پاپوا نيو گني
پاپوا نيو گني جي آزاد رياست
| |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت پاپوا نيو گني (سائو) | |||||
| گادي جو هنڌ | پورٽ موريسبي 9°30′S 147°07′E / 9.500°S 147.117°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | پورٽ موريسبي | ||||
| سرڪاري ٻوليون |
| ||||
| مقامي آبادي | پاپوا نيو گنيئن يا پاپوا | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
• بادشاھه |
چارلس سوم | ||||
• گورنر جنرل |
بوب ڊيڊائي | ||||
• وزيراعظم |
پيٽر او'نيل | ||||
| مقننه | نيشنل پارليامينٽ | ||||
| آزادي آسٽريليا کان حاصل ڪيائين | |||||
• پاپوا نيو گني ايڪٽ، 1949ع |
پهرين جولاءِ، 1949ع | ||||
• آزادي جو اعلان ۽ مڃتا |
16 سيپٽيمبر، 1975ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
462٬840 km2 (178٬700 sq mi) (54th) | ||||
• پاڻي (%) |
2 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 آدمشماري جي ابتدائي نتيجي مطابق اندازو |
8,084,999 [4] (101st) | ||||
• 2000 مردم شماري |
5,190,783 | ||||
• گھاٽائي |
15 /km2 (38.8 /sq mi) (201st) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
32 ارب آمريڪي ڊالر [5] (139هون) | ||||
• في سيڪڙو |
3,789 امريڪي ڊالر[5] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018ع لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
26 ارب آمريڪي ڊالر (115هون) | ||||

پاپوا نيو گني (Papua New Guinea)،[6] مختصر PNG سرڪاري نالو "پاپوا نيو گني جي آزاد رياست"، اوشينيا جو هڪ ملڪ آهي. اها نيو گني ٻيٽ جي اوڀر واري اڌ ڀاڱي ۽ پئسفڪ سمنڊ جي ڏکڻ اولھه واري، "ميلنيشيا" علائقي ۾ دوريءَ تي واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪ آھي. گاديءَ جو هنڌ، پورٽ موريسبي ملڪ جي ڏکڻ اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. نيو گني ٻيٽ جو اولهه واري حصي تي انڊونيشيا جو صوبو ويسٽ نيو گني آهي.
تاريخ
[سنواريو]
نيوگني ٻيٽ دنيا جو ٻيو نمبر وڏو ٻيٽ آھي جيڪو ٻن ملڪن ۾ ورھايل آھي . ان جو اوڀر وارو حصو پاپوا نيوگني بہ ٻن ملڪن ۾ ورھايل ھيو. ان جو اتريون پاسو جرمني ۽ ڏکڻ وارو پاسو برطانيا جي قبضي ۾ ھيو جيڪو. 1902 ۾ ڏکڻ وارو پاسو آسٽريليا جي قبضي هيٺ آيو جنھن پھرين جنگ عظيم ۾ اتر واري پاسي تي بہ قبضو ڪيو.

1884 کان وٺي ٽن طاقتن جي قبضي ۾ رھڻ بعد 1975 م ھن ملڪ آسٽريليا جي سٺ سالا قبضي مان آزادي حاصل ڪري خودمختيار رياست جو درجو حاصل ڪيو. ھن ملڪ آزادي وٺندي ڪامن ويلٿ ريلم ۾ شامل رھيو ۽ ڪامن ويلٿ نيشنز جو پڻ ميمبر ٿيو.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 6 00 S, 147 00 E آھي ۽ اوشيانا کنڊ ۾ واقع آهي. پکيڙ 462,840 چورس ڪلوميٽر اٿس جنھن مان 452,860 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 9,980 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا جو 56ھون وڏو ملڪ آهي.

زميني سرحد 824 ڪلوميٽر اٿس جيڪا انڊونيشيا سان مليس ٿي. بحري سرحد 5152 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل اٿس ۽ مخصوص مڇي مارڻ جو علائقو 200 ناٽيڪل ميل اٿس.ملڪ جي ساحلي پٽي تقريبن جابلو آھي.ملڪ جي سراسري بلندي 667 ميٽر آھي ۽ سڀ کان اوچو مقام مائونٽ ولھيم آھي جنھن جي اوچائي 4509 ميٽر آھي. ملڪ جي معدني ۽ قدرتي وسيلن ۾ سون، ٽامو، چاندي[7]،
inea}}


آبھوا
[سنواريو]ھتان جي موسم ٽراپيڪل آھي . اتر اولھ واري حصي ۾ سانوڻ جا مينھن(انگريزي: Monsoon) ڊسمبر کان مارچ تائين ۽ ڏکڻ اوڀر واري حصي ۾ مئي کان آڪٽوبر تائين پوندا آهن. قدرتي گئس ، عمارتي ڪاٺ تيل ۽ مڇي شامل آهن[7].
زراعت
[سنواريو]
زرعي زمين ڪل پکيڙ جو 2.6 سيڪڙو آھي جنھن مان 0.7 سيڪڙو تي پوکي لائق آھي ۽ وري ان جي 1.5 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آھي. زرعي زمين جو 0.4 سيڪڙو تي مستقل چراگاھون ۽ 63.1 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.2018 تائين اڃان اتي آبپاشي واري زمين ڪانہ آھي[7].
پاپوا نيو گنيئن ماڻھو
[سنواريو]
جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 6,909,701 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان 105 نمبر تي ھيو. ھتي جي ماڻھن ۾ ميلانيشين ، پاپوئن، ، نيگريٽو، مائڪرونيشين ۽ پولينيشيائي شامل آهن. ھتي جي ماڻھن جي ٻولين مان ٽاڪ پسين ، انگريزي ۽ ھيري موٽو ٻولي سرڪاري ٻوليون آهن.

ان کان سواءِ ھتي 839 مقامي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جيڪي دنيا جي ٻولين جو 12 سيڪڙو آھن. ان ڪري ھن ملڪ کي ماڻھن جي ثقافتي گوناگونيت آھي. ڪافي ٻولين جا ڳالهائيندڙ ماڻهو ھڪ ھزار کان گھٽ آھن. ھتان جي ماڻھن جو 27 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ مذهب سان تعلق رکندڙ آهي ۽ 69.4 سيڪڙو پروٽيسٽنٽ آھن[7].
a}}

نالو
[سنواريو]ملڪ جو نالو پاپوا نيو گني جي آزاد رياست آهي. عام طور تي پاپوا نيو گني چوندا اٿس ۽ مختصرن PNG سڏيندا اٿس. لفظ پاپوا ملائي ٻولي جي لفظ پاپواھ(انگريزي: papuah) مان نڪتل آهي جنھن جو مطلب ميلنيشيائي ماڻھن جا گھنڊيدار وار آھن. اسپين جو کوجنا ڪندڙ سيلاني اورٽز ڊي ريٽيز 1545 ۾ ھن ٻيٽ کي نيو گني جو نالو ڏنو ڇوتہ ھتان جا ماڻھو ڏسڻ ۾ آفريڪا جي ساحلي علائقي گني جي ماڻھن سان مشابهت رکندڙ ھيا.اھڙي طرح ھن ملڪ جي نالي جي معني آھي گھنڊيدار وارن واري ماڻھن جو نئون گني[7].
سياسي نظام
[سنواريو]پاپوا نيو گني جو سياسي نظام آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني جمهوريت آھي ۽ حڪومت جي گادي پورٽ موريسبي ۾ آھي.
ملڪ جي انتظامي تقسيم 20 صوبن ، ھڪ خودمختيار خطي ۽ ھڪ ضلعي ۾ ٿيل آهي.
|
|
صوبا: سينٽرل، چمبو، ايسٽرن ھائلينڊز، ايسٽ نيو برٽين، ايسٽ سيپڪ، اينگا، گلف، ھيلا، جواڪا، ميڊانگ، مانوس، مائلن بي، موروبي، نيو آئرلينڊ، نادرن، سدرن ھائلينڊز، ويسٽ نيو برٽين، ويسٽ سيپڪ، پورٽ موريسبي ۽ بئوگئن ول
خودمختيار خطو:بئوگئن ول
ضلعو: قومي گاديءَ جو هنڌ
ملڪ جو موجوده آئين 15 آگسٽ 1975 ۾ لاڳو ٿيو. ملڪ جي رياستي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ II آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل ھوندو آھي.
ملڪ جي نيشنل پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جون 111 سيٽون آھن جن تي پنجن سالن لاءِ سڌي چونڊ ٿيندي آهي[7].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Somare, Michael (6 December 2004), "Stable Government, Investment Initiatives, and Economic Growth", Keynote address to the 8th Papua New Guinea Mining and Petroleum Conference, اصل کان 28 جون 2006 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 9 August 2007۔
- ↑ "Never more to rise", The National, 6 February 2006, اصل کان 13 July 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 19 January 2005۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - ↑ "Sign language becomes an official language in PNG". Radio New Zealand. 21 May 2015. http://www.radionz.co.nz/international/pacific-news/274199/sign-language-becomes-an-official-language-in-png.
- ↑ "Papua New Guinea Population (2016)", worldbank.org, حاصل ڪيل 19 October 2017۔
- 1 2 "Papua New Guinea", International Monetary Fund, حاصل ڪيل 25 July 2017۔
- ↑ Jones, Daniel (2003) [1917], Peter Roach; James Hartmann; Jane Setter, وڪي نويس, English Pronouncing Dictionary, Cambridge University Press, آئي ايس بي اين 978-3-12-539683-8۔
- 1 2 3 4 5 6 آرڪائيو ڪيا ويا 2016-05-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.سي آء اي فيڪٽس بڪ
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- Articles containing non-English language text
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- پاپوا نيو گني
- ملڪ
- نيو گني
- ٻيٽ وارا ملڪ
- اوشينيا جا ملڪ
- اوشينيا ۾ ملڪ
- ميلينيشيا ۾ ملڪ
- آسٽريليشيا جا ملڪ
- آسٽريليشيا ۾ ملڪ
- پئسفڪ وڏي سمنڊ جا ٻيٽ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- دولت مشترڪه جون رڪن قومون
- انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
