مواد ڏانھن هلو

يوروشيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يوريشيا
پکيڙ55,000,000 km2 (21,000,000 sq mi)
آبادي5,360,351,985 (As of 16 آڪٽوبر 2019)[1][2]
گھاٽائي93/km2 (240/sq mi)
آبادي جي سڃاڻپيوريشيئن
يوريشيائي
ملڪ93 ملڪ
ماتحت علائقا9 ماتحت علائقا
ٽائيم زونUTC−1 to UTC+12

يوريشيا (انگريزي: Eurasia ) ڌرتي تي سڀ کان وڏي زميني ٽڪري جو نالو آهي جيڪو يورپ ۽ ايشيا کنڊن تي مشتمل آهي[3][4] ان جو محل وقوع زمين جي اترئين ۽ اوڀر واري زميني اڌ گول ۾ آهي. ان جي اولھ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ پيسيفڪ سمنڊ، اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ميڊيٽرينئن سمنڊ، آفريڪا ۽ هندي سمنڊ واقع آھن.[5] يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ ورھاست طبعي ناھي پر اھا تاريخي سماجي تعمير جي بنياد تي ٿيل آھي.[4] علم الارض مطابق يوريشيا ڌرتي جو ھڪ وڏو اڪيلو وڏو ٽڪرو آھي. يورپي روايت موجب يورپ ۽ ايشيا کي ٻن الڳ کنڊَن طور تصور ڪندا آهن، جيڪا ايجيئن سمنڊ، در دانيال، باسفورس وارو سامونڊي لنگھ، ڪيسپئن سمنڊ، قفقاز، يورال ندي ۽ يورال جبلن جي سلسلي جي وسيلي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيل آهن، پر ڪُجهہ جاگرافي دان يورپ ۽ ايشيا کي هِڪُ ئي کنڊُ سڏين ٿا، جنھن کي يوريشيا چيو ويندو آهي. يوريشيا جي پکيڙ 55,000,000 square kilometres (21,000,000 mi2) آھي جيڪا ڌرتي جو لڳ ڀڳ %36.2 آھي. ان جي زمين تي اٽڪل 5 ارب ماڻھو رھن ٿا جيڪي سموري ڌرتيءَ جي آبادي جو %70 آھن. ھڪ اندازي مطابق يوريشيا ۾ انساني آبادي جي شروعات 60,000 کان 1,25,000 سال اڳ ٿي ھئي. يوريشيا جي ٻيٽن ۾ جاپان، برطانيا، انڊونيشيا، سري لنڪا، تائيوان، آئرلينڊ، مالٽا، سسلي، فلپائينز وارا ٻيٽ شامل آهن. طبعي جاگرافي مطابق يوريشيا ھڪ الڳ زمين جو کنڊ آھي.[4] يورپ ۽ ايشيا جي منفرد زميني کنڊن جا تصور ڪلاسيڪي دؤر (800 کان 600 ق م تائين وارو دور) جيترا قديم آھن ۽ انھن جي وچ ۾ حدن جو تعين جاگرافيائي ضرورت جي بدران انساني من پسندي واري طريقي سان ڪيو ويو. قديم دؤر ۾ ڪاري سمنڊ ۽ مرمارا سمنڊ ۽ انھن سان ملندڙ سامونڊي لنگھن واري ھنڌ کي يورپ ۽ ايشيا وچ ۾ حد سمجھيو ويو، پر موجوده دؤر ۾ يورال جبلن ۽ قفقاز جبلن جي قطارن کي ٻنھي کنڊن وچ واري حد سمجھيو وڃي ٿو. يوريشيا سوئز ڪئنال واري جاء تان آفريڪا سان ڳنڍيل ھيو ۽ ان وقت افرويوروشيا سڏبو ھو جيڪو ان وقت ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو کنڊ ھيو پر بعد ۾ سوئيز ڪئنال جي کوٽائي بعد آفريڪا يوريشيا کان ڌار ٿي ويو.[6] ڌرتي جي سڀ کان وڏي ٽڪري ھجڻ ڪري يوريشيا ۾ ڌرتي جي ھر موسم موجود رھي ٿي.

حوالا

[سنواريو]


سانچو:ايشيائي عنوان موضوع

  1. "Population of Europe (2019) - Worldometers". www.worldometers.info. Archived from the original on 11 September 2019. Retrieved 16 October 2019.
  2. "Population of Asia (2019) - Worldometers". www.worldometers.info. Archived from the original on 21 July 2019. Retrieved 16 October 2019.
  3. Nield, Ted. "Continental Divide". Geological Society. Archived from the original on 3 December 2013. Retrieved 8 August 2012.
  4. 1 2 3 "How many continents are there?". National Geographic Society. Archived from the original on 16 July 2019. Retrieved 27 July 2017. By convention there are seven continents: Asia, Africa, North America, South America, Europe, Australia, and Antarctica. Some geographers list only six continents, combining Europe and Asia into Eurasia. In parts of the world, students learn that there are just five continents: Eurasia, Australia (Oceania), Africa, Antarctica, and the Americas.
  5. "What is Eurasia?". geography.about.com. Archived from the original on 18 November 2012. Retrieved 17 December 2012.
  6. R. W. McColl, ed (2005). 'continents' – Encyclopedia of World Geography, Volume 1. Golson Books Ltd.. p. 215. ISBN 9780816072293. https://books.google.com/books?id=DJgnebGbAB8C&pg=PA215. Retrieved 26 June 2012. "And since Africa and Asia are connected at the Suez Peninsula, Europe, Africa, and Asia are sometimes combined as Afro-Eurasia or Eurafrasia."