نائورو
جمهوريه نائورو نائورو ريپبلڪ | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"سڀ کان اول خدا جي مرضي " | |||||
ترانو: نائورو اسان جو وطن | |||||
| گادي جو هنڌ | يارين (اصل ۾ ) 0°32′S 166°55′E / 0.533°S 166.917°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | دنيگومودو | ||||
| دفتري ٻوليون | نائوري انگريزي | ||||
| نسلي گروھ |
| ||||
| مقامي آبادي | نائووئن | ||||
| حڪومت | وحدانيپارلياماني غير جماعتي جمھوريت | ||||
• صدر | لائونل آئنجيميا | ||||
• اسپيڪر | مارڪوس اسٽيفن | ||||
| مقننه | پارليامينٽ | ||||
| آزادي | |||||
| 31 جنوري 1968 | |||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 21 چورس ڪلوميٽر (8.1 چورس ميل) (193rd) | ||||
• پاڻي (%) | 0.57 | ||||
| آبادي | |||||
• آڪٽوبر
2018 مردم شماري | 11,200[1] (234th) | ||||
• گھاٽائي | 480/km2 (1,243.2/sq mi) (25th) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $160 million[2] (192nd) | ||||
• في سيڪڙو | $12,052[2] (94th) | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $114 million[2] | ||||
• في سيڪڙو | $8,570[2] | ||||
| ڪرنسي | آسٽريلوي ڊالر (AUD) | ||||
| معياري وقت | (متناسق عالمي وقت+12) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +674 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .nr | ||||
ناراو (Nauru) جو سرڪاري نالو ناورو جي ريپبلڪ آھي. ان جو پراڻو نالو پليزینٽ آئلينڊ ھو. ھي ملڪ اوشيانا کنڊ جي علائقي جي پيسيفڪ سمنڊ جي ٻيٽن واري علائقي مائڪرونيشيا ۾ واقع آهي. ان جو سڀ کان ويجھو پاڙيسري ملڪ ڪیريباتي آھي جنھن جو بانابا ٻيٽ ھن ملڪ جي اوڀر طرف 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ان جي اتر۔اولھ ۾ ٽوالو ۽ اتر۔اوڀر ۾ 1300 ڪلوميٽر جی مفاصلی تي سولومن ٻيٽ واقع آھن.[3] اوڀر۔اتر م پاپوا نيوگني، ڏکڻ۔اوڀر ۾ مائڪرونيشيا جون وفاقي رياستون ۽ ڏکڻ ۾ مارشل ٻيٽ واقع آهن. نائورو جي ڪل پکيڙ 21 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ مناڪو کان پوء پکيڙ م ھي دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي ۽ يورپ کان ٻاھر دنيا جو ۽ پيسفڪ سمنڊ جو سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي. آبادي م ھي ملڪ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ ٽوالو کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.ھي ملڪ گڏيل قومن، پيسيفڪ آئلينڊ فورم، قومن جي دولت مشترڪه ۽ آفريڪن ڪيريبئن اينڊ پيسيفڪ گروپ آف اسٽيٽس جو رڪن آھي.
تاريخ
[سنواريو]ھن ملڪ جي ٻيٽن کي 100 ق م ۾ مائڪرونيشيا ۽ پولينيشيا جي ماڻھن وسايو هو. اوڻوھين صدي عيسويءَ ۾ نائورو کي جرمني ڪالوني بڻائي جرمن ايمپائر جو حصو بڻائي ڇڏيو. پھرين جنگ عظيم جي خاتمي بعد ھن ملڪ کي ليگ آف نيشنز جي اختيار ۾ رکيو ويو جنھن جي نگراني آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ذمي ھئي. ٻين جنگ عظيم م جاپان ان تي قبضو ڪيو پوء اتحادي فوجن جي اختيار م آيو. جنگ بعد ھي ملڪ گڏيل قومن جي نگراني ۾ آيو ۽ 1968ع ۾ آزاد ٿيو ۽ 1969ع ۾ پيسيفڪ ڪميونٽي جو رڪن ٿيو.
معيشيت
[سنواريو]نائورو فاسفيٽ جي جبلن تي مشتمل ٻيٽ آھي ۽ فاسفيٽ جو وڏو ذخيرو ھيس جيڪو کاڻن ذريعي ڪڍيو ويو[4]. جڏھن فاسفيٽ جا ذخيرا ختم ٿي ويا تہ ان کي ٽيڪس کان آجو ملڪ بڻايو ويو جنھن ڪري غيرقانوني مني لانڊرنگ جو مرڪز ٿي ويو[5]. 2001 کان 2008 تائين ۽ ٻيھر 2012 کان ھن ملڪ جي مالي مدد آسٽريليا ڪندو رھيو آھي ان جي عيوض آسٽريليا اتي غيرقانوني پناهگيرن کي قيد م رکڻ لاء نائورو ريجنل پروسيسنگ سينٽر قائم ڪيو آهي. آسٽريليا تي گھڻي مدار سبب ھن ملڪ کي آسٽريليا جي گراھڪ رياست پڻ چوندا آهن[6][7][8].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "National Report on Population ad Housing" (PDF). Nauru Bureau of Statistics. اصل نسخو (PDF) مان 24 September 2015 تي محفوظ ڪيل. 9 June 2015 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org.
- ↑ "Yaren | district, Nauru". Encyclopedia Britannica (انگريزي ۾). 2 September 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Hogan, C Michael (2011). "Phosphate". National Council for Science and the Environment. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 25 October 2012 تي محفوظ ڪيل. 17 June 2012 تي حاصل ڪيل.
{{cite web}}: Unknown parameter|encyclopedia=ignored (مدد) - ↑ Hitt, Jack. "The Billion-Dollar Shack". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 16 January 2018 تي محفوظ ڪيل. 29 January 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Pacific correspondent Mike Field". Radio New Zealand. 18 June 2015. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 10 December 2015 تي محفوظ ڪيل. 8 December 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Nauru's former chief justice predicts legal break down". Special Broadcasting Service. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 10 December 2015 تي محفوظ ڪيل. 8 December 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Ben Doherty. "This is Abyan's story, and it is Australia's story". The Guardian. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 26 February 2017 تي محفوظ ڪيل. 12 December 2016 تي حاصل ڪيل.