اوشينيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اوشيانيا
Oceania (orthographic projection).svg
پکيڙ8٬525٬989 km2 (3٬291٬903 sq mi)
آبادي40,117,432 (2016, 6th)[1]
گھاٽائي4.19 /km2 (10.9 /sq mi)
جي ڊي پي (نامينل)$1.630 ٽرلين ڊالر (2018, 6th)
جي ڊي پي (في ماڻھو)$41,037 (2017, 2nd) [2]
آبادي جي سڃاڻپاوشيانيئن يا اوشيانيائي
ملڪ
بي اختيار علائقا
ٻوليون
ٽائيم زونUTC+09

(پاپوا کان پالائو)

UTC-6 (ايسٽر آئلينڊ) (اولھ کان اوڀر)
وڏا شھر


اوشيانيا(انگريزي: Oceania) دنيا جي ھڪ وڏي جاگرافيائي خطي يا کنڊ جو نالو آهي جنھن ۾ آسٽريليا، ميلنيشيا، مائڪرونيشيا، پولينيشيا شامل آهن [3]. جيڪو ڌرتي جي اوڀر واري اڌ گولي ۽ اولھ واري اڌ گولي تي مشتمل آهي. اوشيانيا جي پکيڙ 8٬525٬989 ڪلوميٽرزچورس (3٬291٬903 sq mi) آهي. ان جي آبادي 410 لکن جي لڳ ڀڳ آهي. خشڪي جي لحاظ کان ھي دنيا جو سڀ ننڍڙو کنڊ آھي ۽ آبادي جي لحاظ کان اينٽارڪٽيڪا کان پوءِ دنيا جو ٻيون نمبر ننڍڙو کنڊ آھي. اوشيانيا ۾ واقع ملڪي معيشتون گُهڻَ قسمن جون آھن جن ۾ تمام وڏا ترقي ماڻيل ملڪ، عالمي مقابلي واريون آسٽريليا، نيو ڪيليڊونيا ۽ نيوزيلينڊ جي مارڪيٽن واريون معيشتون جيڪي اعلیٰ معيار زندگي واريون آهن ۽ انھن جو انساني ترقي جو اشاريو اوچو آهي.

اوشيانيا جون حدون[سنواريو]

اوشيانا جون ريجن

اوشيانيا جون حدون حتمي نہ آھن ڇوتہ ان بابت مختلف راء آھي. ان جي جاگرافيائي آخري حدن ۾ واقع ٻيٽن جي ھڪ جھرمٽ بونن آئلينڊز سياسي طور جپان جو اڻٽٽ حصو آھن، ھڪ ٻي ٻيٽن واري جھرمٽ ھوائي آھي جيڪا يونائيٽيڊ اسٽيٽس جو رياست آھي. آخري حدن ۾ واقع ڪلپرٽن آئلينڊ تي فرانس جو قبضو آھي. جوئان فرڊيننڊز آئلينڊ چلي جو حصو آهي جڏھن تہ ان جي آخري حدن ۾ واقع مڪوري آئلينڊ آسٽريليا جو حصو آهي. انھن سڀني قابض ملڪن مطابق اوشيانيا جون آخري حدون پنھنجي پنھنجي قبضن جي بنياد تي مختلف آھن. گڏيل قومن جي اداري مطابق اوشيانيا جون حدون اڃان مختلف آھن جنھن مطابق بونن آئلينڊز، ھوائي، ڪلپرٽن آئلينڊ ۽ جوئان فرڊيننڊز آئلينڊ ايسٽر آئلينڊ سميت اوشيانيا جي حدن کان ٻاھر آھن[4]. حياتياتي جاگرافي مطابق اوشيانيا لفظ ٻن ماحولياتي خطن جي نالي طور استعمال ٿيندو آهي: آسٽريليائي ماحولياتي خطو، اوشيانيائي ماحولياتي خطو (ميلنيشيا، پولينيشيا ۽ مائڪرونيشيا )[5]. ان کان سواءِ فجي پڻ اوشيانيائي ماحولياتي خطي ۾ شامل آهي. آسٽريليائي ماحولياتي خطي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، پاپوا نيو گني، اوڀر انڊونيشيا، سولومن آئلينڊز، وينوآتو، نيو ڪيليڊونيا ۽ انھن جي ڀر وارا ٻيٽ شامل آهن [6]. برازيل ۽ ڪجھ ملڪن مطابق اوشيانيا دنيا جو ھڪ کنڊ آھي. انھن ملڪن ۾ آسٽريليا جي کنڊ ھجڻ جو تصور ڪانہ آھي[7] جاگرافيدانن جي ھڪ گروہ جو خيال آهي ته آسٽريليائي زميني پليٽ ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ٻيٽن کي گڏي اوشيانيا چئبو آهي[8]. ھن کنڊ کي عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين ۾ اوقيانوسيه سڏيو ويندو آهي جنھن جي معنيَ بحرستان آھي. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق اوشيانيا يا بحرستان جون سرحدون مختلف انداز ۾ ڏيکاريون وڃن ٿيون. گهڻو ڪري آسٽريليا، نيو زيلينڊ، نيو گني ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي سامونڊي علاقن کي بحرستان (Oceania) جو حصو قرار ڏنو وڃي ٿو. بحرستان جي جزيرن کي هيٺين ٽن علائقن مالينيشيا، مائيڪرونيشيا ۽ پولينيشيا ۾ ورهايو وڃي ٿو. اوشيانيا (Oceania ):پئسفڪ ۽ -ان- سان لاڳاپيل ننڍن سمنڊن ۽ ٻيٽن جي مجموعي جو نالو، موجوده وقت ۾ هن اصطلاح جي معنيٰ ۾ ڪافي وسعت آندي وئي آهي. بهرحال، ملڪن جي هن مجموعي ۾ آسٽريليا کان سواءِ، نيوزيلينڊ، فجي، -ٽوگو-، پانيوگني، ناؤرو (Nauru) ۽ سموئا وغيره شامل آهن.[9]

نالو[سنواريو]

لفظ اوشيانيا اوشين (Ocean) لفظ مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي بحر يا وڏو سمنڊ. ان کنڊ کي اوشيانيا نالو 1812ع ۾ فرانس جي جاگرافيدان ڪانريڊ مالٽي برون ڏنو ھيو[10][11].

جاگرافي[سنواريو]

اوشيانيا جي سڀ کان وڏي چوٽي پنچڪ جايا (Puncak Jaya) ملاڪا جي سمنڊ آمريڪاس جي ڪناري تي واقع آهي


اوشيانيا چئن خطن تي مشتمل ھيو جن ۾ شامل ھئا: پولينيشا، مائڪرونيشيا، ملائيشيا جنھن کي ھاڻي ملائي ٻيٽن جي جھرمٽ چون ٿا ۽ ميلينيشيا [12] ۾ ھاڻي ان ۾ ٽن زمين کنڊن جي حصن يوريشيا، آسٽريليا ۽ زيلينڊيا سميت زميني کنڊن کان الڳ ٻرندڙ جبلن وارن فلپائينز، وليسيا ۽ پئسفڪ ٻيٽن وارا علائقا شامل آهن. اوشيانيا اولھ ۾ نيو گني، اتراولھ ۾ بونن آئلينڊز، اتراوڀر ۾ ھوائيئن آئلينڊز، اوڀر ۾ ايسٽر آئلينڊ ۽ آئيلا سلاس ئي گوميز ۽ ڏکڻ ۾ ميڪوري آئلينڊ تائين ڦھليل آھي پر ان ۾ تائيوان,ريوڪيو آئلينڊز جپاني ٻيٽن جي جھرمٽ ۽ ملوڪو آئيلنڊز شامل ناھن جيڪي ايشيا جي ٻاھرين حدن اندر آھن. ان کان علاوه الوشن آئلينڊز پڻ شامل ناھن جيڪي اتر آمريڪا کنڊ جي حدن ۾ واقع آھن. اوشيانيا جي آخري ڇيڙا ڌرتي جي اترين اڌ گولي ۾ بونن آئلينڊز لڳ اتر ۾ 28 ڊگري تي ۽ ڏاکڻي اڌ گولي ۾ ميڪوري آئلينڊ لڳ ڏکڻ طرف 55 ڊگري تائين واقع آھن[13] .

سي آء اي ورلڊ فيڪٽ بڪ تان اوشنيا جو نقشو
پئسفڪ رياستن ۽ علائقن لاءِ خاص اقتصادي علائقا

خطو[سنواريو]

اوشيانيا جي خِطي مائڪرونيشيا جي اتراولھ پاسي ماريانا آئلينڊز، وچ تي ڪيرولين آئلينڊز، اولھ پاسي مارشل آئلينڊز ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ ڪريبتي آئلينڊز واقع آھن [14][15] ميلينيشيا خِطي ۾ ڏکڻ اولهه واري پاسي نيو گني واقع آهي جيڪو گرين لينڊ بعد دنيا جو ٻيون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. ھن ريجن جا ٻيا علائقا بسمارڪ ٻيٽن جي جھرمٽ، سولومن آئلينڊز، سانتا ڪروز آئلينڊز،وينوآتو ، فجي ۽ نيو ڪيليڊونيا شامل آهن[16] . پولينيشيا واري خِطي جي اتر ۾ ھوائي کان ڏکڻ ۾ نيوزيلينڊ تائين ڦھليل آھي جنھن جي اولھندي پاسي ۾ ٽوالو، ٽوڪيلائو، ساموآ، ٽونگا ۽ ڪرمڊيڪ آئلينڊز واقع آھن. ان جي وچ واري حصي ۾ ڪڪ آئلينڊز ، سوسائٽي آئلينڊز ۽ آسٽرل آئلينڊز واقع آھن. پولينيشيا جي اوڀر واري پاسي ۾ مارڪيسس آئلينڊز, ٽئاموٽس، منگريوا آئلينڊز ۽ ايسٽر آئلينڊ واقع آھن[17] . آسٽرليشيا واري خِطي ۾ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، نيوگني ۽ انھن جي ويجھو واقع پئسفڪ سمنڊ جا ٻيٽ شامل آهن. انڊيا کان آسٽريليا تائين وارا علائقا ۽ ان جي ڏکڻ وارو پاسو ڏکڻ وڏي سمنڊ تائين انڊو آسٽريلين پليٽ ۾ شامل آهن. آسٽرليشيا اولھ ۾ ھندي سمنڊ کان ڏکڻ ۾ ڏکڻ وڏي سمنڊ تائين پکڙيل آهي [18] [19] . .

ڀوُن وديا (جيالاجي)[سنواريو]

پيسفڪ واري زميني پليٽ لڳ ڀڳ سموري اوشيانيا کنڊ تي مشتمل آهي رڳو ان مان آسٽرليشيا ۽ ميلينيشيا جو اولھندو حصو شامل نہ آھي.

پئسفڪ سمنڊ واري زميني پليٽ ٽيڪٽونڪ پليٽ آھي جيڪا لڳ ڀڳ سموري اوشيانيا کنڊ تي مشتمل آهي رڳو ان ۾ آسٽرليشيا ۽ ميلينيشيا جو اولھندو حصو شامل نہ آھي جيڪو انڊو آسٽريلين پليٽ ۾ واقع آهي جيڪو ڌرتي جي سڀ کان ھيٺاھون ، ھموار ۽ سڀ کان قديم زميني ٽڪرو آھي. ٽيڪٽونڪ پليٽ جي پکيڙ 10,30,00,000 چورس ڪلوميٽر آھي. ان جو ٻرندڙ جبلن وارو اندروني مرڪز ھوائي ٻيٽن واري ھنڌ آھي [20]. ٽيڪٽونڪ پليٽ جو ٻاھريون تھ لڳ ڀڳ سمورو پئسفڪ سمنڊ ھيٺ آھي [21][22] ييسفڪ سمنڊ جا اڪثر ٻيٽ اوچا ۽ ٻرندڙ جبلن وارا آھن. ايسٽر آئلينڊ، آمريڪي ساموآ ۽ فجي ان جو مثال آھن جن جي سامونڊي سطح کان اوچائي 1300 ميٽرن جي بلندي تائين آھي[23]. اتر اولھ ھوائي ٻيٽ 3 ڪروڙ سالن کان 70 لک سال اڳ جي دوران ٺھي [24]ا. ھوائي جو سڀ کان اوچو جبل مائونٽ ڪيئا آھي جنھن جي اوچائي سمنڊ جي سطح کان 4.205 ميٽر آھي[25] .

گڏيل ٻوٽا (ونسپتي، فلورا)[سنواريو]


نيوزيلينڊ جي ٻھراڙي

اوشيانيا جو سڀ کان وڌيڪ انواع وارو ملڪ آسٽريليا آھي جنھن جي اتر-اوڀر، ۾ ٽراپيڪل برساتي ٻيلا, ڏکڻ-اوڀر، ڏکڻ-اولھ ۽ اوڀر ۾ جبلن جون قطارون ۽ وچولي حصي ۾ رڻپٽ آهن [26] . اھو رڻپٽ وارو يا ريگستاني. ۽ غيرآباد علائقو ھن سرزمين جو سڀ کان وڏو حصو آهي. آسٽريليائي نباتات جون نمايان خاصيتون سوڪھڙي ۽ باھ سان مطابقت پذير آھن جن ۾ اسڪليرمارفي(پنن جي سختي ۽ وٿي) ۽ سيروٽني (باھ جي ذريعي ٻجن جو ڦٽي پوڻ) واريون خاصيتون شامل آهن. اھا موافقت نباتات جي وڏن ۽ معروف خاندانن ۾ موجود آهي جن جا نالا: پروٽياسي، بنڪسيه، مرٽاشيئي، بيد مشڪ کئنور واري ٻوٽن ۾ عام آھن، فباسيئي ۽ ٻٻر وغيره.

فجي، سولومن آئلينڊز، وينوآتو ۽ نيو ڪيليڊونيا جي نباتات ٽراپيڪل خشڪ ٻيلن تي مشتمل آهي جنھن ۾ ناريل جا وڻ، پريمنا پروٽروسا،سائڊريڪس اوڊورٽا، گائروڪارپس امريڪنس ۽ ڊيرس ٽرائفوليئاٽا شامل آهن. نيوزيلينڊ ۾ نباتات جا انيڪ قسم آھن جيڪي اتان جي سمورين مختصر موسمن سان موافقت رکندڙ آھي[27] . ھوائي ۾ نباتات جو ھڪ قسم برگميا آھي جنھن جا ٻہ نسل ۽ 120 جنسون آهن[28]



وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  2. "United Nations Statistics Division – National Accounts". unstats.un.org. 
  3. For a history of the term, see Douglas & Ballard (2008) Foreign bodies: Oceania and the science of race 1750–1940
  4. "Countries or areas / geographical regions". United Nations. حاصل ڪيل 25 April 2019. 
  5. Udvardy. 1975. A classification of the biogeographical provinces of the world
  6. Lewis, Martin W.; Kären E. Wigen (1997). The Myth of Continents: a Critique of Metageography. Berkeley: University of California Press. p. 32. ISBN 978-0-520-20742-4. https://archive.org/details/mythcontinentscr00lewi. "Interestingly enough, the answer [from a scholar who sought to calculate the number of continents] conformed almost precisely to the conventional list: North America, South America, Europe, Asia, Oceania (Australia plus New Zealand), Africa, and Antarctica." 
  7. https://atlasescolar.ibge.gov.br/images/atlas/mapas_mundo/mundo_034_divisao_continentes.pdf
  8. (Lewis & Wigen, The Myth of Continents 199740)
  9. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%88%D8%B4%D9%8A%D8%A7%D9%86%D9%8A%D8%A7
  10. سانچو:OED
  11. Lyons, Paul (2006). American Pacificism: Oceania in the U.S. Imagination. p. 30. ISBN 9781134264155. https://books.google.com/books?id=-2V_AgAAQBAJ. 
  12. Dumont D'Urville, Jules-Sébastien-César (2003). "On the Islands of the Great Ocean". Journal of Pacific History 38 (2): 163–174. doi:10.1080/0022334032000120512. 
  13. Douglas & Ballard (2008) Foreign bodies: Oceania and the science of race 1750–1940
  14. Academic American encyclopedia. Grolier Incorporated. 1997. p. 8. ISBN 978-0-7172-2068-7. https://books.google.com/books?id=cF8NAQAAMAAJ. 
  15. Lal, Brij Vilash; Fortune, Kate (2000). The Pacific Islands: An Encyclopedia. University of Hawaii Press. p. 63. ISBN 978-0-8248-2265-1. https://books.google.com/books?id=T5pPpJl8E5wC&pg=PA63. 
  16. West, Barbara A. (2009). Encyclopedia of the Peoples of Asia and Oceania. Infobase Publishing. p. 521. ISBN 978-1-4381-1913-7. https://books.google.com/books?id=pCiNqFj3MQsC&pg=PA521. 
  17. Dunford, Betty; Ridgell, Reilly (1996). Pacific Neighbors: The Islands of Micronesia, Melanesia, and Polynesia. Bess Press. p. 125. ISBN 978-1-57306-022-6. https://books.google.com/books?id=3n2z7E1zH3MC. 
  18. Douglas, Bronwen (2014). Science, Voyages, and Encounters in Oceania, 1511–1850. Palgrave Macmillan. p. 6. 
  19. de Brosses, Charles (1756) (French ۾). Histoire des navigations aux terres Australes. Contenant ce que l'on sçait des moeurs & des productions des contrées découvertes jusqu'à ce jour; & où il est traité de l'utilité d'y faire de plus amples découvertes, & des moyens d'y former un établissement. Paris: Durand. https://books.google.com/books?id=o3x_MaYZVJQC. 
  20. "SFT and the Earth's Tectonic Plates". Los Alamos National Laboratory. وقت 17 February 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 February 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  21. Frisch, Wolfgang; Meschede, Martin; Blakey, Ronald C., Plate Tectonics: Continental Drift and Mountain Building, Springer Science & Business Media, صفحا. 11–12, ISBN 978-3-540-76504-2 .
  22. Pain, C.F., Villans, B.J., Roach, I.C., Worrall, L. & Wilford, J.R. (2012): Old, flat and red – Australia's distinctive landscape. In: Shaping a Nation: A Geology of Australia. Blewitt, R.S. (Ed.) Geoscience Australia and ANU E Press, Canberra. pp. 227–275 ISBN 978-1-922103-43-7
  23. "Fiji". CIA World Factbook. حاصل ڪيل December 28, 2014. 
  24. Clague, D.A. and Dalrymple, G.B. (1989) Tectonics, geochronology, and origin of the Hawaiian-Emperor Chain in Winterer, E.L. et al. (editors) (1989) The Eastern Pacific Ocean and Hawaii, Boulder, Geological Society of America.
  25. "Mauna Kea Volcano, Hawaii". Hvo.wr.usgs.gov. حاصل ڪيل November 5, 2011. 
  26. "Parks and Reserves – Australia's National Landscapes". Environment.gov.au. وقت 4 January 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 January 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  27. NZPCN (2006). New Zealand indigenous vascular plant checklist. ISBN 0-473-11306-6. Written by Peter de Lange, John W.D. Sawyer and J.R. Rolfe.
  28. Loffler, Ernst; Anneliese Loffler; A.J. Rose; Denis Warner (1983). Australia: Portrait of a continent. Richmond, Victoria: Hutchinson Group (Australia). pp. 37–39. ISBN 978-0-09-130460-7.