مواد ڏانھن هلو

سڊني

سڊني (انگريزي: Sydney)(Listeni/ˈsɪdni/[1] ) آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اھو آسٽريليا ۽ اوشيانيا جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي.[2] آسٽريليا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري تي واقع,[3] سڊني شھر 15 حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 40 لوڪل گورنمينٽ ڪائونسلون واقع آھن. شھر جي ماڻھن کي سڊني سائيڊرس چوندا آهن.[4] جون 2019ع مطابق ھن شھر جي ميٽروپوليٽن آبادي 5,312,163 ھئي,[5] جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ نيو سائوٿ ويلز رياست جي %65 آبادي ھن شھر ۾ رھندڙ آھي.[6] ھي شھر دنيا جي مهانگي ترين شھرن مان ھڪ آھي[7] ان ھوندي بہ دنيا جي ڏھن وڏن رھائش جي وڌيڪَ قابل شھرن مان ھڪ آھي.[8][9][10] گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ جي مطابق ھن شھر جو شمار الفا گلوبل سٽي ۾ ٿئي ٿو جيڪو ان شھر جو پنھنجي علائقي ۽ دنيا ۾ اثر ظاھر ڪري ٿو.[11][12]

سڊني
نيو سائوٿ ويلز
سڊني اوپرا ھائوس ۽ سڊني ھاربر پل سڊني شھر جا مشھور ھنڌ
سڊني جي ميٽروپوليٽن علائقي جو نقشو
سڍني جي ميٽروپولس علائقي جو نقشو
سڊني is located in آسٽريليا
سڊني
سڊني
متناسقات33°51′54″S 151°12′34″E / 33.86500°S 151.20944°E / -33.86500; 151.20944
آبادي5,312,163 (2019)[13]& nbsp;(1st)
 • ڪسافت423/km2 (1,100/sq mi) (2018)[14]
قائم ٿيو26 January 1788
ايراضي12,367.7 km2 (4,775.2 sq mi)(GCCSA)[15]
وقت جو علائقوAEST (UTC+10)
 • اونهاري (ڏينھن جي روشني بچائڻ وارو وقتAEDT (UTC+11)
جڳھ
  • 877 ڪلوميٽر (545 ميل) NE ۾ ميلبورن
  • 923 ڪلوميٽر (574 ميل) S ۾ برسبين
  • 287 ڪلوميٽر (178 ميل) NE ۾ ڪئنبيرا
  • 3,936 ڪلوميٽر (2,446 ميل) E ۾ پرٿ
  • 1,404 ڪلوميٽر (872 ميل) E ۾ ايڊيليڊ
ايل جي ايکوڙ (31)
ڪائونٽيڪمبرلينڊ[16]
رياستي چونڊ تڪکوڙ (49)
وفاقي ڊويزنکوڙ (24)
سراسري وڌ ۾ وڌ گرمي پد[17] سراسري گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد[17] ساليانو وسڪارو[17]
21.8 °C
71 °F
13.8 °C
57 °F
1,215.7 mm
47.9 in
حاشياCoordinates:[18]
خطا: |type= جي اڻڄاتل قيمت (مدد)

سڊني (انگريزي: Sydney)(Listeni/ˈsɪdni/[19] ) آسٽريليا جي رياست نيو سائوٿ ويلز جي گاديءَ جو هنڌ آهي. اھو آسٽريليا ۽ اوشيانيا جو آبادي ۾ سڀ کان وڏو شھر آھي.[20] آسٽريليا جي اوڀر واري سامونڊي ڪناري تي واقع,[21] سڊني شھر 15 حصن ۾ ورھايل آھي جن ۾ 40 لوڪل گورنمينٽ ڪائونسلون واقع آھن. شھر جي ماڻھن کي سڊني سائيڊرس چوندا آهن.[22] جون 2019ع مطابق ھن شھر جي ميٽروپوليٽن آبادي 5,312,163 ھئي,[23] جنھن مان ظاھر ٿئي ٿو تہ نيو سائوٿ ويلز رياست جي %65 آبادي ھن شھر ۾ رھندڙ آھي.[24] ھي شھر دنيا جي مهانگي ترين شھرن مان ھڪ آھي[25] ان ھوندي بہ دنيا جي ڏھن وڏن رھائش جي وڌيڪَ قابل شھرن مان ھڪ آھي.[26][27][28] گلوبلائيزيشن اينڊ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ جي مطابق ھن شھر جو شمار الفا گلوبل سٽي ۾ ٿئي ٿو جيڪو ان شھر جو پنھنجي علائقي ۽ دنيا ۾ اثر ظاھر ڪري ٿو.[29][30]

تاريخ

[سنواريو]

سڊني جي جبلن ۾ اڪريل پٿرن مان پتو پئي ٿو تہ ھن شھر جي پسگردائيءَ واري علائقي م انساني آبادي جي شروعات 30,000 سال اڳ ٿي ھئي. ليفٽيننٽ جيمز ڪڪ پنھنجي پھرين بحري سفر ۾ 1770ع ۾ ھن شھر کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي باٽني اپسمنڊ واري ڪناري تي لنگرانداز ٿيو ھو ۽ ان جاء کي ھن برطانوي مفاد لاء موزون سمجھيو. 1788ع ۾ قيدين سان ڀريل 11 بحري ٻيڙن جو پھريون قافلو آرٿر فلپ جي سربراھي ۾ پھتو ۽ ان لاء سڊني واري جاء تي جلاوطن قيدين جي پينل ڪالوني جو بنياد وڌو ويو. جيڪا آسٽريليا جي تاريخ ۾ پھرين يورپي ڪالوني ھئي. بيرن سڊني انگلينڊ جي نوابي لقب ھيو جنھن جو درجو وڌائي وسڪائونٽ سڊني رکيو ويو ھو. فلپ ان پينل ڪالوني جو نالو سڊني مشھور سياستدان پھرين وسڪائونٽ سڊني ٿامس ٽائونزھنڊ جي نالي واري لقب تان رکيو [31] 1842ع ۾ ان سڊني نالي پينل ڪالوني کي شھر جو درجو ڏيڻ بعد قيدين جي يورپ مان سزا طور سڊني ڏانھن منتقلي ختم ڪئي وئي. نيو سائوٿ ويلز ۾ سون جي دريافت بعد کاڻن لاء 1851ع ۾ مزدورن جي پيھ ۾ اضافو ٿيو جنھن سان سڊني وڌي وڏو شھر ٿي دنيا ۾ معاشي ۽ ثقافتي مرڪز ٿي ويو.

آبادي

[سنواريو]

ٻي جنگ عظيم بعد ھن شھر م وڏي پيماني تي ھجرت ٿي ۽ ھي شھر دنيا جي وڏن ثقافتي ڪثرت وارن شھرن مان ھڪ ٿي ويو[15] 2011ع جي مردم شماري مطابق ھن شھر ۾ 250 ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھو رھندڙ ھيا[32] 2016 جي آدمشماري مطابق %35.8 سيڪڙو شھرين جي مادري بولي انگريزي جي بجاء ٻي ھئي[33] 45.4% شھري ملڪ کان ٻاھر ڄاول ھيا جن مان اڪثريت لنڊن ۽ نيويارڪ شھرن ۾ ڄاول ھئي[34][35].

معيشت

[سنواريو]
سڊني جو مرڪزي حصو جيڪو بزنس ڊسٽرڪٽ آھي


سڊني آسٽريليا جو مالياتي ۽ معاشي مرڪز آھي ۽ آسٽريليا جي جي ڊي پي جو چوٿون حصو ڏيندڙ شھر آھي[36].لفبرا يونيورسٽي جي محققن ھن شھر کي دنيا جي ڏھ انھن وڏن شھرن ۾ شامل ڪيو آھي جيڪي عالمي معيشت ۾ ضم ٿيل آھن[37] گلوبل ايڪانامڪ پاور انڊيڪس مطابق ھن شھر جو شمار يارھين نمبر تي ڪيو آهي[38] گلوبل سٽيز انڊيڪس ان جو شمار عالمي مصروفيت واري لحاظ کان 14 نمبر تي ڪيو آهي[39][40] 2016ع ۾ سڊني جي ناليوار گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ 400.9 ارب آسٽريلين ڊالر ھئي ۽ في ڪس 80000 آسٽريلين ڊالر ھئي[41]معاشي موقعي جي لحاظ کان ھن شھر جو شمار دنيا جي شھرن ۾ يارھين نمبر ۾ ٿئي ٿو[42] ھن شھر جي بازاري معيشت مضبوط مالياتي نظام، مينيوفيڪچرنگ ۽ سياحت تي مشتمل آهي[43][44] ھي ملڪ پرڏيھي بينڪن ۽ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنن جو مرڪز ۽ آسٽريليا جو مالياتي گادي جو هنڌ ۽ پئسفڪ سمنڊ جو ماليتي حب آهي[45][46]

سياحت

[سنواريو]
سڊني جو اوپيرا ھائوس
سڊني جي ھائيڊ پارڪ جو منظر

سڊني بين الاقوامي راندين جي موقعن جي ميزبان ڪندڙ شھر رھيو آھي. 2000 جي اولمپڪ راندين دوران ھي دنيا جي 15 سڀ کان وڌيڪَ گھمجندڙ شھرن مان ھڪ ھيو[47] لکين ماڻھو ھر سال ھتي جون مشھور جايون گھمڻ لاء ايندا آهن.[48] ھن شھر جي 25 لک ايڪڙ زمين باغن لاء مخصوص آھي[49]. ھن شھر جي مشهور گھمڻ جي جاين ۾ سڊني ھاربر، رايل نيشنل پارڪ، رايل باٽنڪ گارڊن ۽ ھائيڊ پارڪ شامل آهن جيڪي شھر جا سڀ کان پراڻا باغ آھن[50] عمارتن م ھتي سڊني ھاربر پل ۽ سڊني اوپيرا ھائوس مشھور آھن. اوپيرا ھائوس عالمي ورثي ۾ شامل آھي. ھتان جو وڏو ايئرپورٽ ڪنگسفورڊ سمٿ ايئرپورٽ آھي جيڪو دنيا جي پراڻن ايئرپورٽن مان ھڪ آھي[51] جيڪو 1906ع ۾ قائم ٿيو. ان کان سواءِ ھن شھر جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن نيو سائوٿ ويلز جي سڀ کان وڏي ۽ مصروف ترين ريلوي اسٽيشن آهي[52].

رايل باٽنڪ گارڊن سڍني جو ھڪ پراڻو سائنسي ادراو آھي

تعليم

[سنواريو]

ھن شھر ۾ يونيورسٽي آف سڊني 1850ع ۾ قائم ٿي ھئي جيڪا آسٽريليا جي پھرين يونيورسٽي ھئي ۽ دنيا جي وڏين يونيورسٽين مان ھڪ ھئي[53] آسٽريليا جي سڀ کان پراڻي لائبريري پڻ ھن شھر ۾ واقع آهي. ان جو نالو اسٽيٽ لائبريري آف نيو سائوٿ ويلز آهي جيڪا 1826ع ۾ شروع ٿي[54]

حوالا

[سنواريو]
  1. Macquarie ABC Dictionary. The Macquarie Library Pty Ltd. 2003. ص. 1,000. ISBN 1-876429-37-2.
  2. "The most populous cities in Oceania". Blatant Independent Media. 2010. 13 September 2014 تي حاصل ڪيل.
  3. Mason, Herbert (2012). Encyclopaedia of Ships and Shipping. ص. 266.
  4. "Complete official list of Sydney suburbs". Walk Sydney Streets. 2014. 13 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  5. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 25 March 2020. اصل نسخو مان 18 May 2019 تي محفوظ ڪيل. 25 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  6. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2016–17: Main Features". Australian Bureau of Statistics. Australian Bureau of Statistics. 24 April 2018. 13 October 2018 تي حاصل ڪيل. Estimated resident population, 30 June 2017.
  7. Levy, Megan (2014). "Sydney, Melbourne more expensive than New York, says Living Index". The Sydney Morning Herald. 20 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  8. "Sydney retains #10 ranking in Mercer's global quality of living survey". www.mercer.com. 28 April 2018. 28 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  9. "World's most liveable cities: Vienna's win leaves Sydney and Melbourne in a spin". The Guardian. 4 September 2019. 26 September 2019 تي حاصل ڪيل.
  10. "2018 Quality of Living Index". Mercer. 2018. 28 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  11. "The World According to GaWC 2020". GaWC - Research Network. Globalization and World Cities. 31 August 2020 تي حاصل ڪيل.
  12. Global Power City Index 2010 (PDF) (Report). Tokyo, Japan: Institute for Urban Strategies at The Mori Memorial Foundation. October 2010. اصل نسخو (PDF) مان 9 October 2011 تي محفوظ ڪيل. 10 August 2011 تي حاصل ڪيل.
  13. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2018–19". abs.gov.au. Australian Bureau of Statistics. 28 March 2020 تي حاصل ڪيل.
  14. "New South Wales: Population Density". Australian Bureau of Statistics. 30 June 2018. اصل نسخو مان 18 May 2019 تي محفوظ ڪيل. 27 March 2019 تي حاصل ڪيل.
  15. 1 2 "Greater Sydney: Basic Community Profile" (xls). 2011 Census Community Profiles. Australian Bureau of Statistics. 28 March 2013. 9 April 2014 تي حاصل ڪيل.
  16. سانچو:NSW GNR
  17. 1 2 3 سانچو:BoM Aust stats
  18. سانچو:NSW GNR
  19. Macquarie ABC Dictionary. The Macquarie Library Pty Ltd. 2003. ص. 1,000. ISBN 1-876429-37-2.
  20. "The most populous cities in Oceania". Blatant Independent Media. 2010. 13 September 2014 تي حاصل ڪيل.
  21. Mason, Herbert (2012). Encyclopaedia of Ships and Shipping. ص. 266.
  22. "Complete official list of Sydney suburbs". Walk Sydney Streets. 2014. 13 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  23. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 25 March 2020. اصل نسخو مان 18 May 2019 تي محفوظ ڪيل. 25 April 2020 تي حاصل ڪيل.
  24. "3218.0 – Regional Population Growth, Australia, 2016–17: Main Features". Australian Bureau of Statistics. Australian Bureau of Statistics. 24 April 2018. 13 October 2018 تي حاصل ڪيل. Estimated resident population, 30 June 2017.
  25. Levy, Megan (2014). "Sydney, Melbourne more expensive than New York, says Living Index". The Sydney Morning Herald. 20 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  26. "Sydney retains #10 ranking in Mercer's global quality of living survey". www.mercer.com. 28 April 2018. 28 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  27. "World's most liveable cities: Vienna's win leaves Sydney and Melbourne in a spin". The Guardian. 4 September 2019. 26 September 2019 تي حاصل ڪيل.
  28. "2018 Quality of Living Index". Mercer. 2018. 28 April 2018 تي حاصل ڪيل.
  29. "The World According to GaWC 2020". GaWC - Research Network. Globalization and World Cities. 31 August 2020 تي حاصل ڪيل.
  30. Global Power City Index 2010 (PDF) (Report). Tokyo, Japan: Institute for Urban Strategies at The Mori Memorial Foundation. October 2010. اصل نسخو (PDF) مان 9 October 2011 تي محفوظ ڪيل. 10 August 2011 تي حاصل ڪيل.
  31. "Manly Council – Manly Heritage & History". www.manly.nsw.gov.au. 10 May 2016 تي حاصل ڪيل.
  32. "Sydney's melting pot of language". The Sydney Morning Herald. 2014. اصل نسخو مان 23 September 2014 تي محفوظ ڪيل. 13 September 2014 تي حاصل ڪيل.
  33. "Greater Sydney Language spoken at home". NSW Government. 2017. 1 February 2019 تي حاصل ڪيل.
  34. "Census 2016: Migrants make a cosmopolitan country". The Australian. 15 July 2017. 16 July 2017 تي حاصل ڪيل.
  35. "2016 Census QuickStats". Australian Bureau of Statistics. 4 January 2019 تي حاصل ڪيل.
  36. "Financial Centres of the World: Sydney, Australia". www.ecdconference.org. 2020-07-16 تي حاصل ڪيل.
  37. "The world according to GaWC 2012". Loughborough University. 2012. 31 August 2014 تي حاصل ڪيل.
  38. Florida, Richard (2014). "The 25 most economically powerful cities in the world". CityLab. 20 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  39. "2014 Global Cities Index" (PDF). AT Kearney. 2014. اصل نسخو (PDF) مان 16 October 2014 تي محفوظ ڪيل. 20 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  40. Wotherspoon, Garry (2008). "Economy". Dictionary of Sydney. 9 August 2014 تي حاصل ڪيل.
  41. http://www.sgsep.com.au/publications/gdp-major-capital-city-2015-2016
  42. "Cities of opportunity" (PDF). PricewaterhouseCoopers. 2012. اصل نسخو (PDF) مان 10 February 2013 تي محفوظ ڪيل. 21 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  43. Wade, Matt (18 فيبروري 2012). "Tough week for a Sydney success story". The Sydney Morning Herald. 12 جنوري 2016 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
  44. Irvine, Jessica (2008). "Another shot at making city a finance hub". The Sydney Morning Herald. 26 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  45. "Economic powerhouse". City of Sydney. 2014. 21 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  46. "Economic profile". City of Sydney. 2014. 20 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  47. Dennis, Anthony (2013). ""Too expensive" Sydney slips from top 10 tourism list". The Sydney Morning Herald. 27 October 2016 تي حاصل ڪيل. In this year's World's Best Awards, announced in New York this week, Sydney came in as the world's number 12 ranked best city.{{cite news}}: CS1 maint: deprecated archival service (ڳنڍڻو)
  48. "Our global city". City of Sydney. 2014. 21 July 2014 تي حاصل ڪيل.
  49. Benson, D. H. and Howell J. (1990) Taken for Granted: the Bushland of Sydney and Its Suburbs, Sydney
  50. "Hyde Park: Plan of Management and Masterplan" (PDF). Sydney City Council. October 2006. ص. 7–11. 7 September 2012 تي حاصل ڪيل.
  51. "Overview". Sydney Airport. 2014. اصل نسخو مان 5 September 2014 تي محفوظ ڪيل. 10 August 2014 تي حاصل ڪيل.
  52. "Central Station". Sydney Trains. 2014. اصل نسخو مان 25 June 2014 تي محفوظ ڪيل. 10 August 2014 تي حاصل ڪيل.
  53. "QS world university rankings 2016". Quacquarelli Symonds. 2016. 19 September 2016 تي حاصل ڪيل.[مئل ڳنڍڻو]
  54. "History of the Library | State Library of New South Wales". State Library of New South Wales. 7 February 2011 تي حاصل ڪيل.