ارجن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ارجن Arjuna

بالي، انڊونيشيا ۾ ارجن، ماهر پانڊوَ جو بت
Personal Information
جنس Male (Enunch at Agyatvasa)
عنوان Gandivadhari
لاڳاپو
هٿيار ڪمان ۽ تير
ڪٽنب ماءُ پيءُ
ڀائر (ڪُنتي) نڳا-ڀائر (مدري)
جيون ساٿي
ٻارڙا
رشتيدار

ارجن (سنسڪرت: अर्जुन, IAST: Arjuna)، جنهن کي پارٿا ۽ ڌننجيا به چيو ويندو آهي، هندستاني مهاڪٿا مهاڀارت جي اهم ڪردارن مان هڪ آهي ۽ ٻين پراچين هندو شاسترن ۾ به نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڀڳوت پُراڻ به شامل آهن. مهاڪڀا ۾، هو راجا پانڊوَ جي پنج پانڊوَ پٽن مان ٽيون نمبر پُٽ آهي.[1][2] گهراڻو ڪوروَ سلطنت جي شاهي سلسي جو حصو بڻيو. مهاڀارت جي جنگ ۾، ارجن پانڊوَ طرفان هڪ اهم ويڙهاڪ هو ۽ هِن ڪرنَ سميت ڪيترن ئي ويڙهاڪن کي ماريو هو. جنگ جي شروعات کان اڳ، سندس گُرو، ڪرشن، کيس اخلاقي مونجهارن تي سوڀارو ٿيڻ لاءِ ڀگوت گيتا جي مهان ڄاڻ ڏني.[3][1][4][2][5]

زندگي ۽ ڪهاڻيون[سنواريو]

فائل:Death of Jayadratha.jpg
ارجن پاران جئدرٿ جو موت

ڄم ۽ شروعاتي زندگي[سنواريو]

ارجن پانڊوَ راجا جي پنج پُٽن ۾ ٽيون نمبر پُٽ هو، جيڪو راڻيءَ ڪُنتيءَ (ماتا ڪنتي) جي ڳرڀ مان پيدا ٿيو هو.[1] هن لڙائيءَ جي سکيا پنهنجي گُرو دروڻ آچاريه کان ورتي ۽ تيراندازيءَ ۾ پڻ هن اهم مهارت حاصل ڪئي، جنهنڪري هن سويمبر ۾ دروپديءَ کي کَٽيو هو.[1] هن جُوا ۾ دروپديءَ کي هارائڻ جي نتيجي ۾ پانڊوَ ڀائرن کي ٻارهن سال بنواس ڀوڳڻو پيو، جنهن دوران سمورو وقت ارجن پنهنجي ڀائرن سان گڏ رهيو.[1] تيرهن سالن اندر ڪوروَن ۽ پانڊوَن جي وچ ۾ ڪروڪيشتر‘يا ڪرو کيتر جي ميدان ۾ جنگ لڳي، ان جنگ کي مهاڀارٿ سڏين ٿا.[1] ان جنگ ۾ شري ڪرِشنَ پانڊوَن جي پاسي هو ۽ ارجُن جو رٿڀان ٿيو.[1][4] ڪروکيتر جي جنگ ۾ ارجن پنهنجي سڀني مِٽن مائٽن ۽ سئوٽن کي پنهنجي مقابلي ۾ ڏسي، جنگ مان هٿ ڪڍڻ جو ارادو ڪيو، پر ڪِرشنَ مهاراج کيس ڀڳوت گيتا جا اُپديش ڏنا ۽ هن کي لڙائي وڙهڻ جي لاءِ هامَ ڀرائي.[1][4] ان لڙائيءَ ۾ ڪوروَن جا وڏا طرفدار، ڀيم سين، جئيدرٿ ۽ ڪَرَن مارجي ويا ۽ پانڊوَن جي سوڀ مِلي.[1] انکاپوءِ ارجن ڪيتريون ئي لڙايون ڪري، پنهنجي حڪومت کي گجرات کان وٺي ڪاٺياواڙ ۽ دکن تائين وَڌايو. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ ارجن هماليا جي جهنگلن ڏانهن هليو ويو ۽ اُتي ئي پرلوڪ پَڌاري ويو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 "ارجن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  2. 2.0 2.1 "پانڊوَ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  3. Davis, Richard H. (26 October 2014) (en ۾). The Bhagavad Gita. ISBN 978-0-691-13996-8. https://press.princeton.edu/books/hardcover/9780691139968/the-bhagavad-gita. 
  4. 4.0 4.1 4.2 "ارجن ڪرشن : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-11-08. 
  5. "ڀـڳـوت گيتا | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2021-11-08.