ڏکڻ آمريڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڏکڻ آمريڪا
پکيڙ 17٬840٬000 km2 (6٬890٬000 sq mi) (4th)
آبادي 420,458,044 (2016; 5th)[1]
گھاٽائي 21.4/km2 (56.0/sq mi)
جي ڊي پي (ناليوار) $3.94 trillion (2017; 4th)[2]
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) $6.57 trillion (2017; 4th)[3]
جي ڊي پي (في ماڻھو) $9,330 (2017; 4th)[4]
آبادي جي سڃاڻپ ڏکڻ آمريڪي
ملڪ 12
ماتحت علائقا 4
ٻوليون پورچوگيزي، اسپينش، انگريزي، فرينچ، ڊچ، ڪئينچوئا،ڪيريبين ھندستاني۽ کوڙ ٻيون ٻوليون مقامي ٻوليون.
ٽائيم زون UTC-2 to UTC-5
وڏا شھر ڏکڻ آمريڪا جي شھرن جي فھرست
اتر آمريڪا کنڊ

ڏکڻ آمريڪا ستن کنڊن مان هڪ آهي.

جاگرافي[سنواريو]

انڊيز جو وڏو جابلو سلسلو
اميزون جي گھاٽن جھنگن جو هڪ درياهه

ڏکڻ آمريڪا جي ڪل ايراضي  17،840،000 چورس ڪلوميٽر  (6890،000 چورس ميل) آهي جيڪو زمين جي ڪل ايراضي جو 3.5 سيڪڙو ٿئي ٿو. 2005ء جي مطابق هن کنڊ جي آبادي 371،000،000 آهي. ڏکڻ آمريڪا ايراضي ۽ آبادي  جي لحاظ کان چوٿون نمبر کنڊ آهي.

انڊيز هتان جو سڀ کان وڏو جابلو سلسلو آهي جڏهن ته کنڊ جي اوڀر واري علائقي ۾ اميزون درياه سان گڏ جھنگن سان ڀريو پيو آهي.

اميزون جو وڏو جھنگ  2510000 چورس ميلن تي پکڙيل آهي ۽ اندازن دنيا جي سڀ معلوم ٿيل زنده جانورن جي اڌ آبادي هتي آهي.[5]

اميزون ۽ پارانا هتي جا وڏا درياهه آهن جيڪي اوقيانوس وڏي سمنڊ ۾ ڪرن ٿا. انڊيز جي جابلو سلسلي ۾ آتش فشان به آهن جن ۾ کنڊ جو سڀ کان وڏو متحرڪ آتش فشان ڪوٽوپاڪسي به شامل آهي جنهن جي بلندي 19347 فٽ آهي. هي آتش فشان اولهه جي ملڪ الڪويڊور ۾ آهي.انڊيز جپو جابلو سلسلو اتر ۾ ڏکڻ ۾ پکڙيل آهي جنهن جي ويڪر 4500 ميل آهي. اهڙي طرح هي دنيا جو ڊگھو ترين جابلو سلسلو آهي.

کنڊ ۾ ريستاني علائقا به آهن جن ۾ پينٽاگونيا ۽ ايٽاڪاما ريگستان مشهور آهن.

دنيا جو سڀ کان وڏو آبشار ”اينجل آبشار“، ايراضي جي حصاب سان سڀ کان وڏو درياهه ”اميزون درياهه“ ، ڊگھو ترين جابلو سلسلو ”انڊيز“، زمين جو خشڪ ترين علائقو ”ايٽاڪاما ريگستان“، سڀ کان وڏو جھنگ ”اميزون جھنگ“، سمنڊ جي سطح کان سڀ کان مٿي گادي جو هنڌ ”لاپاز، بوليويا“، دنيا جي سڀ کان اوچي ڍنڍ ”ٽيٽيڪاڪا ڍنڍ“ ۽ ڏکڻ ۾ دنيا جو سڀ کان ڏورانهون شهر ”پورٽو ٽورٽو، چلي“ هن ئي کنڊ م آهي.

تاريخ[سنواريو]

17 هين صدي ۾ اسپين ۽ پرتگال جي جهازرانن جي طرفان هن زمين جي ڳولهڻ کان پوء ٻنهي ملڪ هتي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ هتان جا ملڪ ڊگھي غلامي ۾ هليا ويا. اسپين ۽ پرتگال هتي پنهنجي ثقافت جو گهرو اثر ڇڏيو جيڪو اڄ به ڏسي سگھجي ٿو. ڏکڻ  آمريڪا جي ملڪ برازيل ۾ پرتگيزي جڏهن ته تقريبن ٻين ملڪن ۾ هسپانوي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي. اتر ۾ سرينام ۽ گيانا جا ننڍا  ملڪ نيدرلينڊ ۽ برطانيه جي غلامي ۾ رهيا آهن. ڊگھي غلامي جي ڪري هتي مختلف نسلن جا ماڻهو ملن ٿا جن ۾ يورپي، آبائي آمريڪي ۽ آفريڪي نسل شامل آهن. ڪجهه اصل آمريڪي ماڻهو اڄ به آميزون جي گھاٽن جھنگن م رهن ٿا.

آبادي[سنواريو]

فائل:Emorales.jpg
ڏکڻ آمريڪا جون مشهور شخصيتون

کنڊ جي اڪثريت ساحلي علائقن ۾ رهي ٿي. برازيل ايراضي ۽ آبادي جي لحاظ کان کنڊ جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي ۽ کنڊ جي آبادي جو اڌ هتان کن تعلق رکي ٿو. گھڻي آبادي شهرن ۾رهي ٿي جن ۾ ڪافي شهر گھاٽي آبادي ۽ غير مغياري رهائشي سهولتن جي ڪري مسئلن جو شڪار آهن. برازيل جو شهر سائو پولو دنيا جي تيزي سان وڌندڙ شهرن مان هڪ آهي ۽ هن کنڊ جو سڀ کان وڏو شهر آهي. اميزون جا جھنگ ۽ انڊيز جو جابلو سلسلو نه جي برابر آباد آهن.

معيشت[سنواريو]

بيونس آئرس، ارجنٽائن ، کنڊ جو ٻيو وڏو شهر
بگوٽا، ڪولمبيا، کنڊ جو ٽيون وڏو شهر

ارجنٽائن کنڊ جو سڀ کان امير ملڪ آهي جتان جي عوام جو معيارِ زندگي ڪافي مٿي آهي. جڏهن ته گيانا ۽ بوليويا ڪمزور معيست ڪجي ڪري غريب ملڪ سمار ٿيندا آهن ۽ انهنجو ذياده تر انحصار خام مالن جي ڪاروبار تي هوندو آهي. ڪولمبيا ۽ ڪجهه ملڪن ۾ منشيات جي ڪاري ڪاروبار جي ڪري ڏوه ۽ بدعنواني تمام گھڻي آهي.

ڏکڻ آمريڪا ۾ زراعت روزگار جو سڀ کان اهم ذريعو آهي ۽ ڪافي ۽ ڪوڪو جي پوک کان علاوه مال پاليو ويندو آهي. سڀ کان وڌيڪ صنعتون برازيل ۾ آهن جنهن کان پوء ارجنٽائن، وينزيويلا ۽ چلي اچن ٿا. سمنڊ ڪناري واقع شهر ريوڊي جنيرو، ليما، سائو پولو۽ بيونس آئرس ۾ سڀ کان گھڻو روزگار ملي ٿو انجي ڪري هي شهر ڳوٺن مان لڏي ايندڙن سان ڀريا پيا آهن. سائو پولو برازيل جو سڀ کان وڏو صنعتي شهر آهي جتي لوه جو ڪم، ڪار ٺاهڻ، چمڙي وعيره جون مصنوعات ٺهن ٿيون. بوليويا ۽ ڪولمبيا جي پهاڙي علائقن ۾ ڪوڪا جا ٻوٽا پوکي انهن مان ڪوڪين تيار ڪئي ويندي آهي جنهن سان هتي غيرقانوني منشيات جو ڪاروبار گھڻو آهي. وينزويلا ۾ ماراڪائبو ڍنڍ تيل جي ذخيرن سان مالامال آهي ۽ هن کنڊ جو سڀ کان وڏو تيل جو ذخيرو آهي. تيل جي ڳولها سان وينزويلا ڏينهون ڏينهن ترقي پيو ڪري. _کڻ آمريڪا معدني وسيلن سان مالامال آهي جتي تيل کان علاوه ڪوئلي ۽ ٽامي جون به کاڻون آهن.

دنيا ۾ ملندڙ ڪيترائي ٻوٽا ڏکڻ آمريڪا جي پيداوار آهن جن ۾ ٽماٽو ۽ پٽاٽو قابلِ ذڪر آهن. اڄڪله ۡافي، ڪوڪا ، رٻڙ ، مڪئي ۽ ڪمند هتان جون اهم پوکون آهن جڏهن ته انڊيز جي وادين ۾ انگور به پوکيا وڃن ٿا.

کنڊ جو گھڻو حصو انٽارڪٽيڪا جي ويجھو هجڻ جي ڪري ڏاڍو ٿڌو علائقو آهي.

ملڪ[سنواريو]

گڏيل قومن موجب هيٺيان ملڪ ڏکڻ آمريڪا کنڊ ۾ آهن.

  1. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  2. "GDP Nominal, current prices". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 6 March 2018. 
  3. "GDP PPP, current prices". International Monetary Fund. حاصل ڪيل April 20, 2018. 
  4. "Nominal GDP per capita". International Monetary Fund. حاصل ڪيل April 20, 2018. 
  5. ڈی کے اسٹوڈنٹس اٹلس، ناشر: ڈی کے پبلشنگ انکارپوریٹڈ، آئی ایس بی این 0789490528