پالائو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف پالائو

Beluu er a Belau  (ٻولي؟)
パラオ共和国  (ٻولي؟)
Flag of پالائو
جھنڊو
ترانو: Belau rekid
Our Palau
Location of پالائو
جو مقامپالائو
حیثیت خودمختيار رياست جيڪا يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان آزاد ڳانڍاپي ۾ آھي
گادي جو هنڌ جرولمڊ(انگريزي: Ngerulmud)
7°30′N 134°37′E / 7.500°N 134.617°E / 7.500; 134.617
سڀ کان وڏو شهر ڪورور
7°20′N 134°29′E / 7.333°N 134.483°E / 7.333; 134.483
دفتري ٻوليون انگريزي, پالائوئن
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
نسلي گروھ (2015[1])
مقامي آبادي پالائوئن
حڪومت وحداني غيرجمائتي جمھوري آئيني ريپبلڪ جي ماتحتصدارتي نظام
• صدر
ٽامي ريمنيجيسائو
رينالڊ آئلائوچ
• سينيٽ جو صدر
ھاڪنس بائلز
• ھائوس اسپيڪر
بئسيلو سابيٽون
• چيف جسٽس
آرٿر جيراڪلسانگ
• چيفن جي ڪائونسلن جو چيئرمين
ڪرسٽوفر اڪئينو
مقننه اولبيئل ايراڪالولاء
سينيٽ
ھائوس آف ڊيليگيٽس
آزادي يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان.
• ٽرسٽ ٽيريٽري آف دي پئسيفڪ آئلينڊز
18 جولاءِ 1947
• آئين
2 اپريل 1979
• ڪامپيڪٽ آف فري ايسوسيئيشن
1 آڪٽوبر 1994
پکيڙ
• جملي
459 km2 (177 sq mi) (180th)
• پاڻي (%)
نہ جي برابر
آبادي
• 2016 اندازو
21,503[2] (224th)
• 2013 مردم شماري
20,918
•  گھاٽائي
46.7 /km2 (121.0 /sq mi) (194)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$300 ملين ڊالر [3] (13515.97 USD)
• في سيڪڙو
$16,296[3] (81st)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$321 ملين ڊالر [3]
پالائو جا پھاڙي ٻيٽ
لائيم اسٽون ٻيٽن جو ھوا مان منظر

پالائو(انگريزي: Palau) Listeni/pəˈl/ جنھن کي پراڻي دور ۾ بيلائو ، پالائوس ، يا پيليو پڻ سڏيندا هئا. سرڪاري نالو جمھوريہ پالائو يا ريپبلڪ آف پالائو اٿس [4] اھو ھڪ ٻيٽ وارو ملڪ آهي جيڪو پيسفڪ وڏي سمنڊ ۾ واقع آهي جنھن ۾ 340 ٻيٽ آھن. پيسفڪ وڏي سمنڊ جي مائڪرونيشيا ۾ ڪيرولين ٻيٽن جي اولهندي زنجير ٺاھن ٿا.[5] ان جو سڀ کان گھڻي آبادي وارو ٻيٽ ڪورور آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ جرولمڊ آھي جيڪو مليڪيئوڪ رياست جي بيبلڊائوب ٻيٽ تي واقع آهي. ھن ملڪ جون سامونڊي حدون فلپائين، انڊونيشيا ۽ فيڊريٽيڊ اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا جي سامونڊي حدن سان ملن ٿيون.

پالائو جو بين الاقوامي ايئرپورٽ

تاريخ[سنواريو]

ھي ملڪ اٽڪل 3000 سال اڳ فلپائني ماڻھن آباد ڪيو ھو ۽ بعد ۾ نگريٽو آبادي 900 سال اڳ ھتي آباد ٿي. يورپي ماڻهو سورھين صدي ۾ ھتي پھتا ۽ 1574 ۾ ھن ملڪ کي اسپيني ايسٽ انڊيز جو حصو بڻايو ويو.

پينٽنگ اندر پالائو جرمني جي ماتحتي ۾ ڏيکاريل
ڪورور جا سردار 1915 ۾

اسپين ۽ آمريڪا جي جنگين ۾ 1898 ۾ اسپين جي شڪست کان بعد جرمني۽ اسپين جي وچ ۾ معاھدي تحت 1899 ۾ ھن ملڪ جا ٻيٽ اسپين جرمني کي وڪڻي ڏنا اھڙي طرح اھي جرمن گينيا جو حصو ٿي ويا پر ھي ٻيٽ وڪري کان اڳ ئي پھرين فلپائين ريپبلڪ جي انقلابي مئلولوس ڪانگريس جو حصو ھيا. پھرين جنگ عظيم ۾ امپيريل جيپنيز نيوي ھن ٻيٽن کي فتح ڪيو ۽ انھن کي ليھ آف نيشنز طرفان جيپنيز سائوٿ پيسفڪ مينڊيٽ جو حصو بڻايو ويو. ٻين جنگ عظيم ۾ جپان سان جنگ ۾ ھي علائقو يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي قبضي ۾ آيو ۽ 1947 ۾ آمريڪا جي ٽرسٽ ٽيريٽري آف پيسفڪ آئلينڊز جي اختيار ۾ آيو. 1979 ۾ ريفرنڊم ۾ ھن ملڪ جي ماڻهن فيڊريٽس اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا ۾ شامل نہ ٿيڻ لاء ووٽ ڏنو جنھن ڪري ھن ٻيٽن کي 1994 ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي آزاد اتحاد ۾ مڪمل خودمختياري ڏني وئي.

نالو[سنواريو]

ملڪ جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف پالائو آھي. مقامي نالو بيلائو آھي جيڪو پالائو ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي ڳوٺ[6].

سياسي نظام[سنواريو]

ھتان جو سياسي نظام صدارتي ريپبلڪ آھي. پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جنھن جو نالو پالائو نيشنل ڪانگريس آهي.
ملڪ جي انتظامي تقسيم سورھن رياستن ۾ ٿيل آهي جن جا نالا ھيٺ چارٽ ۾ ڏنل آھن:

State Area (km2) Census 2012
آئميليئڪ 44 281
آئراء 59 2537
اينگئور 8.06 130
ھاتوھوبيئي 0.9 10
ڪايانگيل 1.7 76
ڪورور 60.52 11670
ميليڪيئوڪ 26 300
گئرارڊ 34 453
گارچيلانگ 11.2 281
گارڊمائو 34 195
گيريملينگوئي 68 310
گاٽپانگ 33 257
گچيسار 43 287
گيوال 17 226
پيليليئو 22.3 510
سانسارول 3.1 42
پالائو جي گاديءَ جو هنڌ

ملڪ جو موجوده آئين 9 جولاءِ 1981 ۾ نافذ ٿيو ۽ ملڪ جي آزادي پھرين آڪٽوبر 1994 ۾ عمل ۾ آئي. ملڪ جي ٻہ ايواني پارليامينٽ جو ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن جون 13 سيٽون آھن. ان جا ميمبر سڌي چونڊ سان چئن سالن لاءِ مقرر ٿيندا آھن. ٻيو ايوان ھائوس آف ڊيليگيٽس آھي جنھن جون 16 سيٽون آھن. ميمبر سڌي چونڊ ذريعي چئن سالن لاءِ چونڊبا آھن[6].

جاگرافي[سنواريو]

پالائو جون سورھن رياستون

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 7 30 N, 134 30 E آھي ۽ ان جو مقام اوشيانا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 459 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا سموري خشڪي تي مشتمل آهي. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 198 نمبر تي آهي. ٻيٽن تي مشتمل ھن ملڪ جي خشڪي واري سرحد ڪانہ آھي باقي ٻيٽن جي سامونڊي سرحد 1519 ڪلوميٽر آهي. ان سرحد سان سمنڊ اندر سندس علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ۽ ان سان لاڳيتو زون 24 ناٽيڪل ميل تائين ۽ سندس مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميلن تائين اٿس. مائونٽ گيرچيلچيوئس ھتان جو بلند ترين مقام آھي جيڪو 242 ميٽر اوچو آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ مڇي، سون، سامونڊي شيون شامل آهن[6].

ڪورور ۽ بابيلڊائوب کي ملائيندڙ جپان جي سھڪار سان ٺھيل پل

آبهوا[سنواريو]

ملڪ جي موسم گرم ۽ گھميل آھي. برساتون مئي کان نومبر جي دوران پونديون آهن[6].

زراعت[سنواريو]

ملڪ جي زمين جو 10.8 سيڪڙو زرعي آھي جنھن مان 2.2 سيڪڙو پوکي لائق آھي ۽ ان جو 4.3 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي.زرعي زمين جو 4.3 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 87.6 سيڪڙو تي ٻيلا آهن. 2018 تائين اڃان ھتي آبپاشي واري زمين ڪانہ آھي[6].

پالائوئن ماڻھو[سنواريو]

ٽوبي جا ڳوٺاڻا

2017 تائين ھتان جي آبادي 21431 ھئي ۽ ھن جو آبادي ۾ دنيا اندر نمبر 219 ھيو. پالائوئن نسل جا ماڻهو ھتي ڪل آبادي جو 73 سيڪڙو ڪيرولينئن 2 سيڪڙو ، ايشيائي 21.7 سيڪڙو آھن. ھتان جي 65.2 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي پالائوئن آھي جيڪا اتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي، 19=1 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ڳالھائيندا آھن جيڪا بہ سرڪاري ٻولي آھي. 9.9 سيڪڙو ماڻهو فلپينو ٻولي، 1.2 سيڪڙو جي چيني ٻولي آھي. 45.3 سيڪڙو ماڻھن جو مذھب رومن ڪيٿولڪ آھي. 34.9 سيڪڙو پروٽسٽنٽ، 5.7 سيڪڙو موڊيڪنگي، 3 سيڪڙو مسلمان ۽ 1.5 سيڪڙو مورمون آھن[6].

پالائو جي ماڻهن جي روايتي عمارتسازي جو نمونو

حوالا[سنواريو]

  1. "Palau". The World Factbook. CIA. 
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 "Palau". www.imf.org. 
  4. Constitution of Palau آرڪائيو ڪيا ويا 26 May 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. (PDF). palauembassy.com. Retrieved 1 June 2013.
  5. "Statistical Yearbook 2015". Republic of Palau Bureau of Budget and Planning Ministry of Finance (2016-02-01). Retrieved on 2018-08-21.
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 6.4 6.5 [1] آرڪائيو ڪيا ويا 2007-06-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي آء اي فيڪٽس بڪ