ٽوالو
ٽوالو | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شعار: "Tuvalu mo te Atua" (Tuvaluan) "Tuvalu for the Almighty" | |||||
ترانو: Tuvalu mo te Atua (Tuvaluan) Tuvalu for the Almighty | |||||
![]() | |||||
گادي جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر |
فونافوٽي 8°31′S 179°12′E / 8.517°S 179.200°E | ||||
دفتري ٻوليون | |||||
نسلي گروھ |
| ||||
مذهب | چرچ آف ٽوالو | ||||
مقامي آبادي | ٽوالوئن | ||||
حڪومت | وحداني غير جماعتي جمھوريت پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
ايلزبيٿ II | |||||
آئڪوبا اٽاليلي | |||||
• وزيراعظم | انيل سوپوئاگا | ||||
قانون ساز ادارو | پارليامينٽ | ||||
آزادي | |||||
• برطانيا کان |
1 آڪٽوبر 1978 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي | 26 km2 (10 sq mi) (192nd) | ||||
• آبي (%) | نہ جي برابر | ||||
آبادي | |||||
• 2017 مردم شماري | 11,192 (196th) | ||||
• گھاٽائي | 475.88 /km2 (1٬232.5 /sq mi) ( 27th) | ||||
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) | 2016 اندازو | ||||
• ڪل | $39 ملين ڊالر [1] ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خريد) | ||||
• في سيڪڙو | $3,566[1] (156th) | ||||
جي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2016 اندازو | ||||
• ڪل |
$32 ملين ڊالر [1] ملڪن ۾ جي ڊي پي جو شمار{سانچو:GDP nominal rank) | ||||
• في سيڪڙو | $2,970[1] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست | ||||
ڪرنسي |
| ||||
معياري وقت | (متناسق عالمی وقت+12) | ||||
ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
ڊائلنگ ڪوڊ | +688 | ||||
انٽرنيٽ ڊومين | .tv |
ٽوالو(انگريزي: Tuvalu) i/tuːˈvɑːluː/ too-VAH-looيا {{IPAc-en|ˈ|t|uː|v|ə|l|uː} TOO-və-loo جنھن جو پراڻو نالو ايلس جا ٻيٽ ھيو پولينيشيا جو ھڪ ٻيٽن وارو ملڪ آهي جيڪو اوشنيا کنڊ ۾ ھوائي ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پيسفڪ وڏي سمنڊ ۾ واقع آهي. ھي ملڪ ٽن ساحلي ٽڪرين وارن ٻيٽن ۽ ڇھ ڇلي نما ٻيٽن(انگريزي: atoll) تي مشتمل آهي.
تاريخ[سنواريو]
ايلس ٻيٽ پھرين گلبرٽ ٻيٽن جي برطانوي ڪالوني جي مائڪرونيشيا جي پولينيشيا ھيو پر 1974 ۾ نسلي ثڪرائن جي ڪري ھنن ٻيٽن جي ماڻھن گلبرٽ ٻيٽن جي مائڪرونيشيا کان علحدگي لاءِ ووٽ ڏنو ۽ ٻئي سال ايلس وارا ٻيٽ برطانيا جي الڳ ڪالوني ٿي ويا جن جو نالو ٽوالو رکيو ويو. 1978 ۾ ھي ملڪ برطانيا کان آزاد ٿي ويو.
جاگرافي[سنواريو]
ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 8 00 S, 178 00 E آھي ۽ نقشي ۾ اھو اوشيانا ۾ ڏيکاريل آھي. ملڪ جي پکيڙ 26 چورس ڪلوميٽر آهي جيڪا سموري خشڪي آھي.دنيا ۾ پکيڙ ۾ ھن ملڪ جو نمبر 239 آهي. ملڪ جي بحري سرحد 24 ڪلوميٽر آهي، سامونڊي حد سان علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل ۽ ان سان گڏوگڏ علائقو 24 ناٽيڪل ميل ۽ خاص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل آھي. سراسري بلندي 2 ميٽر ۽ سڀ کان اوچو مقام 5 ميٽر اٿس. قدرتي وسيلن ۾ مڇي ۽ ناريل شامل اٿس[2].
آبهوا[سنواريو]
ھتان جي آبهوا وچولي اھي مارچ کان نومبر تائين اوڀر گھلندو آھي ۽ ڊسمبر کان فبروري تائين اولھ جون طوفاني ھوائون ۽ برسات پوندي آھي[2].
زراعت[سنواريو]
ھتان جي 60 سيڪڙو زمين زرعي آھي جيڪا پوک جي لائق ناھي. ھتي چراگاھ ڪانہ آھي باقي 33 سيڪڙو زمين تي ٻيلا آهن[2].
ٽوالوئي ماڻھو[سنواريو]
جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 11,052 ھئي ۽ آبادي ۾ دنيا جو 223 ملڪ ھيو. ماڻھن کي ٽوالوئن چوندا آھن ۽ سنڌي ۾ ٽوالوئي ماڻھو چوندا آهن. ماڻھن ۾ 86.8 سيڪڙو ماڻهو ٽوالوئن آھن. 5.6 سيڪڙو ڪربتي آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي ٽوالوئن ٻولي ۽ انگريزي آھي. سامائوئن ۽ ڪربتي ٻوليون بہ ڳالھائيون وينديون آھن . ماڻھن جو 92.4 سيڪڙو پروٽسٽنٽ مذھب سان تعلق رکندڙ آهي[2].
نالو[سنواريو]
ملڪ جو نالو ٽوالو آھي جنھن جي معنیٰ قطار ۾ اٺن جو گروپ. ملڪ جي اٺن ٻيٽن تي ماڻھو آباد آھن جنھن ڪري اھو نالو ملڪ تي پيو[2].
سياسي نظام[سنواريو]
ملڪ ۾ سياسي نظام آئيني بادشاھت تحت پارلياماني جمهوريت آھي جيڪا ڪامن ويلٿ ريلم ۾ شامل آھي. حڪومتي گادي فونافوٽي شھر ۾ آھي جيڪو ھڪ ڇلي نما ٻيٽ ۾ واقع آهي
ملڪ جي تقسيم ھڪ شھر ۽ ستن ڪائونسلن ۾ ٿيل آهي. شھر جو نالو فونافوٽي ۽ ڪائونسلون : نئنوميگا، نئنوميا، نيئوتائو، نوئي، نوڪوفيتائو، نوڪولائيلائي ۽ وائيتوپو.
موجوده آئين پھرين آڪٽوبر 1986 ۾ لاڳو ٿيو. ملڪ جي رياستي سربراھ ملڪہ ايلزبيٿ II جنھن جو نمائندو گورنر جنرل آھي ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم آھي. [2]