيون

نارنگي ھڪ ميوو آھي جنھن جو رنگ بہ نارنگي ھوندو آھي. نارنگيءَ ۾ صحت لاءِ ڪيترائي جن ۾ نظر جي بھتري ھڪ آھي.

هي ميوو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ پيدا ٿئي ٿو. يورپ ۾ ته هن جا تمام گهڻا قسم آهن، مگر هندستان ۾ ٽن چئن قسمن کان وڌيڪ پوکڻ ۾ نه ايندو آهي. سلِهٽ جون نارنگيون مشهور آهن، جن کي چيني نارنگيون به چوندا آهن. اهي گول ۽ سنهڙيءَ کل واريون ٿينديون آهن. ٻيون وري گُهنجن واريءَ ٿلهيءَ کل سان آهن، جي قد جون وڏيڙيون ٿين ٿيون. اهي مٿين پرڳڻن ۽ دکن ۾ عام آهن. ٻيون انهن کان ننڍيون ۽ ساديون به ٿين ٿيون.[1]

فصل[سنواريو]

نانگپور ۾ تمام چڱيون نارنگيون ٿينديون آهن. اتي وڻ به ويهن پنجويهن فوٽن جيڏا ٿا ٿين ۽ ويڪرائيءَ ۾ به ايڏا ئي ٿا ٿين. انهن ۾ ايترو ڦر ٿو ٿئي جو ٽارين کي ٿوڻيون ۽ ٽيڪون ڏئي ڇڏيندا آهن، ته متان بار جي ڪري ڀڄي پون. هي پيوند ڪرڻ سان ٿينديون آهن. ليمي يا سنگتڙي جي وڻ تي پيوند ڪبو آهي. ٽئين ورهيه اهو وڻ ڦرڪندو آهي. نانگپور ۾ نارنگيون فيبروريءَ ۽ مارچ ۾ ٻور جهلينديون آهن، جون ۽ جولاءِ ۾ ميوو پچائينديون آهن. وري جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٻور جهلينديون آهن ۽ مارچ تائين سندن ڦر هلندو آهي. مينهن کانپوءِ آڪٽوبر ۾ پاڙون چئن فوٽن جيتريءَ ويڪر ۾ ۽ فوٽ کن اونهيون کولي ڇڏيندا آهن. سنهڙيون سنهڙيون تندون وڍي ڇڏيندا اٿن ۽ ٻن هفتن کانپوءِ انهن کڏن ۾، پراڻو ۽ سڙيل ڳائو پاڻ يا ڪچرو وجهي ڀري ڇڏيندا آهن.[2] جڏهن نارنگيءَ جو وڻ پنجن ڇهن ورهين جو ٿيندو آهي، تڏهن هڪڙي قسم جو ڪينئون لڳندو اٿس، جو ٽارين جي هيٺان ڏانڊين ۾ ٽُنگ ڪري وڃي ٿو ۽ انهن کي ساڙيو وجهي. انهيءَ جو چڱو علاج اهو آهي ته انهيءَ ڪيئين جي سوراخ ۾ هِڱ تيل ۾ ڪاڙهي وجهجي، پوءِ ڪنهن ڪنڊي يا ٽاچنيءَ سان ڪينئون ڪڍي وٺجي. ولايتي نارنگيون آڻي مالٽا مان لکنئوءَ ۾ پوکيون اٿن. اهي چڱيون ٿينديون آهن. نارنگيءَ جي لاءِ زمين ۾ چن چڱو آهي. تنهنڪري جنوريءَ ۾ ڇانگ ڪرڻ کانپوءِ پاڙن ۾، چن يا پراڻو گچ وجهي ڇڏجي. مارچ، اپريل ۽ مئي مهينن ۾ ججهو پاڻي ڏيڻ گهرجي.[3] نارنگيون قلمن سان توڙي پيوند ڪرڻ سان ٿينديون آهن. ليمي جي وڻ تي نارنگيءَ جي اک هڻڻ جو سڀ کان سولو رستو آهي. ٻج پندرهن ڏينهن جي اندر ڦُٽي ٿو ۽ پهرئين ئي سال انهن تي اک جو پيوند ڪري سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم لاءِ فيبروري ۽ مارچ چڱو وقت آهي. ٻج فيبروريءَ ۾ پوکڻ گهرجي.[4] نارنگيءَ جي وڻ ۽ ميوي مان ٽن قسمن جو تيل نڪري سگهي ٿو: پنن مان ڪڙي قسم جو، گلن مان ٻئي قسم جو ۽ ميوي جي کل مان ٽئين قسم جو. نارنگيءَ جي ميوي ۾ جا رس رهي ٿي، تنهن ۾ کنڊ جو جزو گهڻو پيل آهي. انگور جي برعڪس ان ۾ معدني شيون ٿوريون آهن، مگر انگور وانگي ان جي رس کي ڪِني ڪرڻ ۽ جوش ڏيارڻ مان هڪڙو چڱو شراب نڪري سگهي ٿو. نارنگين کي ڀاڻ ڏيڻ ۾ گهڻي کڙ وجهڻ گهرجي. کڙ ڏيڻ جي ريت اسان مٿي انگور جي بيان ۾ ڏني آهي. نارنگيءَ وارن ٻارن ۾ زمين منجهه چن هئڻ چڱو آهي، جو ڇيڻي يا لِڏ سان گڏي وجهڻ گهرجي. نارنگيءَ جو هڪڙو وڻ ٻئي کان ارڙهن انچ پري هئڻ گهرجي. انهيءَ جي وچ ۾ ننڍن ککڙن وارن ميون جا وڻ، جهڙوڪ ڦاروا وغيره پوکي ٿا سگهجن.[5] هڪڙو نارنگيءَ جو قسم، جو اصل چين جو آهي ۽ جنهن کي هندستاني ڪم قوت ڪري سڏيندا آهن، سو ته لچيءَ جيڏو ننڍڙو ٿو ٿئي. هندستان ۾ ڪن هنڌن تي گهڻو ٿيندو آهي. نارنگيءَ کي انگريزيءَ ۾ آر ينج چوندا آهن.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  3. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  6. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو