گوتم ٻڌ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
گوتم ٻڌ

گوتم ٻڌ (Bhudha)، هندستان ۾ پيدا ٿيو، هو هڪ شاهي خاندان مان هو سندس نالو اصل نالو ”سڌارٿ“ هو. هن جي ماءَ مهاراڻي مايا لاءِ قديم ڪٿائن ۾ لکيل آهي ته ”مايا، چوڏهينءَ جي چنڊ جيان مقدس، قابل احترام ۽ پوڄا لائق هئي. هوءَ پنهنجي ارادي ۾ ڌرتيءَ جيان اٽل ۽ خاموش هئي. هن جي دل ڪنول جيان پاڪ هئي.“

سوانح[سنواريو]

گوتم جي پيدائش شاهي خاندان ۾ ٿيڻ سبب کيس نازن سان پاليو ويو ۽ ڪوشش ڪئي وئي ته گوتم کي ڪابه تڪليف نه پهچي ۽ نه هو دنيا جون تڪليفون ۽ عذاب ڏسي سگهي. هڪ قصي مطابق گوتم تڏهن دنيا جي تڪليفن کان واقف ٿيو جڏهن هن هڪ غريب، هڪ اپاهج ۽ هڪ جنازي کي ڏٺو. اهي منظر ڏسي هن جي طبيعت تي گهرو اثر پيو. نتيجو اهو نڪتو ته کيس راج محل ۾ هاڻي کيس سڪون ڪون ٿي آيو. راج محل ۾ وٽس عيش عشرت جو هر سامان موجود هو، هڪ خوبصورت ۽ نوجوان زال هئي. تنهن هوندي به هن جي طبيعت ۾ ٿورو به ڦيرو نه آيو. هو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بي چين ٿيندو ويو. هن وٽ اهي خيال اڀرڻ لڳا ته دنيا جي تڪليفن کان نجات جي راه ڪهڙي آهي. ان ئي جستجو ۽ تسڪين جي حاصلات لاءِ هڪ ڏينهن خاموشيءَ هو راج محل ۽ سمورن واسطيدارن کي ڇڏي جهنگ ڏانهن نڪري پيو. گهڻن ئي سالن پڄاڻان هندستان جي هڪ شهر ”گيا“ ۾ هڪ وڻ هيٺيان ويٺي ويٺي کيس سموري گيان جي اها روشني ملي وئي، جنهن کي ”ٻڌتا“ چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح هو ”ٻڌ“ ٿي ويو. جنهن وٽ هيٺان پاڻ ويٺو هو اهو وڻ ”ٻوڌيور ڪڇ“ جي نالي سان مشهور آهي. پوءِ جڏهن گوتم کي جيئن ئي نرواڻ (روشني) ملي، جنهن جي هن کي ڳولا هئي، ته هو اٿي کڙو ٿيو. هاڻ هو نه فقط گوتم يا سڌارٿا هو پر هو ”ٻڌ“ پڻ هو.

گوتم ٻڌ پنهنجي بزرگ آستا (Asita) سان پڻ ملڻ چاهيو ٿي. آستا ان زماني جو هڪ پوڙهو رشي هو، جنهن دنيا جي ڳالهين کي تياڳي هماليا جبلن ۾ اڪيلائپ وڃي اختيار ڪئي هئي. هن شهزادي سڌارٿا (گوتم) لاءِ اڳڪٿي ڪئي هئي ته هي يا ته وڏو بادشاهه يعني چڪرا وارتي ٿيندو يا ڪنهن وڏي ڌرم جو اڳواڻ (ٻُڌ). گوتم ٻُڌ هن درويش صفت انسان آستا ۽ پنهنجن ٻن استادن الارا ڪلاما ۽ راما پِتا سان ملي کين پنهنجي حاصلات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ نڪتو، پر کيس خبر پيئي ته اهي ٽي ئي گذاري ويا آهن. ٻڌ (مرشد) بنجڻ کان پوءِ، گوتم ٻن سوداگرن تپوسا ۽ ڀالڪا سان مليو، جيڪي هن جا پهريان ٻالڪا/مريد (Disciples) ٿيا. گوتم ٻڌ پنهنجي ٺوڙهه ڪرائي، پنهنجي وارن جي سوغات پنهنجن هنن ٻن مريدن کي ڏني. گوتم جا اهي وار برما (ميانمار) جي ٻڌ مندر ”شويداگون پگوڊا“ (جنهن کي انگريزي ۾ گريٽ داگون ۽ گولڊن پگوڊا سڏجي ٿو) ۾ تبرڪ طور رکيل آهن. هي پگودا (ٻڌن جو مندر) برما جي ٻڌن لاءِ سڀ کان اتم ۽ پوتر سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي وارن جي اٺ لڙين سان گڏ گوتم جون ٽي ٻيون نشانيون به آهن جن جي زيارت لاءِ برما ۽ ٻاهر جي دنيا جا ٻُڌَ ياتري اچن ٿا. سون جو پاڻي چڙهيل هي اتاهون پگوڊا 100 کن ميٽر (330 فٽ) بلند برما جي گادي واري شهر ينگون (پراڻو نالو رنگون) ۾ ڪانڊاگي نالي مشهور ڍنڍ جي اولهه ۾ سنگو تارا پهاڙيءَ تي آهي.

سرناٿ[سنواريو]

سرناٿ (Sarnath) شهر هڪ قسم جو زيارت گاهه آهي، جِتي ٻارهوئي ٿائلينڊ، جپان، تبت، برما، سريلنڪا جا ٻُڌ ياتري ايندا رهن ٿا. انهيءَ ڪري انهن جي سرڪار هِتي انهن لاءِ مندر به ٺهرائي ڇڏيا آهن. ٻڌ ڌرم بابت اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ان جو باني انڊيا ۾ ڄائو ۽ هن مذهب جي پرچار انڊيا کان شروع ٿي پوءِ برما، سري لنڪا، چين، تبت، سيام (ٿائلنڊ) ويندي جپان ۽ ڪوريا تائين هي ڌرم مشهور ٿيو. هر ملڪ ۾ هن ڌرم ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ضرور آئي آهي، پر سڀ گوتم جا پوئلڳ آهن.

ڪُشي نگر جنهن جي آدم شماري 20 هزار مس ٿيندي، ٻُڌن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو جو ٻُڌن جو اهو عقيدو آهي ته مري وڃڻ کان پوءِ گوتم ٻڌ کي هن شهر ۾ نرواڻ حاصل ٿيو هو. ڪُشي نگر جنهن کي ڪُسي نگر ۽ ڪُسي نارا جي نالن سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. اتر پرديس رياست جي ڪُشي نگر ضلعي جو شهر آهي. ڪشي نگر انڊيا جي مشهور شهر گورک پور کان 52 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آهي. هَتا، ديوريا ۽ فضل نگر ٽائون سندس ڀر ۾ آهن.

گوتم ٻڌ ”ٻڌ گيا“ شهر ۾ پپر جي وڻ هيٺان تپسيا ۽ ماٺ جو روزو رکڻ ۽ اندر جي روشني حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجن شروعاتي ڪجهه مريدن سان گڏ هن شهر ”سرناٿ“ پهتو ۽ هِتي جي هرڻن واري پارڪ (Deer Park) ۾ پهريون واعظ ڏنو. ان ڪري هي شهر سرناٿ پڻ ٻڌ گويا ۽ ڪشي نگر وانگر ٻڌن لاءِ متبرڪ شهر سمجھيو وڃي ٿو.

سرناٿ شهر ۾ گوتم ٻڌ ۽ ان سان واسطو رکندڙ شين جون ڪيتريون تصويرون ۽ مورتيون آهن. هن شهر سرناٿ بابت هِڪُ ڪِتابُ جنهن جو نالو آهي: “Guide to Buddhist Ruins of Sarnath” هن ڪِتابَ جو ليکڪ آهي راءِ بهادر ديارام ساهي. ٻڌن جو چوٿون پوتر شهر لمبني (Lumbini) آهي، جيڪو نيپال جي روپان دَهي ضلعي ۾ آهي. هِتي راڻي مايا ديويءَ گوتم (سڌارٿا) کي جنم ڏنو. گوتم جي ڄمڻ کان پوءِ، سگهوئي، هفتي اندر مايا گذاري وئي ۽ گوتم کي سندس ماسيءَ (مايا جي ڀيڻَ) ”مهاپاجا پَتي“ نپايو. ”مايا ۽ سڌوڌانا کي ويهن سالن تائين ڪو به ٻار نه ٿيو.“ ”روايتن موجب، چوڏهينءَ جي هڪ چانڊوڪي رات جو راڻي عطر عنبير هڻي، چوٽا کولي ستي پئي هئي ته هن خواب ۾ محسوس ڪيو ته هن وٽ چار ديوَ (روحَ) آيا، جيڪي هن کي هماليا جبلن ڏي انوٽتا ڍنڍ تي وٺي آيا. ان ڍنڍَ ۾ سِنان ڪرائڻ کان پوءِ ديون هن کي سهڻا ڪپڙا پارائي خوشبوئن سان معطر ڪيو. ان کان پوءِ هن ڏٺو ته هڪ اڇو هاٿي ڪنول (Lotus) جو گل پنهنجي سونڍ ۾ جھلي هن اڳيان ظاهر ٿيو ۽ هن جي چوڌاري ٽي ڦيرا ڪري، هن جي ساڄي پاسي کان سندس پيٽ ۾ داخل ٿي ويو ۽ راڻيءَ جي اک کلي وئي. هوءَ سمجھي وئي ته هن کي ٻار ڄمڻ جو نياپو ڏنو ويو آهي.“ گوتم لمبني شهر ۾ ڄمڻ کان پوءِ 29 ورهين جي عمر تائين اتي ئي رهيو. ان بعد هو تپسيا لاءِ ٻُڌ گايا ۾ رهيو، جِتان هو هن شهر سرناٿ پهتو. گوتم ٻڌ جي سرناٿ شهر ۾ اچڻ کان پورن 300 سالن کان پوءِ هندستان جو شهنشاهه اشوڪ هن شهر سرناٿ ۾ آيو، جنهن هِتي هڪ اسٽوپا (ٿنڀو) ٺهرايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ ”چوکنڊي اسٽوپا“ سڏجي ٿو. [1] [2]

ٻڌ تعليمات جي شروعات[سنواريو]

هندستان جي شهر ڪاشي ”بنارس“ جي ويجهو سارناٿ جي شڪارگاه ۾ ٻڌ پنهنجي تبليغ شروع ڪئي. سارناٿ ان دور ۾ رشي پتن سڏبو هو. گوتم ٻڌ پنهنجي تعليم ۾ ديوتائن جي نالي تي ٿيندڙ جانورن جي قربانين جي مذمت ڪئي. هن وڌيڪ زور ان ڳاله تي ڏنو ته جيڪڏهن قرباني ڏيڻي آهي ته انسان کي گهرجي ته پنهنجي ڪاوڙ، حسد ۽ خواهشن کي قربان ڪري نڪي معصوم جانورن جو خون وهائي.

ان وقت هندستان جا حالات[سنواريو]

گوتم ٻڌ جي پيدائش وقت هندستان ۾ ”ويدڪ ڌرم“ ڦهليل هو، پر ان ۾ به وقت سان گڏ ڪافي تبديليون اچي چڪيون هيون. برهمڻ يا مذهبي اڳواڻن پوڄا پاٺ ۽ ظاهري رسمن تي گهڻو زور ڏنو ٿي. انهن ذاتين جون بندشون وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيون. مذهبي پيشوائن عام انسان جي زندگي کي وڌيڪ ڏکارو بنائي ڇڏيو هو. تنهنڪري گوتم ٻڌ، مذهبي پيشوائن کان تنگ ٿيل طبقي جو پسنديده سڌارڪ ٿي پيو. گوتم، انهن مذهبي پيشوائن جي خرابين کي وڌيڪ چٽو ڪيو ۽ ان ڳاله تي زور ڏنو ته عبادت جي ڏيکاءَ وارين رسمن ۾ ڪابه صداقت ناهي. اهڙي طرح هن ٻڌ ڌرم جي پوئيلڳن ۽ ڀڪشوئن جي هڪ تنظيم ”ٻڌ سنگه“ جو بنياد وڌو.

ٻڌ ڌرم جو اثرڻ[سنواريو]

هڪ مذهب جي حيثيت ۾ ٻڌ ڌرم گهڻي وقت تايئن مشهور نه ٿي سگهيو، پر وقت گذرڻ سان گڏ ان جي مشهوريءَ ۾ واڌارو ايندو ويو. هندستان ۾ الڳ مذهب طور ٻڌ ڌرم گهڻي ڀاڱي نه اچي سگهيو. هندستان کان ٻاهر ٻڌ ڌرم هڪ جدا مذهب واري حيثيت اختيار ڪئي. ڏورانهن علائقن مثال طور سريلنڪا کان وٺي چين تائين ان نظريي جو جدا مذهب طور ڦهلاءُ ٿيو پر پنهنجي ئي وطن هندستان ۾ اهو برهمڻ ازم يا هندو ڌرم ۾ ضم ٿي ويو. البته هندو ڌرم تي ان جو گهرو اثر ٿيو ۽ هندو مذهب مان ڪافي برايون ۽ وهم نڪري ويا.

حوالا[سنواريو]

  1. http://books.sindhsalamat.com/book.php?book_id=296#14896
  2. ڪتاب: بنارس کان برمودا, الطاف شيخ
  • يادگار شخصيتون ـ ليکڪ: جواهر لال نهرو، ترجمو: ظفر

بيروني لنڪس[سنواريو]