شروان شاهان محل
| آڳاٽُو شهر باڪو ۾ شروان جي شاهان جو محل ۽ ڪنواري مينار | |
|---|---|
| عالمي ورثو ٺڪاڻو | |
| ملڪ | آذربائيجان |
| قسم | ثقافتي |
| شرط ضابطا | iv |
| حوالو | 958 |
| علائقو** | يورپ |
| تاريخِ شموليت | |
| شموليت | 2000 (24th اجلاس) |
| خطري سان ڳنڍيل | 2003-2009 |
| * عالمي ورثو ماڳن جي فهرست ۾ درج نالا ** يونيسڪو جا علائقا | |
شروان جي شاهن جو محل (آذربائيجاني: [Şirvanşahlar Sarayı] Error: {{Lang}}: text has italic markup (help) ، فارسي: کاخ شروانشاهان، انگريزي ٻولي: Palace of the Shirvanshahs) پندرهين صدي ۾ شروان جي شاهن پاران تعمير ڪرايل هڪ محل آهي. سال 2000ع ۾ ھن کي يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو،[1] ۽ يونيسڪو پاران "آذربائيجان جي فن تعمير جي موتين منجهان هڪ" جي طور تي بيان ڪيل آهي. اهو آذربائيجان، جي گادي جي هنڌ، باڪو شهر جي اندر واقع آهي ۽ ڪنواري مينار سان گڏ، تاريخي يادگارن جي يونيسڪو عالمي ورثو فهرست تحت ڏنل تاريخي يادگار جو هڪ جوڙو ٺاهي ٿو.
ان عمارت جي اڱڻ ۾ محلات جي مُکيا عمارت، ديوان خانه، تدفين جو تهه خانو، هڪ ميناري واري شاهه جي مسجد، سيد يحيي بڪوي جو مقبرو (نام نهاد "درويش جو مقبرو")، محل جي ڏکڻ، اوڀر ۾ هڪ داخلي رستو، "مُراد گيٽ"، هڪ تلاءُ ۽ وهنجڻ واري جاءِ (Bath) جي باقيات شامل آهن.[2] ان کان اڳ، اتي مزار جي ڀر ۾ ھڪڙي آڳاٽي مسجد ھئي. مقبري جي اولهه ۾، اڃا تائين وهنجڻ واري جاءِ جا کنڊر موجود آهن.[3] [4]
اتهاس
[سنواريو]15 هين صدي ۾[5] شيروان شاهي خاندان، شيروان جي ابراهيم پهريون جي ماتحت، هڪ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ پنهنجي گاديءَ جو هنڌ (دارالحڪومت) شيماکا کان باڪو ڏانهن منتقل ڪيو.
سورنهين صدي جي ٻئي اڌ حصي ۾ صفوي ۽ عثماني سلطنت جي وچ ۾ ويڙهه (جنگ) هئي. 1578 ع ۾، ترڪُين باڪو کي فتح ڪيو. محلات واري علائقي ۾ عثماني سلطنت جي حڪمراني جي زماني کان، محل جي چئوگرد اوڀر کان محلات جون ڀِتِيون محفوظ رهيون آهن. هن دروازي جي پورٽل تي رکيل لکيل لکت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته اهي ترڪ سلطان مراد III جي حڪمراني دوران (راڄ (حڪمراني) 1574 کان 1595 سال) جي دور ۾ اَڏاوت ڪيا ويا هيا.[6]
ادبي ڪم جي ڪري، اتي ان وقت محل ۾ ترڪش پاشا رهندا هئا. اوڀر جو دروازو هن جي شاهدي آهي.[7]
فنِ معماري
[سنواريو]محلات جو نقشو
[سنواريو]- شاهي محل
- ديوان-خانو
- سيد يحيي بکيوي مقبرو
- تباهه ٿيل ڪي-ڪبباد مسجد جي جاءِ
- اڀرندو ٻُنڀو
- محل مسجد
- درگاهه
- شنان (وهنجڻ) جي جاءِ
- Ovdan.
مُکيا عمارت (شاهي محل)
[سنواريو]محلات جي عمارت هڪ ئي وقت تي اَڏائي نه وئي.

تصويرون
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Centre, UNESCO World Heritage. "Walled City of Baku with the Shirvanshah's Palace and Maiden Tower — UNESCO World Heritage Centre" (انگريزي ۾). UNESCO. اصل نسخو مان 25 نومبر 2018 تي محفوظ ڪيل. 2016-05-31 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}:|archive-date=/|archive-url=timestamp mismatch; 25 ڊسمبر 2018 suggested (مدد) - ↑ "The Ensemble of the Shirvanshahs' Palace". www.window2baku.com. 2019-11-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Visions of Azerbaijan Magazine ::: The Palace of the Shirvanshahs". Visions of Azerbaijan Magazine (انگريزي ۾). 2019-11-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Palace of the Shirvanshahs". Турагентство в Баку, туры по Азербайджану, туры по Баку (انگريزي ۾). 2019-11-16 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Бретаницкий Л. С. Зодчество Азербайджана XII-XV вв. и его место в архитектуре Переднего Востока / Главная редакция восточной литературы. – Наука, 1966.. – С. 401. – 556 с.
- ↑ "Shirvanshahs Palace :history and curiosities PHOTO". AzerNews.az (انگريزي ۾). 2016-07-13. 2019-12-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Дворец шахов Ширвана". islamtimes.co.uk (روسي ۾). اصل نسخو مان 2018-08-28 تي محفوظ ڪيل. 2019-12-03 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|accessdate=and|access-date=specified (مدد); More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)
| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Palace of the Shirvanshahs. |
- بهترين مضمون
- Lang and lang-xx template errors
- مضمون جن ۾ آذربائيجاني ٻولي جو متن شامل آهي
- Articles containing Persian-language text
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 errors: archive-url
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 errors: redundant parameter
- CS1 روسي-language sources (ru)
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- آذربائيجان ۾ محلات
- آذربائيجان
- آذربائيجان ۾ شاهي رهائش گاهون
- يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثي جا ماڳ
- آذربائيجان ۾ عالمي ورثو ماڳ
- باڪو ۾ اڏاوتون ۽ عمارتون
- باڪو ۾ سياحتي مقام
- فن تعمير