ويلنگٽن
ويلنگٽن | |
|---|---|
| Wellington | |
مٿيان کان، گهڙي وار: ويلنگٽن هاربر ۽ گڏ ۾ اوريئنٽل اپسمنڊ، "زيلينڊيا" (جهنگلي حيات جي پناهه گاهه)، "ڪئريلون" (جنگي يادگار)، مرڪزي ويلنگٽن ۽ مائونٽ وڪٽوريا، رڊ فورڊ اسٽريٽ-نيوٽن، ڪيوبا اسٽريٽ ۽ ان جو ڦوهارو، پارليامينٽ جي عمارت | |
| Nickname(s): ونڏي ويلنگٽن، ويلي وڏ | |
| Motto(s): | |
| ملڪ | |
| علائقو | ويلنگٽن ريجن |
| وارڊ |
|
| ڪميونٽي بورڊ | تاوا. ماڪرا/ اوهاريو.
چونڊين جا تڪ: مان. اواريو. رونگوٽائي. ٽي تائي هوارو (موري). ٽي تائي ٽونگا (موري). ويلنگٽن سينٽرل |
| ٻوليون | ويلنگٽونيئن |
| ابادي جو نالو | انگريزي، موآري |
| ٽائيم زون | NZST |
| يورپي آبادي: 1838ع | 1839ع |
| حڪومت • ميئر: ٽوري واناهو. • ڊپٽي ميئر: لاري فوئي | 1839 |
| پکيڙ | 200 |
| آبادي (2025): | شهري (2025): ميٽروپوليٽن: |
| بنياد رکندڙ | نالي پٺيان: ائ. ويلزلي، ويلنگٽن جو پهريون ڊيوڪ يورپي آبادي: 1838ع |
| سڃاڻپ | A. Wellesley, 1st Duke of Wellington |
| Electorates | Mana Ōhāriu Rongotai Te Tai Hauāuru (Māori) Te Tai Tonga (Māori) Wellington Central[5] |
| حڪومت | |
| • طرز | ويلنگٽن سٽي ڪونسل |
| • باڊي | ويلنگٽن سٽي ڪونسل
ميئر: ٽوري واناهو ڊپٽي ميئر: لاري فون |
| • پکيڙ | 289.91 چورس ڪلوميٽر |
| • آبادي | 2025ع |
| ايراضي | |
| • شھري | 112.36 چورس ڪلوميٽر (43.38 چورس ميل) |
| • ٻھراڙي | 177.55 چورس ڪلوميٽر (68.55 چورس ميل) |
| آبادي (Population (June 2023)[9]
• Urban 215,200 • Urban density 1,900/km2 (5,000/sq mi) • Metro 440,900 • Metro density 1,500/km2 (3,800/sq mi) سانچو:NZ population data 2018)[8] | |
| • شهري | سانچو:NZ population data 2018 |
| • شهري ڪثافت | auto |
| • ميٽرو | Script error: No such module "Decimals". |
| • ميٽرو ڪثافت | auto |
| GDP | |
| • Metro | NZ$ 44.987 billion (2021) |
| وقتي علائقو | NZST |
| پوسٽل ڪوڊ | 5016, 5028, 6011, 6012, 6021, 6022, 6023, 6035, 6037, 6972[10] |
| ڊائلنگ ڪوڍ | 04 |
| ويب سائيٽ | wellington wellingtonnz.com |
ويلنگٽن (Wellington) نيوزيلينڊ جي راڄڌاني آهي، جيڪو نيوزي لينڊ جي اتر واري ٻيٽ جي ڏکڻ-اولهه ٽپ تي، ڪڪ اسٽريٽ ۽ ريموتاڪا رينج جي وچ ۾ واقع آهي. شهر نيوزيلينڊ جو ٽيون نمبر وڏو شهر آهي ۽ ويلنگٽن علائقي جو انتظامي مرڪز آهي. اهو هڪ خودمختيار رياست جي دنيا جي سڀ کان ڏاکڻي راڄڌاني آهي. [11] ويلنگٽن هڪ معتدل سامونڊي آبهوا جي خصوصيت رکي ٿو، ۽ سراسري هوا جي رفتار جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان تيز ترين ھوا وارو شهر آهي. [12]
موآري زباني روايت ٻڌائي ٿي ته ڪوپ ماڻهو 10هين صدي عيسويءَ ۾ هن علائقي کي دريافت ڪيو ۽ ڳولهيو. علائقي کي شروعات ۾ ماوري آئيوي، جهڙوڪ رنگيتاني ۽ موائوپوڪو آباد ڪيو. مسڪيٽ جنگن جي رڪاوٽن جي ڪري ان کي 19هين صدي جي شروعات تائين اتر آئيوي جهڙوڪ تيتي آوا طرفان مغلوب ڪيو ويو. [13]
ويلنگٽن جو موجوده روپ اصل ۾ ايڊورڊ ويڪفيلڊ جي نيوزي لينڊ ڪمپنيءَ جو پهريون سرويئر جنرل، ڪئپٽن وليم مينسمٿ، سال 1840ع ۾ ٺاهيو. [14] اسمٿ جي منصوبي ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل وادين ۽ هيٺين ٽڪرين جي سلپ سان گڏ، گرڊ منصوبن جو هڪ سلسلو شامل ھو. [15] ويلنگٽن شهري علائقو، جنهن ۾ صرف ويلنگٽن شهر اندر شهري علائقا شامل آهن، جي آبادي جون، 2025ع تائين 2,09,800 هئي. وسيع ويلنگٽن ميٽروپوليٽن علائقي، لوئر هٽ، پوريروا ۽ اپر هٽ شهرن سميت، جي آبادي جون، 2025ع تائين 4,33,900 هئي. شهر 1865ع کان نيوزي لينڊ جي گاديءَ جو هنڌ، هڪ اهڙي حيثيت جيڪا قانون سازي ۾ بيان نه ڪئي وئي آهي پر ڪنوينشن ذريعي قائم ڪئي وئي آهي، رهيو آهي. نيوزي لينڊ جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جون عمارتون، سپريم ڪورٽ ۽ گهڻيون عوامي خدمتن جا هيڊ ڪوارٽر شهر ۾ آهن.[16]
ويلنگٽن جي معيشت بنيادي طور تي، حڪومتي ڪمن، مالياتي ۽ ڪاروباري خدمتن ۽ فلم انڊسٽري تي زور ڏيڻ سان، خدمتن جي صنعتن تي ٻڌل آهي. ويلنگٽن نيوزي لينڊ جي فلم ۽ خاص اثرات (Special Effects) جي صنعتن جو مرڪز آهي ۽ ٻه عوامي تحقيقي يونيورسٽين سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ جدت جو هڪ مرڪز آهي.[17] ويلنگٽن نيوزي لينڊ جي مکيه بندرگاهن مان هڪ آهي ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي سامونڊي اچ وڃ، ٻنهي جي خدمت ڪري ٿو. شهر خاص طور تي رونگوٽائي ۾ ويلنگٽن انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ملڪ جو ٻيو مصروف ترين ايئرپورٽ، طرفان فضائي اچ وڃ لاء خدمت فراهم ڪري ٿو. ويلنگٽن جي ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ ۾ ٽرين ۽ بس لائينون شامل آهن، جيڪي پريورا، ڪپيٽي ڪوسٽ ۽ ويراراپا تائين پهچن ٿيون ۽ ٻيڙيون شهر کي ڏکڻ ٻيٽ سان ڳنڍين ٿيون.
اڪثر ڪري، نيوزي لينڊ جي ثقافتي راڄڌاني جو حوالو ڏنل، ويلنگٽن جو ڪلچر هڪ متنوع ۽ اڪثر نوجوانن تي مبني آهي جنهن جو اثر سڄي اوشينيا ۾ آهي. [18] [19] [20] دنيا جي سڀ کان وڌيڪ رهڻ لائق شهرن مان هڪ، 2021 گلوبل لائيوبلٽي رينڪنگ ويلنگٽن کي ٽوڪيو سان گڏ دنيا ۾ چوٿين نمبر تي رکیو آھي. [21] سال 2017ع کان 2018ع تائين، ڊوئچئ بینک (Deutsche Bank) ان کي دنيا ۾ رھڻ جي قابليت ۽ غير آلودگي جي لحاظ کان پھريون نمبر ڏنو آھی. [22] [23] ثقافتي حدون جهڙوڪ ڪيوبا اسٽريٽ ۽ نيوٽن تخليقي جدت، "اوپي شاپس"، تاريخي ڪردار ۽ کاڌي لاءِ مشهور آهن. ويلنگٽن ايشيا-پئسفڪ علائقي ۾ هڪ اهم مالي مرڪز آهي، جيڪا سال 2021ع لاءِ گلوبل فنانشل سينٽرز انڊيڪس پاران دنيا ۾ 35 هين نمبر تي آهي. هي عالمي شهر هڪ ماوري آباديءَ کان وڌيو آهي، هڪ نوآبادياتي چوڪ تائين ۽ اتان کان آسٽريليا جي گاديءَ واري هنڌ تائين، جنهن هڪ ”قابل ذڪر تخليقي بحالي“ جو تجربو ڪيو آهي. [24] [25] [26] [27]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Thorns, David; Schrader, Ben (11 March 2010). "City history and people – Towns to cities". Te Ara - the Encyclopedia of New Zealand. 15 February 2021 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Ward maps and boundaries". Wellington City Council. 8 August 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Tawa Community Board". Wellington City Council. 8 December 2021. 6 February 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Mākara/Ōhāriu Community Board". Wellington City Council. 22 November 2021. 6 February 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2020 General Election electorates". Electoral Commission. 6 February 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Urban Rural 2020 (generalised) – GIS | | GIS Map Data Datafinder Geospatial Statistics | Stats NZ Geographic Data Service". datafinder.stats.govt.nz. 25 October 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "StatsNZ Geographic Boundary Viewer". statsnz.maps.arcgis.com. 8 March 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs named "NZ_population_data_2018". - ↑ "Regional gross domestic product: Year ended March 2022". Statistics New Zealand. 24 March 2023. 4 April 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Wellington City postcode map" (PDF). NZ Post. 6 February 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Guinness World Records 2009. London, United Kingdom: Guinness World Records Ltd. 2008. ص. 277. ISBN 978-1-904994-36-7.
- ↑ Karl Mathiesen (15 October 2015). "Where is the world's windiest city? Spoiler alert: it's not Chicago". The Guardian. اصل نسخو مان 12 July 2016 تي محفوظ ڪيل. 13 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Waitangi Tribunal (2003). Te Whanganui a Tara me ona takiwa : report on the Wellington District. Wellington, N.Z.: Legislation Direct. ISBN 186956264X. OCLC 53261192.
- ↑ Taonga, New Zealand Ministry for Culture and Heritage Te Manatu. "Wellington's plan". teara.govt.nz (انگريزي ۾). 15 November 2021 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Schrader, Ben (26 March 2015). "City planning - Early settlement planning". Te Ara: The Encyclopedia of New Zealand. اصل نسخو مان 23 September 2023 تي محفوظ ڪيل. 23 September 2023 تي حاصل ڪيل.
Wellington's plan was designed by New Zealand Company surveyor William Mein Smith in 1840. It comprised a series of interconnected grids which expanded along the town's valleys and up the lower slopes of hills.
- ↑ Levine, Stephen (20 June 2012). "Capital city – Wellington, capital city". Te Ara: The Encyclopedia of New Zealand. اصل نسخو مان 5 February 2019 تي محفوظ ڪيل. 23 May 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Lim, Jason (29 November 2015). "Wellington Is Bigger On Tech And Innovation Than You Think". Forbes. 15 November 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Culture and creativity". www.wellingtonnz.com (New Zealand English ۾). 21 April 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Arts and culture". 10yearplan.wellington.govt.nz (انگريزي ۾). 21 April 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Media, ShermansTravel. "Kiwi Culture in Wellington: New Zealand's Creative Capital | ShermansTravel". www.shermanstravel.com (انگريزي ۾). 21 April 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Choudhury, Saheli Roy (9 June 2021). "These are the world's most livable cities in 2021". CNBC (انگريزي ۾). 2 June 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "2014 Quality of Living Worldwide City Rankings – Mercer Survey". www.mercer.com. 19 February 2014. اصل نسخو مان 22 June 2013 تي محفوظ ڪيل. 11 April 2014 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Wellington named most liveable city for second year running". Stuff (انگريزي ۾). 25 May 2018. اصل نسخو مان 23 June 2019 تي محفوظ ڪيل. 23 June 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ George, Damian (19 September 2016). "Huffington Post lauds Wellington's 'remarkable' creative resurgence". Stuff (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 9 July 2019 تي محفوظ ڪيل. 9 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Wellington: New Zealand's creative capital". TNZ Media. اصل نسخو مان 9 July 2019 تي محفوظ ڪيل. 9 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Wellington is a Smart City of the future". iStart leading the way to smarter technology investment. (New Zealand English ۾). اصل نسخو مان 9 July 2019 تي محفوظ ڪيل. 9 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The World According to GaWC 2020". GaWC – Research Network. Globalization and World Cities. 31 August 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ The metro area combines the urban areas of Wellington, Porirua, Lower Hutt and Upper Hutt.
<ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Articles containing Māori-language text
- Pages using multiple image with auto scaled images
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 New Zealand English-language sources (en-nz)
- ويلنگٽن
- نيوزي لينڊ
- راڄڌانيون
- اوشينيا ۾ راڄڌانيون
- اوشينيا جا شهر
- نيوزيلينڊ جا شهر
- نيو زيلينڊ ۾ آباد ساحلي هنڌ
- نيوزيلينڊ ۾ بندرگاهن جا شهر
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا