مواد ڏانھن هلو

پالائو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
جمهوريه پالاو

Beluu er a Belau (پالاو ٻولي)
パラオ共和国 (جاپاني)
Flag of پالاو
جھنڊو
ترانو: "Belau rekid"
"اسانجو پالاو"
Location of پالاو
جو مقامپالاو
حیثیت خودمختيار رياست جيڪا يونائيٽيڊ اسٽيٽس سان آزاد ڳانڍاپي ۾ آھي
گادي جو هنڌ ڱيرلمود (Ngerulmud)
7°30′N 134°37′E / 7.500°N 134.617°E / 7.500; 134.617
سڀ کان وڏو شهر ڪورور
7°20′N 134°29′E / 7.333°N 134.483°E / 7.333; 134.483
دفتري ٻوليون انگريزي، پالاو ٻولي
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون
نسلي گروھ (2015[1])
  • 73% پالاو نسل
  • 16.3% فلپائني
  • 5.4% ڀوٽاني
  • 2.0% ڪيرولينيائي
  • 1.2% يورپي
  • 2.1% ٻيا  / اڻ ڄاتل
مقامي آبادي پالاوي
حڪومت وحداني، غيرجماعتي، آئيني جمهوريت جي هيٺ صدارتي نظام
 صدر
ٽامي ريمنجيساو
 نائب صدر
رينالڊ آئلاوچ
 سينيٽ جو صدر
ھاڪنز بائلز
 ھائوس جو اسپيڪر
بئسيليو سبيٽون
 چيف جسٽس
آرٿر جيراڪلسنگ
 چيف ڪائونسل جو چيئرمين
ڪرسٽوفر اڪينو
مقننه اولبيئل ايراڪالولاء (نيشنل ڪانگريس)
سينيٽ
ھائوس آف ڊيليگيٽس
آزادي آمريڪا کان
 ٽرسٽ ٽيريٽري آف دي پئسيفڪ آئلينڊز
18 جولاءِ، 1947ع
 آئين
2 اپريل 1979ع
 ڪامپيڪٽ آف فري ايسوسيئيشن
1 آڪٽوبر 1994ع
پکيڙ
 جملي
459 km2 (177 sq mi) (180هون)
 پاڻي (%)
نہ جي برابر
آبادي
 2016 اندازو
21,503[2] (224هون)
 2013ع مردم شماري
20918
  گھاٽائي
46.7 /km2 (121.0 /sq mi) (194)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018ع لڳ ڀڳ
 ڪل
30 ڪروڙ آمريڪي ڊالر [3]
 في سيڪڙو
16,296 آمريڪي ڊالر[3] (81هون)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018ع لڳ ڀڳ
 ڪل
32 ڪروڙ 10 لک آمريڪي ڊالر[3]

پالاؤ (Palau؛ Listeni/pəˈl/)، سرڪاري طور تي، "پالاؤ جمهوريه،" [4] اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾، مائڪرونيشيا، اوشينيا جو هڪ ذيلي علائقو، ۾ هڪ ٻيٽ وارو ملڪ آهي. پالاؤ جمهوريه لڳ ڀڳ 340 ٻيٽن تي مشتمل آهي، جيڪا ڪيرولائن ٻيٽن جو اولهائين حصو آهي،[5] جڏهن ته اوڀر ۽ وچ وارا حصا فيڊريٽيڊ اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا ٺاهيندا آهن. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ڱيرلمود (Ngerulmud) آھي، جيڪو ميليولوڪ رياست جي بيبل ڊاوب ٻيٽ تي واقع آهي. ھن جون سامونڊي حدون فلپائن، انڊونيشيا ۽ فيڊريٽڊ اسٽيٽ آف مائڪرونيشيا جي رياستن سان ملن ٿيون.

ان جو ڪُل علائقو 466 چورس ڪلوميٽر (180 چورس ميل) آهي، جيڪا هن کي دنيا جو سورهون ننڍو ملڪ بڻائي ٿو. سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو ٻيٽ ڪورور آهي، جن تي ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر ساڳئي نالي سان آهي. گاديءَ جو هنڌ، ڱيرولمود بئبلداؤب جي سڀ کان وڏي ٻيٽ تي، رياست ميليڪيوڪ مان آهي. پلاؤ اوڀر ۾ مائڪرونيشيا جي وفاقي رياستن، ڏکڻ ۾ انڊونيشيا ۽ اتر اولهه ۾ فلپائن سان سامونڊي حدون شيئر ڪري ٿو، جڏهن تي اتر ۾ بين الاقوامي سمنڊ جي حدون آهن.

نالو

[سنواريو]

ملڪ جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف پالائو آھي. مقامي نالو بيلائو آھي جيڪو پالائو ٻوليءَ جو لفظ آهي جنھن جي معني ڳوٺ آهي.[6]

جاگرافي

[سنواريو]
پالائو جا پھاڙي ٻيٽ
لائيم اسٽون ٻيٽن جو ھوا مان منظر

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 'E7°30 ۽ N134°30 آھي ۽ ان جو مقام اوشيانا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 459 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا سموري خشڪي تي مشتمل آهي. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 198 نمبر تي آهي. ٻيٽن تي مشتمل ھن ملڪ جي خشڪي واري سرحد ڪانہ آھي باقي ٻيٽن جي سامونڊي سرحد 1519 ڪلوميٽر آهي. ان سرحد سان سمنڊ اندر سندس علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ۽ ان سان لاڳيتو زون 24 ناٽيڪل ميل تائين ۽ سندس مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميلن تائين اٿس. مائونٽ گيرچيلچيوئس ھتان جو بلند ترين مقام آھي جيڪو 242 ميٽر اوچو آهي. ملڪ جا قدرتي وسيلن ۾ مڇي، سون، سامونڊي شيون شامل آهن.[6]

پالائو جون سورھن رياستون

آبهوا

[سنواريو]

ملڪ جي موسم گرم ۽ گھميل آھي. برساتون مئي کان نومبر جي دوران پونديون آهن.[6]

تاريخ

[سنواريو]

ملڪ اٽڪل 3,000 سال اڳ ڏکڻ اوڀر ايشيا کان ايندڙ مهاجرن پاران آباد ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ نگريٽو آبادي 900 سال اڳ ھتي آباد ٿي. پلاؤ پهريون ڀيرو يورپي نقشن تي، پالاوي ماڻهن جي هڪ گروهه، جنهن جي ٻيڙي فلپائن جي ساحل تي تباهه ٿي وئي هئي، پاران ڏنل وضاحت جي بنياد تي، بوهيميا جي مشنري پال ڪلين ٺاهيو هو. يورپي ماڻهو سورھين صدي ۾ ھتي پھتا ۽ پالاو ٻيٽن کي 1885ع ۾ اسپيني ايسٽ انڊيز جو حصو بڻايو ويو.

پينٽنگ اندر پالائو جرمني جي ماتحتي ۾ ڏيکاريل
ڪورور جا سردار 1915 ۾

اسپين ۽ آمريڪا جي جنگين ۾ 1898 ۾ اسپين جي شڪست کان بعد جرمني۽ اسپين جي وچ ۾ معاھدي تحت 1899 ۾ ھن ملڪ جا ٻيٽ اسپين جرمني کي وڪڻي ڏنا اھڙي طرح اھي جرمن گينيا جو حصو ٿي ويا پر ھي ٻيٽ وڪري کان اڳ ئي پھرين فلپائين ريپبلڪ جي انقلابي مئلولوس ڪانگريس جو حصو ھيا. پھرين جنگ عظيم ۾ امپيريل جيپنيز نيوي ھن ٻيٽن کي فتح ڪيو ۽ انھن کي ليھ آف نيشنز طرفان جيپنيز سائوٿ پيسفڪ مينڊيٽ جو حصو بڻايو ويو. ٻين جنگ عظيم ۾ جپان سان جنگ ۾ ھي علائقو يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي قبضي ۾ آيو ۽ 1947 ۾ آمريڪا جي ٽرسٽ ٽيريٽري آف پيسفڪ آئلينڊز جي اختيار ۾ آيو.

1979 ۾ ريفرنڊم ۾ ھن ملڪ جي ماڻهن فيڊريٽس اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا ۾ شامل نہ ٿيڻ لاء ووٽ ڏنو جنھن ڪري ھن ٻيٽن کي 1994 ۾ آمريڪا جون گڏيل رياستون جي آزاد اتحاد ۾ مڪمل خودمختياري ڏني وئي.

1898ع ۾ اسپيني-آمريڪي جنگ ۾ اسپين جي شڪست کان پوءِ، ٻيٽ 1899ع ۾ جرمن-اسپيني معاهدي جي شرطن تحت جرمني کي وڪرو ڪيا ويا، جتي انهن کي جرمن نيو گني جي حصي طور منظم ڪيو ويو. پهرين عالمي جنگ کانپوءِ، ٻيٽن کي ليگ آف نيشنز پاران جاپاني حڪمراني واري ڏکڻ سمنڊ جي مينڊيٽ جو حصو بڻايو ويو.

سياست ۽ حڪومت

[سنواريو]

ھتان جو سياسي نظام صدارتي ريپبلڪ آھي. پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي جنھن جو نالو پالائو نيشنل ڪانگريس آهي.

ملڪ جي انتظامي تقسيم سورھن رياستن ۾ ٿيل آهي جن جا نالا ھيٺ چارٽ ۾ ڏنل آھن:

State Area (km2) Census 2012
آئميليئڪ 44 281
آئراء 59 2537
اينگئور 8.06 130
ھاتوھوبيئي 0.9 10
ڪايانگيل 1.7 76
ڪورور 60.52 11670
ميليڪيئوڪ 26 300
گئرارڊ 34 453
گارچيلانگ 11.2 281
گارڊمائو 34 195
گيريملينگوئي 68 310
گاٽپانگ 33 257
گچيسار 43 287
گيوال 17 226
پيليليئو 22.3 510
سانسارول 3.1 42

ملڪ جو موجوده آئين 9 جولاءِ 1981 ۾ نافذ ٿيو ۽ ملڪ جي آزادي پھرين آڪٽوبر 1994 ۾ عمل ۾ آئي. ملڪ جي ٻہ ايواني پارليامينٽ جو ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن جون 13 سيٽون آھن. ان جا ميمبر سڌي چونڊ سان چئن سالن لاءِ مقرر ٿيندا آھن. ٻيو ايوان ھائوس آف ڊيليگيٽس آھي جنھن جون 16 سيٽون آھن. ميمبر سڌي چونڊ ذريعي چئن سالن لاءِ چونڊبا آھن.[6]

آباديات

[سنواريو]
ٽوبي جا ڳوٺاڻا

2017 تائين ھتان جي آبادي 21431 ھئي ۽ ھن جو آبادي ۾ دنيا اندر نمبر 219 ھيو. پالائوئن نسل جا ماڻهو ھتي ڪل آبادي جو 73 سيڪڙو ڪيرولينئن 2 سيڪڙو ، ايشيائي 21.7 سيڪڙو آھن. ھتان جي 65.2 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي پالائوئن آھي جيڪا اتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي، 19=1 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ڳالھائيندا آھن جيڪا بہ سرڪاري ٻولي آھي. 9.9 سيڪڙو ماڻهو فلپينو ٻولي، 1.2 سيڪڙو جي چيني ٻولي آھي. 45.3 سيڪڙو ماڻھن جو مذھب رومن ڪيٿولڪ آھي. 34.9 سيڪڙو پروٽسٽنٽ، 5.7 سيڪڙو موڊيڪنگي، 3 سيڪڙو مسلمان ۽ 1.5 سيڪڙو مورمون آھن.[6]

معيشت

[سنواريو]
ڪورور ۽ بابيلڊائوب کي ملائيندڙ جپان جي سھڪار سان ٺھيل پل

زراعت

[سنواريو]

ملڪ جي زمين جو 10.8 سيڪڙو زرعي آھي جنھن مان 2.2 سيڪڙو پوکي لائق آھي ۽ ان جو 4.3 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آهي.زرعي زمين جو 4.3 سيڪڙو مستقل چراگاھون ۽ 87.6 سيڪڙو تي ٻيلا آهن. 2018 تائين اڃان ھتي آبپاشي واري زمين ڪانہ آھي.[6]

ٽرانسپورٽ

[سنواريو]

تعليم

[سنواريو]

صحت جي سار سنڀال

[سنواريو]

ثقافت

[سنواريو]
پالائو جي ماڻهن جي روايتي عمارتسازي جو نمونو

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Palau", The World Factbook, CIA۔
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision", ESA.UN.org (custom data acquired via website), United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division, حاصل ڪيل 10 September 2017۔
  3. 1 2 3 "Palau", www.imf.org۔
  4. Constitution of Palau آرڪائيو ڪيا ويا 26 May 2013 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. (PDF). palauembassy.com. Retrieved 1 June 2013.
  5. "Statistical Yearbook 2015". Republic of Palau Bureau of Budget and Planning Ministry of Finance (2016-02-01). Retrieved on 2018-08-21.
  6. 1 2 3 4 5 6 آرڪائيو ڪيا ويا 2007-06-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي آء اي فيڪٽس بڪ

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

گورنمينٽ

[سنواريو]

مقامي خبرون

[سنواريو]

عام معلومات

[سنواريو]

سانچو:Palau topics

7°30′N 134°30′E / 7.500°N 134.500°E / 7.500; 134.500