يوروشيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يوريشيا
پکيڙ 55٬000٬000 km2 (21٬000٬000 sq mi)
آبادي 5,360,351,985 (As of 16 آڪٽوبر 2019)[1][2]
گھاٽائي 93 /km2 (240 /sq mi)
آبادي جي سڃاڻپ يوريشيئن
يوريشيائي
ملڪ 93 ملڪ
ماتحت علائقا 9 ماتحت علائقا
ٽائيم زون UTC−1 to UTC+12


يوريشيا(انگريزي: Eurasia ) ڌرتي تي سڀ کان وڏي زميني ٽڪري جو نالو آهي جيڪو يورپ ۽ ايشيا کنڊن تي مشتمل آهي[3][4] ان جو محل وقوع زمين جي اترئين ۽ اوڀر واري زميني اڌ گول ۾ آهي. ان جي اولھ ۾ ايٽلانٽڪ سمنڊ، اوڀر ۾ پيسيفڪ سمنڊ، اتر ۾ آرڪٽڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ ميڊيٽرينئن سمنڊ، آفريڪا ۽ ھندي سمنڊ واقع آھن[5] يورپ ۽ ايشيا جي وچ ۾ ورھاست طبعي ناھي پر اھا تاريخي سماجي تعمير جي بنياد تي ٿيل آھي[4]. علم الارض مطابق يوريشيا ڌرتي جو ھڪ وڏو اڪيلو وڏو ٽڪرو آھي يورپي روايت موجب يورپ ۽ ايشيا کي ٻن الڳ کنڊَن طور تصور ڪندا آهن، جيڪي ايجئين سمنڊ، در دانيال، باسفورس وارو سامونڊي لنگھ، ڪيسپيئن سمنڊ، ڪوھ قاف، ڪيسپيئن سمنڊ، يورال ندي ۽ ڪوھ اورال يا ڪوھ يورال وسيلي هڪٻئي کان الڳ ٿيل آهي، پر ڪُجهہ جاگرافيائيدان يورپ ۽ ايشيا کي هِڪُ ئي کنڊُ سڏين ٿا، جنھن کي يوريشيا چيو ويندو آهي. يوريشيا جي پکيڙ 55٬000٬000 ڪلوميٽرزچورس (21٬000٬000 sq mi) آھي جيڪا ڌرتي جو لڳ ڀڳ %36.2 آھي. ان جي زمين تي اٽڪل 5 ارب ماڻھو رھن ٿا جيڪي سموري ڌرتيءَ جي آبادي جو %70 آھن. ھڪ اندازي مطابق يوريشيا ۾ انساني آبادي جي شروعات 60000 کان 125000 سال اڳ ٿي ھئي. يوريشيا جي ٻيٽن ۾ جپان ، برطانيا، انڊونيشيا، سري لنڪا، تائيوان، آئرلينڊ، مالٽا، سسلي، فلپائينز وارا ٻيٽ شامل آهن. طبعي جاگرافي مطابق يوريشيا ھڪ الڳ زمين جو کنڊ آھي[4]. يورپ ۽ ايشيا جي منفرد زميني کنڊن جا تصور ڪلاسيڪي دؤر (800 کان 600 ق م تائين وارو دور) جيترا قديم آھن ۽ انھن جي وچ ۾ سرحدن جو تعين جاگرافيائي ضرورت جي بدران انساني من پسندي واري طريقي سان ڪيو ويو. قديم دؤر ۾ ڪاري سمنڊ ۽ مرمارا سمنڊ ۽ انھن سان ملندڙ سامونڊي لنگھن واري ھنڌ کي يورپ ۽ ايشيا وچ ۾ سرحد سمجھيو ويو، پر موجوده دؤر چ۾ يورال جبلن ۽ ڪوھ قاف جبلن جي قطارن کي ٻنھي کنڊن وچ واري سرحد سمجھيو وڃي ٿو. يوريشيا سوئيز ڪئنال واري جاء تان آفريڪا سان ڳنڍيل ھيو ۽ ان وقت ايفرويوريشيا سڏبو ھو جيڪو ان وقت ڌرتيءَ جو سڀ کان وڏو کنڊ ھيو پر بعد ۾ سوئيز ڪئنال جي کوٽائي بعد آفريڪا يوريشيا کان ڌار ٿي ويو[6] ڌرتي جي سڀ کان وڏي ٽڪري ھجڻ ڪري يوريشيا ۾ ڌرتي جي ھر موسم موجود رھي ٿي.

حوالا[سنواريو]

سانچو:ايشيائي عنوان موضوع

  1. "Population of Europe (2019) - Worldometers". www.worldometers.info. وقت 11 September 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 October 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Population of Asia (2019) - Worldometers". www.worldometers.info. وقت 21 July 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 October 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. Nield, Ted. "Continental Divide". Geological Society. وقت 3 December 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 8 August 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. 4.0 4.1 4.2 "How many continents are there?". National Geographic Society. وقت 16 July 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 July 2017. By convention there are seven continents: Asia, Africa, North America, South America, Europe, Australia, and Antarctica. Some geographers list only six continents, combining Europe and Asia into Eurasia. In parts of the world, students learn that there are just five continents: Eurasia, Australia (Oceania), Africa, Antarctica, and the Americas. 
  5. "What is Eurasia?". geography.about.com. وقت 18 November 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 17 December 2012.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  6. R. W. McColl, ed (2005). 'continents' – Encyclopedia of World Geography, Volume 1. Golson Books Ltd.. p. 215. ISBN 9780816072293. https://books.google.com/books?id=DJgnebGbAB8C&pg=PA215. Retrieved 26 June 2012. "And since Africa and Asia are connected at the Suez Peninsula, Europe, Africa, and Asia are sometimes combined as Afro-Eurasia or Eurafrasia."