ڏکڻ اوڀر ايشيا
| پکيڙ | 4,545,792 چورس ڪلوميٽر (1,755,140 چورس ميل) |
|---|---|
| آبادي | 641,775,797 (3rd)[1] |
| گھاٽائي | 135.6/km2 (351/sq mi) |
| جي ڊي پي (ناليوار) | 33 کرب 17 ارب آمريڪي ڊالر ($3.317 trillion)[2] |
| جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) | 97 کرب 27 ارب آمريڪي ڊالر ($9.727 trillion)[3] |
| جي ڊي پي (في ماڻھو) | 5,017 آمريڪي ڊالر[2] |
| ايڇ ڊي آء | |
| آبادي جي سڃاڻپ | اوڀر ڏاکڻي ايشيائي |
| ملڪ | |
| ماتحت علائقا | |
| وڏا شھر | |
ڏکڻ اوڀر ايشيا (Southeast Asia)، ايشيا جو جاگرافيائي ڏکڻ اوڀر علائقو آهي، جن ۾ اهي علائقا شامل آهن جيڪا چين جي ڏکڻ، ننڍي کنڊ جي اوڀر ۽ مکيه زمين آسٽريليا، جيڪا اوشينيا جو حصو آهي جي اتر اولهه ۾ واقع آهن.[4] ڏکڻ اوڀر ايشيا اتر ۾ اوڀر ايشيا، اولهه ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ خليج بنگال، اوڀر ۾ اوشينيا ۽ پئسفڪ سمنڊ ۽ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ هندي سمنڊ سان ڳنڍيل آهي.
برطانوي هندي سمنڊ جي علائقي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ مالديپ جي 26 مان ٻن ٻيٽن کان سواء، "سامونڊي ڏکڻ اوڀر ايشيا" ايشيا جو واحد ٻيو ذيلي علائقو آهي، جيڪو جزوي طور تي ڏکڻ اڌ گول ۾ واقع آهي. مکيه زمين ڏکڻ اوڀر ايشيا مڪمل طور تي اتر اڌ گول ۾ آهي. اوڀر تيمور ۽ انڊونيشيا جو ڏاکڻو حصو ڏکڻ اوڀر ايشيا جا حصا آهن، جيڪا برابري ڦاڪ جي ڏکڻ ۾ واقع آهن.
اهو علائقو، ٻنهي ڳري زلزلي ۽ آتش فشاني سرگرمين سان، [5] جيولاجيڪل پليٽن جي ميلاپ جي ويجهو آهي. سونڊا پليٽ علائقي جي مکيه پليٽ آهي. ميانمار، اتر ٿائيلينڊ، اتر لاوس، اتر ويٽنام ۽ فلپائن جي اتر لوزون کانسواءِ، تقريبن سڀئي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ شامل آهن. جڏهن ته سونڊا پليٽ ۾ صرف اولهه انڊونيشيا، اوڀر ۾ انڊونيشيائي صوبي بالي تائين، شامل آهي. ميانمار ۾ جبل جون قطارون، ٿائيلينڊ، جزيري نما ملائيشيا ۽ انڊونيشيائي ٻيٽ سماترا، جاوا، بالي، ننڍا سونڊا ٻيٽ ۽ تيمور، الپائيڊ بيلٽ جو حصو آهن. جڏهن ته فلپائن ۽ انڊونيشيا جا ٻيٽ ۽ انهي سان گڏ اوڀر تيمور، پئسفڪ رنگ آف فائر جو حصو آهن. ٻئي سيسمڪ بيلٽ انڊونيشيا ۾ ملن ٿا، جنهن جي ڪري علائقي ۾، خاص طور تي فلپائن ۽ انڊونيشيا ۾، زلزلا ۽ آتش فشاني ڦاٽڻ جا واقعا نسبتاً وڌيڪ ٿين ٿا.[6]
اهو تقريباً 45,00,000 چورس ڪلوميٽر (17,00,000 چورس ميل) تي پکڙيل آهي. جيڪو يوريشيا جو %8 ۽ ڌرتي جي ڪل زميني ايراضي جو %3 آهي. ان جي ڪل آبادي 64 ڪروڙ 10 لک (641 ملين) کان وڌيڪ، دنيا جي آبادي جو تقريبن %8.5، آهي. اهو ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر ايشيا کان پوءِ ايشيا ۾ ٽيون سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو جاگرافيائي علائقو آهي.[7] هي علائقو، مختلف نسلي گروهن پاران ڳالهائي ويندڙ سوين ٻوليون سان، ثقافتي ۽ نسلي طور تي متنوع آهي.[8] علائقي جا يارهن ملڪ ڏکڻ اوڀر ايشيائي قومن جي تنظيم (ASEAN)، هڪ علائقائي تنظيم جيڪا ان جي ميمبرن ۾ اقتصادي، سياسي، فوجي، تعليمي ۽ ثقافتي انضمام لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، جا ميمبر آهن.[9]
ڏکڻ اوڀر ايشيا دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ثقافتي طور تي رنگا رنگ علائقن مان هڪ آهي. علائقي ۾ ڪيتريون ئي مختلف ٻوليون ۽ نسلون آهن. تاريخي طور تي. ڏکڻ اوڀر ايشيا چيني، هندستاني، مسلم ۽ نوآبادياتي ثقافتن کان خاص طور تي متاثر ٿيو، جيڪيون علائقي جي ثقافتي ۽ سياسي ادارن جي بنيادي جزا بڻجي ويون. گھڻا جديد ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ يورپي طاقتن جا نوآباديات هئا. يورپي سامراج قدرتي وسيلن ۽ زمين، جنهن تي قبضو ڪيو هو، مان مزدورن جو استحصال ڪيو ۽ يورپي ادارن کي علائقي ۾ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي. [10] ٻئي مهاڀاري جنگ دوران ڪيترائي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ پڻ مختصر طور تي جاپان جي سلطنت جي قبضي ۾ هئا. ٻي عالمي جنگ جي نتيجي ۾ علائقي جو گهڻو حصو نوآبادياتي قبضي کان آزاد ٿي ويو. اڄ، ڏکڻ اوڀر ايشيا تي گهڻو ڪري، مقامي قومن جي طرفان، آزاد رياستن طور حڪومت ڪئي ويندي آهي.[11]
تعريفون
[سنواريو]تاريخ
[سنواريو]جاگرافي
[سنواريو]معيشت
[سنواريو]توانائي
[سنواريو]آباديات
[سنواريو]ثقافت
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. 10 September 2017 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "World Economic Outlook Database, April 2023". International Monetary Fund. April 2022. 22 August 2023 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ASEAN Community in Figures (ACIF) 2013 (PDF) (6th ڇاپو). Jakarta: ASEAN. Feb 2014. ص. 1. ISBN 978-602-7643-73-4. اصل نسخو (PDF) مان 4 September 2015 تي محفوظ ڪيل. 9 May 2015 تي حاصل ڪيل. آرڪائيو ڪيا ويا 4 September 2015 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Klaus Kästle (10 September 2013). "Map of Southeast Asia Region". Nations Online Project. One World – Nations Online. 10 September 2013 تي حاصل ڪيل.
Southeast Asia is a vast subregion of Asia, roughly described as geographically situated east of the Indian subcontinent, south of China, and northwest of Australia. The region is located between the Indian Ocean and the Bay of Bengal in the west, the Philippine Sea, the South China Sea, and the Pacific Ocean in the east.
- ↑ Whelley, Patrick L.; Newhall, Christopher G.; Bradley, Kyle E. (2015). "The frequency of explosive volcanic eruptions in Southeast Asia". Bulletin of Volcanology 77 (1). doi:. ISSN 0258-8900. PMID 26097277. Bibcode: 2015BVol...77....1W.
- ↑ Chester, Roy (16 July 2008). Furnace of Creation, Cradle of Destruction: A Journey to the Birthplace of Earthquakes, Volcanoes, and Tsunamis. AMACOM. ISBN 978-0-8144-0920-6.
- ↑ "Population of Asia (2018)". worldometers.info (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 6 January 2019 تي محفوظ ڪيل. 30 December 2018 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Zide; Baker, Norman H.; Milton E. (1966). Studies in comparative Austroasiatic linguistics. Foreign Language Study.
{{cite book}}: CS1 maint: multiple names: authors list (ڳنڍڻو) - ↑ "ASEAN Member States - ASEAN | ONE VISION ONE IDENTITY ONE COMMUNITY". ASEAN | ONE VISION ONE IDENTITY ONE COMMUNITY (آمريڪي انگريزي ۾). اصل نسخو مان 2019-08-10 تي محفوظ ڪيل. 2025-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "The economic impact of colonialism". CEPR (انگريزي ۾). 2017-01-30. 2025-09-02 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Paseng, Rohayati. "Research Guides: Southeast Asia Research Guide: Imperialism, Colonialism, & Nationalism". guides.library.manoa.hawaii.edu (انگريزي ۾). اصل نسخو مان 9 July 2022 تي محفوظ ڪيل. 9 July 2022 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- سانچا
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 maint: multiple names: authors list
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- Portal templates with redlinked portals
- Portal templates with default image
- ڏکڻ اوڀر ايشيا
- ايشيا جي جاگرافي
- ايشيا-پئسفڪ
- ايشيا جا علائقا
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون