سڊني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سڊني
نيو ساؤٿ ويلز

سڊني اوپرا ھائوس ۽ سڊني ھاربر پل سڊني شھر جا مشھور ھنڌ نما شام مھل
آبادي: 5312163[1] (1st)
• ڪثافت: 423/km² (1,095.6/sq mi) (2018)[2]
متناسقات: 33°51′54″S 151°12′34″E / 33.86500°S 151.20944°E / -33.86500; 151.20944مڪانيت: 33°51′54″S 151°12′34″E / 33.86500°S 151.20944°E / -33.86500; 151.20944
رقبو: 12367.7 km² (4,775.2 sq mi)(GCCSA)[3]
منطقہ وقت:

 • گرما (روشنيروز بچتي وقت)

AEST (UTC+10)

AEDT (UTC+11)

مقام:
  • 877 ڪلوميٽر (545 ميل) NE ۾ ميلبورن
  • 923 ڪلوميٽر (574 ميل) S ۾ برسبين
  • 287 ڪلوميٽر (178 ميل) NE ۾ ڪئنبيرا
  • 3936 ڪلوميٽر (2,446 ميل) E ۾ پرٿ
  • 1404 ڪلوميٽر (872 ميل) E ۾ ايڊيليڊ
آسٽريلوي مقامي حڪومت: کوڙ (31)
ڪاؤنٽي: ڪمبرلينڊ[4]
رياست / علائقو انتخاب: کوڙ (49)
وفاقي ڊويزن: کوڙ (24)
اوسط وڌ کان وڌ درجہ حرارت[5] اوسط گھٽ ۾گھٽ درجہ حرارت[5] ساليانو مينھن[5]
21.8 °C
71 °F
13.8 °C
57 °F
1,215.7 ملي ميٽر
47.9 انچ

سڊني(انگريزي: Sydney)(Listeni/ˈsɪdni/[6] آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اھو آسٽريليا ۽ اوشيانيا جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي[7]. آسٽريليا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري تي واقع آهي[8] سڊني شھر 15 حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 40 لوڪل گورنمينٽ ڪائونسلون واقع آھن. شھر جي ماڻھن کي سڊني سائيڊرس چوندا آهن[9] جون 2019ع مطابق ھن شھر جي ميٽروپوليٽن آبادي 5,312,163 ھئي[10]، جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ نيو سائوٿ ويلز رياست جي %65 آبادي ھن شھر ۾ رھندڙ آھي[11]. ھي شھر دنيا جي مهانگي ترين شھرن مان ھڪ آھي[12] ان ھوندي بہ دنيا جي ڏھن وڏن رھائش جي وڌيڪَ قابل شھرن مان ھڪ آھي[13][14][15] گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ جي مطابق ھن شھر جو شمار الفا گلوبل سٽي ۾ ٿئي ٿو جيڪو ان شھر جو پنھنجي علائقي ۽ دنيا ۾ اثر ظاھر ڪري ٿو [16][17]

تاريخ[سنواريو]

سڊني جي جبلن ۾ اڪريل پٿرن مان پتو پئي ٿو تہ ھن شھر جي پسگردائيءَ واري علائقي م انساني آبادي جي شروعات 30,000 سال اڳ ٿي ھئي. ليفٽيننٽ جيمز ڪڪ پنھنجي پھرين بحري سفر ۾ 1770ع ۾ ھن شھر کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي باٽني اپسمنڊ واري ڪناري تي لنگرانداز ٿيو ھو ۽ ان جاء کي ھن برطانوي مفاد لاء موزون سمجھيو. 1788ع ۾ قيدين سان ڀريل 11 بحري ٻيڙن جو پھريون قافلو آرٿر فلپ جي سربراھي ۾ پھتو ۽ ان لاء سڊني واري جاء تي جلاوطن قيدين جي پينل ڪالوني جو بنياد وڌو ويو. جيڪا آسٽريليا جي تاريخ ۾ پھرين يورپي ڪالوني ھئي. بيرن سڊني انگلينڊ جي نوابي لقب ھيو جنھن جو درجو وڌائي وسڪائونٽ سڊني رکيو ويو ھو. فلپ ان پينل ڪالوني جو نالو سڊني مشھور سياستدان پھرين وسڪائونٽ سڊني ٿامس ٽائونزھنڊ جي نالي واري لقب تان رکيو [18] 1842ع ۾ ان سڊني نالي پينل ڪالوني کي شھر جو درجو ڏيڻ بعد قيدين جي يورپ مان سزا طور سڊني ڏانھن منتقلي ختم ڪئي وئي. نيو سائوٿ ويلز ۾ سون جي دريافت بعد کاڻن لاء 1851ع ۾ مزدورن جي پيھ ۾ اضافو ٿيو جنھن سان سڊني وڌي وڏو شھر ٿي دنيا ۾ معاشي ۽ ثقافتي مرڪز ٿي ويو.

آبادي[سنواريو]

ٻي جنگ عظيم بعد ھن شھر م وڏي پيماني تي ھجرت ٿي ۽ ھي شھر دنيا جي وڏن ثقافتي ڪثرت وارن شھرن مان ھڪ ٿي ويو[3] 2011ع جي مردم شماري مطابق ھن شھر ۾ 250 ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھو رھندڙ ھيا[19] 2016 جي آدمشماري مطابق %35.8 سيڪڙو شھرين جي مادري بولي انگريزي جي بجاء ٻي ھئي[20] 45.4% شھري ملڪ کان ٻاھر ڄاول ھيا جن مان اڪثريت لنڊن ۽ نيويارڪ شھرن ۾ ڄاول ھئي[21][22].

معيشت[سنواريو]

سڊني جو مرڪزي حصو جيڪو بزنس ڊسٽرڪٽ آھي


سڊني آسٽريليا جو مالياتي ۽ معاشي مرڪز آھي ۽ آسٽريليا جي جي ڊي پي جو چوٿون حصو ڏيندڙ شھر آھي[23].لفبرا يونيورسٽي جي محققن ھن شھر کي دنيا جي ڏھ انھن وڏن شھرن ۾ شامل ڪيو آھي جيڪي عالمي معيشت ۾ ضم ٿيل آھن[24] گلوبل ايڪانامڪ پاور انڊيڪس مطابق ھن شھر جو شمار يارھين نمبر تي ڪيو آهي[25] گلوبل سٽيز انڊيڪس ان جو شمار عالمي مصروفيت واري لحاظ کان 14 نمبر تي ڪيو آهي[26][27] 2016ع ۾ سڊني جي ناليوار گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ 400.9 ارب آسٽريلين ڊالر ھئي ۽ في ڪس 80000 آسٽريلين ڊالر ھئي[28]معاشي موقعي جي لحاظ کان ھن شھر جو شمار دنيا جي شھرن ۾ يارھين نمبر ۾ ٿئي ٿو[29] ھن شھر جي بازاري معيشت مضبوط مالياتي نظام، مينيوفيڪچرنگ ۽ سياحت تي مشتمل آهي[30][31] ھي ملڪ پرڏيھي بينڪن ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جو مرڪز ۽ آسٽريليا جو مالياتي گادي جو هنڌ ۽ پئسفڪ سمنڊ جو ماليتي حب آهي[32][33]

سياحت[سنواريو]

سڊني جو اوپيرا ھائوس
سڊني جي ھائيڊ پارڪ جو منظر

سڊني بين الاقوامي راندين جي موقعن جي ميزبان ڪندڙ شھر رھيو آھي. 2000 جي اولمپڪ راندين دوران ھي دنيا جي 15 سڀ کان وڌيڪَ گھمجندڙ شھرن مان ھڪ ھيو[34] لکين ماڻھو ھر سال ھتي جون مشھور جايون گھمڻ لاء ايندا آهن.[35] ھن شھر جي 25 لک ايڪڙ زمين باغن لاء مخصوص آھي[36]. ھن شھر جي مشهور گھمڻ جي جاين ۾ سڊني ھاربر، رايل نيشنل پارڪ، رايل باٽنڪ گارڊن ۽ ھائيڊ پارڪ شامل آهن جيڪي شھر جا سڀ کان پراڻا باغ آھن[37] عمارتن م ھتي سڊني ھاربر پل ۽ سڊني اوپيرا ھائوس مشھور آھن. اوپيرا ھائوس عالمي ورثي ۾ شامل آھي. ھتان جو وڏو ايئرپورٽ ڪنگسفورڊ سمٿ ايئرپورٽ آھي جيڪو دنيا جي پراڻن ايئرپورٽن مان ھڪ آھي[38] جيڪو 1906ع ۾ قائم ٿيو. ان کان سواءِ ھن شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن نيو سائوٿ ويلز جي سڀ کان وڏي ۽ مصروف ترين ريلوي اسٽيشن آهي[39].

رايل باٽنڪ گارڊن سڍني جو ھڪ پراڻو سائنسي ادراو آھي

تعليم[سنواريو]

ھن شھر ۾ يونيورسٽي آف سڊني 1850ع ۾ قائم ٿي ھئي جيڪا آسٽريليا جي پھرين يونيورسٽي ھئي ۽ دنيا جي وڏين يونيورسٽين مان ھڪ ھئي[40] آسٽريليا جي سڀ کان پراڻي لائبريري پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي. ان جو نالو اسٽيٽ لائبريري آف نيو سائوٿ ويلز آهي جيڪا 1826ع ۾ شروع ٿي[41]

حوالا[سنواريو]

  1. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2018–19". abs.gov.au. Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 28 March 2020. 
  2. "New South Wales: Population Density". Australian Bureau of Statistics. وقت 18 May 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 March 2019.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. 3.0 3.1 "Greater Sydney: Basic Community Profile" (xls). 2011 Census Community Profiles. Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 9 April 2014. 
  4. سانچو:NSW GNR
  5. 5.0 5.1 5.2 سانچو:BoM Aust stats
  6. Macquarie ABC Dictionary. The Macquarie Library Pty Ltd. 2003. p. 1,000. ISBN 1-876429-37-2. 
  7. "The most populous cities in Oceania". Blatant Independent Media. حاصل ڪيل 13 September 2014. 
  8. Mason, Herbert (2012). Encyclopaedia of Ships and Shipping. p. 266. 
  9. "Complete official list of Sydney suburbs". Walk Sydney Streets. حاصل ڪيل 13 July 2014. 
  10. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. وقت 18 May 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 April 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2016–17: Main Features". Australian Bureau of Statistics. Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 13 October 2018.  Estimated resident population, 30 June 2017.
  12. Levy, Megan (2014). "Sydney, Melbourne more expensive than New York, says Living Index". The Sydney Morning Herald. http://www.smh.com.au/business/the-economy/sydney-melbourne-more-expensive-than-new-york-says-living-index-20140305-3466w.html. Retrieved 20 July 2014. 
  13. "Sydney retains #10 ranking in Mercer's global quality of living survey". www.mercer.com. حاصل ڪيل 28 April 2018. 
  14. "World's most liveable cities: Vienna's win leaves Sydney and Melbourne in a spin". The Guardian. حاصل ڪيل 26 September 2019. 
  15. "2018 Quality of Living Index". Mercer. حاصل ڪيل 28 April 2018. 
  16. "The World According to GaWC 2020". GaWC - Research Network. Globalization and World Cities. حاصل ڪيل 31 August 2020. 
  17. Global Power City Index 2010 (PDF) (Report). Tokyo, Japan: Institute for Urban Strategies at The Mori Memorial Foundation. حاصل ڪيل 10 August 2011. 
  18. "Manly Council – Manly Heritage & History". www.manly.nsw.gov.au. حاصل ڪيل 10 May 2016. 
  19. "Sydney's melting pot of language". The Sydney Morning Herald. 2014. Archived from the original on 23 September 2014. https://web.archive.org/web/20140923055934/http://www.smh.com.au/data-point/sydney-languages. Retrieved 13 September 2014. 
  20. "Greater Sydney Language spoken at home". NSW Government. حاصل ڪيل 1 February 2019. 
  21. "Census 2016: Migrants make a cosmopolitan country". The Australian. حاصل ڪيل 16 July 2017. 
  22. "2016 Census QuickStats". Australian Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 4 January 2019. 
  23. "Financial Centres of the World: Sydney, Australia". www.ecdconference.org. حاصل ڪيل 2020-07-16. 
  24. "The world according to GaWC 2012". Loughborough University. حاصل ڪيل 31 August 2014. 
  25. Florida, Richard. "The 25 most economically powerful cities in the world". CityLab. حاصل ڪيل 20 July 2014. 
  26. "2014 Global Cities Index" (PDF). AT Kearney. وقت 16 October 2014 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 July 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  27. Wotherspoon, Garry. "Economy". Dictionary of Sydney. حاصل ڪيل 9 August 2014. 
  28. http://www.sgsep.com.au/publications/gdp-major-capital-city-2015-2016
  29. "Cities of opportunity" (PDF). PricewaterhouseCoopers. وقت 10 February 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 21 July 2014. 
  30. Wade, Matt (18 February 2012). "Tough week for a Sydney success story". The Sydney Morning Herald. http://www.smh.com.au/national/tough-week-for-a-sydney-success-story-20120217-1te9q.html?skin=text-only. Retrieved 12 January 2016. [مئل ڳنڍڻو]
  31. Irvine, Jessica (2008). "Another shot at making city a finance hub". The Sydney Morning Herald. http://www.smh.com.au/news/national/another-shot-at-making-a-finance-hub/2008/07/31/1217097434132.html. Retrieved 26 July 2014. 
  32. "Economic powerhouse". City of Sydney. حاصل ڪيل 21 July 2014. 
  33. "Economic profile". City of Sydney. حاصل ڪيل 20 July 2014. 
  34. Dennis, Anthony (2013). ""Too expensive" Sydney slips from top 10 tourism list". The Sydney Morning Herald. http://www.smh.com.au/travel/travel-planning/travel-news/too-expensive-sydney-slips-from-top-10-tourism-list-20130704-2pdh4.html. Retrieved 27 October 2016. "In this year's World's Best Awards, announced in New York this week, Sydney came in as the world's number 12 ranked best city." 
  35. "Our global city". City of Sydney. حاصل ڪيل 21 July 2014. 
  36. Benson, D. H. and Howell J. (1990) Taken for Granted: the Bushland of Sydney and Its Suburbs, Sydney
  37. "Hyde Park: Plan of Management and Masterplan" (PDF). Sydney City Council. صفحا. 7–11. حاصل ڪيل 7 September 2012. 
  38. "Overview". Sydney Airport. وقت 5 September 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 August 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  39. "Central Station". Sydney Trains. وقت 25 June 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 August 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  40. "QS world university rankings 2016". Quacquarelli Symonds. حاصل ڪيل 19 September 2016. [مئل ڳنڍڻو]
  41. "History of the Library | State Library of New South Wales". State Library of New South Wales. حاصل ڪيل 7 February 2011.  delete character in |title= at position 24 (مدد)