پاپوا نيو گني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پاپوا نيو گني جي آزاد رياست

  • Independen Stet bilong Papua Niugini
  • Papua Niu Gini
Flag of پاپوا نيو گني
قومي نشان پاپوا نيو گني
جھنڊو قومي نشان
شُعار: '"Unity in diversity"[1]
مڪانيت  پاپوا نيو گني  (green)
مڪانيت  پاپوا نيو گني  (green)
جو مقامپاپوا نيو گني
گادي جو هنڌ پورٽ موريسبي
9°30′S 147°07′E / 9.500°S 147.117°E / -9.500; 147.117
سڀ کان وڏو شهر پورٽ موريسبي
سرڪاري ٻوليون [3][4]
مقامي آبادي پاپوا نيو گنيئن
حڪومت وحداني پارلياماني
آئيني بادشاهت
ايلزبيٿ II
باب ڊئڊئي
پيٽر او نيل
مقننه نيشنل پارليامينٽ
آزادي آسٽريليا کان حاصل ڪيائين
1 جولاءِ 1949
• آزادي جو اعلان ۽ مڃتا
16 سيپٽيمبر 1975
پکيڙ
• جملي
462٬840 km2 (178٬700 sq mi) (54th)
• پاڻي (%)
2
آبادي
• 2016 آدمشماري جي ابتدائي نتيجي مطابق اندازو
8,084,999 [5] (101st)
• 2000 مردم شماري
5,190,783
•  گھاٽائي
15 /km2 (38.8 /sq mi) (201st)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$32 ارب ڊالر [6] (139th)
• في سيڪڙو
$3,789[6]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$26 ارب ڊالر (115th)
وزيراعظم پيٽر او نيل

پاپوا نيو گني(انگريزي: Papua New Guinea) يا (PNG) [9]جنھن جو سرڪاري نالو پاپوا نيو گني جي آزاد رياست آھي.ھي ملڪ اوشيانا کنڊ ۾ واقع آهي. ھي ملڪ نيو گني ٻيٽ جي اوڀر واري اڌ ڀاڱي ۽ پيسفڪ وڏي سمنڊ جي ڏکڻ اولھ طرف ميلنيشيا خطي ۾ دوريءَ تي واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آھي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ پورٽ موريسبي سندس ڏکڻ اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. اولھ نيو گني انڊونيشيا جو صوبو آهي.

تاريخ[سنواريو]

1884 ۾ جڏهن برطانيا ڏکڻ اوڀر نيو گني کي پنھنجي ايمپائر ۾ شامل ڪيو

نيوگني ٻيٽ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ٻيٽ آھي جيڪو ٻن ملڪن ۾ ورھايل آھي . ان جو اوڀر وارو حصو پاپوا نيوگني بہ ٻن ملڪن ۾ ورھايل ھيو. ان جو اتريون پاسو جرمني ۽ ڏکڻ وارو پاسو برطانيا جي قبضي ۾ ھيو جيڪو. 1902 ۾ ڏکڻ وارو پاسو آسٽريليا جي قبضي هيٺ آيو جنھن پھرين جنگ عظيم ۾ اتر واري پاسي تي بہ قبضو ڪيو.

نيو گني 1884 کان 1919 دوران جڏھن جرمني ۽ برطانيا جي ڪنٽرول ۾ ھيو

1884 کان وٺي ٽن طاقتن جي قبضي ۾ رھڻ بعد 1975 م ھن ملڪ آسٽريليا جي سٺ سالا قبضي مان آزادي حاصل ڪري خودمختيار رياست جو درجو حاصل ڪيو. ھن ملڪ آزادي وٺندي ڪامن ويلٿ ريلم ۾ شامل رھيو ۽ ڪامن ويلٿ نيشنز جو پڻ ميمبر ٿيو.

جاگرافي[سنواريو]

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 6 00 S, 147 00 E آھي ۽ اوشيانا کنڊ ۾ واقع آهي. پکيڙ 462,840 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 452,860 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9,980 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا جو 56ھون وڏو ملڪ آهي.

پاپوا نيو گني جو نقشو

زميني سرحد 824 ڪلوميٽر اٿس جيڪا انڊونيشيا سان مليس ٿي. بحري سرحد 5152 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل اٿس ۽ مخصوص مڇي مارڻ جو علائقو 200 ناٽيڪل ميل اٿس.ملڪ جي ساحلي پٽي تقريبن جابلو آھي.ملڪ جي سراسري بلندي 667 ميٽر آھي ۽ سڀ کان اوچو مقام مائونٽ ولھيم آھي جنھن جي اوچائي 4509 ميٽر آھي. ملڪ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن ۾ سون، ٽامو، چاندي[10]،

inea}}

ٽاورور جبل
پاپوا نيو گني جا مٿاهان پٽ

آبھوا[سنواريو]

ھتان جي موسم ٽراپيڪل آھي . اتر اولھ واري حصي ۾ سانوڻ جا مينھن(انگريزي: Monsoon) ڊسمبر کان مارچ تائين ۽ ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ مئي کان آڪٽوبر تائين پوندا آهن. قدرتي گئس ، عمارتي ڪاٺ تيل ۽ مڇي شامل آهن[10].

زراعت[سنواريو]

سرسبز ٽراپيڪل برساتي ٻيلو

زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 2.6 سيڪڙو آھي جنھن مان 0.7 سيڪڙو تي پوکي لائق آھي ۽ وري ان جي 1.5 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آھي. زرعي زمين جو 0.4 سيڪڙو تي مستقل چراگاھون ۽ 63.1 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.2018 تائين اڃان اتي آبپاشي واري زمين ڪانہ آھي[10].

پاپوا نيو گنيئن ماڻھو[سنواريو]

ھڪ سردار جي زال ڪلھي تي وڻن وارو ڪينگرو رکي بيٺل

جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,909,701 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان 105 نمبر تي ھيو. ھتي جي ماڻھن ۾ ميلانيشين ، پاپوئن، ، نيگريٽو، مائڪرونيشين ۽ پولينيشيائي شامل آهن. ھتي جي ماڻھن جي ٻولين مان ٽاڪ پسين ، انگريزي ۽ ھيري موٽو ٻولي سرڪاري ٻوليون آهن.

ٽرانس نيو گنيئن ٻولين جي خاندان جو تصور

ان کان سواءِ ھتي 839 مقامي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي دنيا جي ٻولين جو 12 سيڪڙو آھن. ان ڪري ھن ملڪ کي ماڻھن جي ثقافتي گوناگونيت آھي. ڪافي ٻولين جا ڳالهائيندڙ ماڻهو ھڪ ھزار کان گھٽ آھن. ھتان جي ماڻھن جو 27 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ 69.4 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ آھن[10].

a}}

ھولي نسل جو نقلي وارن وارو سدرن ھائلينڊز جو رھاڪو

نالو[سنواريو]

ملڪ جو نالو پاپوا نيو گني جي آزاد رياست آهي. عام طور تي پاپوا نيو گني چوندا اٿس ۽ مختصرن PNG سڏيندا اٿس. لفظ پاپوا ملائي ٻولي جي لفظ پاپواھ(انگريزي: papuah) مان نڪتل آهي جنھن جو مطلب ميلنيشيائي ماڻھن جا گھنڊيدار وار آھن. اسپين جو کوجنا ڪندڙ سيلاني اورٽز ڊي ريٽيز 1545 ۾ ھن ٻيٽ کي نيو گني جو نالو ڏنو ڇوتہ ھتان جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آفريڪا جي ساحلي علائقي گني جي ماڻھن سان مشابهت رکندڙ ھيا.اھڙي طرح ھن ملڪ جي نالي جي معني آھي گھنڊيدار وارن واري ماڻھن جو نئون گني[10].

سياسي نظام[سنواريو]

پاپوا نيو گني جو سياسي نظام آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني جمهوريت آھي ۽ حڪومت جي گادي پورٽ موريسبي ۾ آھي.

ملڪ جي انتظامي تقسيم 20 صوبن ، ھڪ خودمختيار خطي ۽ ھڪ ضلعي ۾ ٿيل آهي.

  1. سينٽرل پراونس
  2. چمبو (سمبو)
  3. ايسٽرن ھائلينڊز
  4. ايسٽ نيو برٽين
  5. ايسٽ سيپڪ
  6. اينگا
  7. گلف پراونس
  8. ميڊانگ
  9. مانوس
  10. مائلن بي پراونس
  11. موروبي
  1. نيو آئرلينڊ
  2. نادرن پراونس(اورو)
  3. بئوگئن ولجو خودمختيار خطو
  4. سدرن ھائلينڊز
  5. ويسٽرن پراونس
  6. ويسٽرن ھائلينڊز
  7. ويسٽ نيو برٽين
  8. ويسٽ سيپڪ
  9. نيشنل ڪيپيٽل ڊسٽرڪٽ (پورٽ موريسبي)
  10. ھيلا
  11. جواڪا
پاپوا نيو گني جا صوبا

صوبا: سينٽرل، چمبو، ايسٽرن ھائلينڊز، ايسٽ نيو برٽين، ايسٽ سيپڪ، اينگا، گلف، ھيلا، جواڪا، ميڊانگ، مانوس، مائلن بي، موروبي، نيو آئرلينڊ، نادرن، سدرن ھائلينڊز، ويسٽ نيو برٽين، ويسٽ سيپڪ، پورٽ موريسبي ۽ بئوگئن ول
خودمختيار خطو:بئوگئن ول
ضلعو: قومي گاديءَ جو هنڌ
ملڪ جو موجوده آئين 15 آگسٽ 1975 ۾ لاڳو ٿيو. ملڪ جي رياستي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ II آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل ھوندو آھي.

ملڪ جي نيشنل پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جون 111 سيٽون آھن جن تي پنجن سالن لاءِ سڌي چونڊ ٿيندي آهي[10].

حوالا[سنواريو]

  1. Somare, Michael. "Stable Government, Investment Initiatives, and Economic Growth". Keynote address to the 8th Papua New Guinea Mining and Petroleum Conference. وقت 2006-06-28 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 August 2007. 
  2. "Never more to rise". The National. وقت 13 July 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 January 2005. 
  3. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named cia
  4. "Sign language becomes an official language in PNG". Radio New Zealand. 21 May 2015. http://www.radionz.co.nz/international/pacific-news/274199/sign-language-becomes-an-official-language-in-png. 
  5. "Papua New Guinea Population (2016)". worldbank.org. حاصل ڪيل 19 October 2017. 
  6. 6.0 6.1 6.2 "Papua New Guinea". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 25 July 2017. 
  7. "GINI index". World Bank. حاصل ڪيل 30 July 2013. 
  8. "2018 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 14 September 2018. 
  9. Jones, Daniel, Peter Roach; James Hartmann; Jane Setter, وڪي نويس., English Pronouncing Dictionary, Cambridge University Press, ISBN 978-3-12-539683-8 
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 10.4 10.5 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2016-05-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ