مواد ڏانھن هلو

پورٽ مورسبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پورٽ مورسبي
Port Moresby
Pot Mosbi
مٿيان کان، گھڙي وار: پورٽ موريسبي جو مرڪزي علائقو، سر جوهن گائس اسٽيڊيم، پارليامينٽ جي عمارت، جيڪسن ايئرپورٽ
Flag of پورٽ مورسبي Port Moresby
ملڪ  پاپوا نيو گني
ڊويزن قومي راڄڌاني ضلعو
بنياد پيو 1873ع
نالي تي رکيو ويو ايڊمرل فيئرفئڪس موريسبي
Government
 • گورنر پاويس پارڪوپ (2007ع کان)
 • آبادي 364,145 (2011ع)
Area
 • راڄڌاني
240 ڪ.م2 (90 ميل2)

پورٽ مورسبي (انگریزی: Port Moresby؛ ٽوڪ پسين:Pot Mosbi؛ پوٽ موسبي)، جنهن کي پوم شهر يا صرف مورسبي به چيو ويندو آهي، پاپوا نيو گني جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. اهو آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کان ٻاهر ڏکڻ-اولهه پئسفڪ (جایاپورا سان گڏ) جي وڏن شهرن مان هڪ آهي. اهو پاپوا جي نار جي ڪناري تي، نيو گني جي ٻيٽ جي پاپوان ٻيٽن جي ڏکڻ۔اولهه سامونڊي ڪناري تي آهي. سال 2011ع جي مردم شماري جي مطابق، پورٽ مورسبي جي آبادي 3,64,145 هئي. سال 2020ع جي هڪ غير سرڪاري تخميني مطابق آبادي 3,83,000 آهي.[2]

هي شهر 19ھین صدي جي ٻئي اڌ ۾ واپاري مرڪز طور اڀريو. ٻي مهاڀاري جنگ دوران، سال 1942-1943ع دوران سامراجي جاپاني فوجن پاران فتح ڪرڻ جو بنيادي مقصد هڪ اسٽيجنگ پوائنٽ ۽ ايئر بيس جي طور تي آسٽريليا کي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ آمريڪا کان ڪٽ ڪرڻ لاءِ هو. اها جاءِ جتي شهر قائم ڪيو ويو هو صدين کان موٽو ڪوئٽابو ماڻهن طرفان آباد ھو. سال 1873ع ۾ برطانوي رائل نيوي جو ڪئپٽن جان مورسبي ان کي ڏسڻ وارو پهريون برطانوي هو. اهو نالو سندس پيءُ، ائڊمرل سر فيئر فيڪس مورسبي، جي اعزاز ۾ رکيو ويو.

جيتوڻيڪ پورٽ مورسبي مرڪزي صوبي سان گهيريل آهي، جن جو اها گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي، اهو ان صوبي جو حصو نه آهي ۽ نيشنل ڪيپيٽل ڊسٽرڪٽ ٺاهي ٿو. روايتي موٽو ۽ ڪوئٽابو ماڻهو، موٽو ڪوئٽا اسيمبليءَ جي نمائندگي ڪن ٿا.

پورٽ مورسبي نومبر، 2018ع ۾ APEC اجلاس جي ميزباني ڪئي.[3] تنهن هوندي، پر تشدد ڏوهن لاء گاديء جي شهرت جی کارن سيڪيورٽي بابت خدشات موجود هئا.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab", hdi.globaldatalab.org (ٻولي ۾ انگريزي)۔  سانچو:Full citation needed
  2. "CIA World Factbook"۔ 
  3. 3.0 3.1 Tlozek, Eric (30 June 2018). "Security in PNG's Port Moresby under spotlight as APEC summit approaches". ABC (Port Moresby). https://www.abc.net.au/news/2018-06-30/security-in-port-moresby-png-issue-ahead-of-apec-summit/9920752.