مواد ڏانھن هلو

مارشل آئلينڊز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ريپبلڪ آف مارشل آئلينڊز

Flag of مارشل آئلينڊز
{{{coat_alt}}}
جھنڊو سرڪاري مھر
شُعار: '"Jepilpilin ke ejukaan"
" مشترڪه ڪوشش ذريعي تڪميل"
Location of مارشل آئلينڊز
گادي جو هنڌ مَئجُرو[1]
7°7′N 171°4′E / 7.117°N 171.067°E / 7.117; 171.067
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون
نسلي گروھ (2006)
  • 92.1% مارشليزي
  • 5.9% گڊرا مارشليزي
  • 2% باقي ٻيا
مذهب (2010)
مقامي آبادي مارشليزي
حڪومت وحداني پارلياماني ريپبلڪ
•  صدر
ڊيوڊ ڪبوئا
ڪينيٿ ڪيڊي[3]
مقننه نِٽيجَيلا
خودمختياري يونائيٽيڊ اسٽيٽس کان
• خودمختيار حڪومت
1979
21 آڪٽوبر 1986
پکيڙ
• جملي
181.43 km2 (70.05 sq mi) (189th)
• پاڻي (%)
n/a (negligible)
آبادي
• 2016 اندازو
53,066[4] (211th)
• 2011 مردم شماري
53,158[5]
•  گھاٽائي
293.0 /km2 (758.9 /sq mi) (28th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$215 ملين
• في سيڪڙو
$3,789[6]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$220 ملين


مارشل آئلينڊز يا مارشل ٻيٽ(انگريزي: Marshall Islands ) جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف دي مارشل آئلينڊز آھي، پئسفڪ سمنڊ جي استوائي خطي ۾ واقع ٻيٽن مشتمل ھڪ ملڪ آھي جيڪا يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي ھڪ منسلڪ رياست آھي. ان جي جاگرافيائي بيھڪ مائڪرونيشيا واري ٻيٽن ۾ آهي. 2018 ۾ ملڪ جي آدمشماري 58,413 ھئي [8] ملڪ جي ننڍن وڏن ٻيٽن جو تعداد 1,156 آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ مئجرو شھر آھي. ملڪ جون بحري حدون اتر ۾ وَيڪ آئلينڊ، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪريبتي آئلينڊز سان، ڏکڻ ۾ نائورو سان ۽ اولھ ۾ فيڊرل اسٽيٽس آف مائڪرونيشيا سان ملن ٿيون. 2011 جي آدمشماري مطابق ملڪ جي آبادي جو %52.3 مَئجُرو شھر ۾ رھي ٿو جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو شھر آھي.

تاريخ

[سنواريو]

ھن سرزمين تي يورپين مان سڀ کان پھريان اسپين جي ايمپائر جو مھمجو الونسو ڊي سالازار 1526ع تي قدم رکيو ۽ ھي ٻيٽ اسپين جي اختيار ھيٺ اچي ويا جتي نئين اسپين جي نالي سان وائسرائلٽي قائم ڪئي وئي پر پوء فلپائين جي ڪئپٽنسي جنرل جي ماتحتي ۾ ميڊرڊ جي حڪمراني اندر اچي وئي. لاطيني آمريڪا جي اسپين کان آزادي سان نئين اسپين جي ٽٽڻ جي 1821ع ۾ شروعات ٿي. يونائيٽيڊ اسٽيٽس جي بحري جھازن جي ھتي آمد اڻويھين صديءَ ۾ ٿي ۽ پھريون جھاز 1835ع تي ھتي پھتو. [9] موجوده ملڪ وارن ٻيٽن جي جھرمٽ تي مارشل آئلينڊز جو نالو روس جي گورنريٽ اسٽونيا سان تعلق رکندڙ بحريه جي ايڊمرل ڪروسينسٽرن برطانوي بحريه جي ڪپتان جان مارشل جي نالي تي رکيو ھو. مارشل آئلینڊز جو اسپين باقائده دعويدار 1874ع ۾ ايسٽ انڊيز جي گادي جي ھنڌ منيلا ذريعي ڪئي.[10] اسپين سان معاھدي تحت ڪجهه ٻيٽ جرمني کي ڏنا ويا ھئا. پھرين جنگ عظيم شروع ٿيڻ وقت جپان ھن ملڪ تي قبضو ڪيو ۽ جرمني جي جي انتظامي ڪنٽرول واري شھر جالئوت ۾ مرڪز قائم ڪيو. 31 جنوري 1944ع ۾ ھتي آمريڪي فوج قدم رکيو ۽ پوء پوري ملڪ تي قبضو قائم ڪيو. 1947ع ۾ آمريڪا جو بطور قابض گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل سان ھڪ معاھدو ٿيو جنھن تحت مائڪرونيشيا جي اڪثريتي ٻيٽن، مارشل آئلينڊز سميت، کي پئسفڪ سمنڊ جو ٽرسٽ وارو علائقو قرار ڏئي ان جو انتظام آمريڪا جي ذمي رکيو ويو. ان عرصي دؤران آمريڪا ائٽم بمن جا تمام گھڻا آزمائشي تجربا ھن ملڪ جي بحري حدن ۾ ڪيا ۽ ھائڊروجن بم جو پھريون آزمائشي تجربو پڻ ھتي ڪيو ھو. فضا ۾ تابڪاري جي اثرن سان ھن ملڪ جي آبادي ڏاڍي متاثر ٿي جنھن جو آمريڪا کي 60 ڪروڙ ڊالر معاوضو ڏيڻو پيو جيڪا 1999 تائين ادا ڪيو ويو.. پھرين مئي 1979 ۾ آمريڪا ھن ملڪ جي سياسي خودمختياري کي تسليم ڪيو ۽ ملڪ جي نئين آئين تحت ريپبلڪ آف مارشل آئلينڊز جي حڪومت قائم ٿي. 1986ع ۾ آمريڪا سان ھن ملڪ جو ڪامپيڪٽ فري ايسوسيئيشن نالي ھڪ معاھدو ٿيو. 22 ڊسمبر 1990 تي گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي قرارداد نمبر 683 تحت آمريڪا جي ھن علائقي واري ٽرسٽ جي ذميداري جو خاتمو عمل ۾ آندو ويو 1999 م ھتان جي يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي عام چونڊون کٽي اقتدار ۾ آئي.

جاگرافي

[سنواريو]
مارشل آئلينڊز جو نقشو
مئجرو جو فضائي منظر: مارشل آئلينڊز جي ڇليدار ٻيٽن مان ھڪ ڇليدار ٻيٽ
مئجرو جي ھڪ ننڍڙي ٻيٽ انيڪو جي سامونڊي ڪناري جو منظر
بڪني واري ڇليدار ٻيٽ جي ڪناري جو منظر
مارشل آئلينڊز جو منظر

مارشل آئلینڊز جي جاگرافيائي بيھڪ پئسفڪ سمنڊ جي اندر ھوائي ۽ آسٽريليا جي وچ تي واقع ٻرندڙ جبلن جي مٿاھين حصن تي ٻيٽن جي صورت ۾ واقع آھي[11]. ان جي اتر ۾ نائورو ۽ ڪريبتي، اوڀر ۾ مائڪرونيشيا جون وفاقي رياستون، ڏکڻ ۾ آمريڪا جي قبضي وارو ويڪ آئلينڊ جو تڪراري علائقو (جنھن جو دعويدار مارشل آئلينڊز آھي) واقع آھن[12] ھن ملڪ جا ٻيٽ ۽ ڇليدار ٻيٽ ٻن قسمن جا ميڙ آھن: ريٽڪ واري زنجير يا اڀرندي سج واري زنجير ۽ رئلڪ زنجير يا لھندڙ سج واري زنجير. ٻيٽن جا اھي ٻئي زنجير لاڳيتا ھڪ ٻئي جي ڀرسان اتراولھ کان ڏکڻ اوڀر طرف ساڍا ست لک ڪلوميٽرن جي سامونڊي علائقي ۾ واقع آھن[13] ملڪ پنج وڏن ٻيٽن ۽ 29 ڇليدار ٻيٽن (atols) تي مشتمل آهي. وڏي ۾ وڏو ڇليدار ٻيٽ ڪواجاليئن آھي جيڪو 16 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي ۽ ان جي سامونڊي ڍنڍ جي ايراضي 1700 چورس ڪلوميٽر آهي[14] انھن سڀني ٻيٽن ۽ ڇليدار ٻيٽن مان 24 ۾ ماڻھو جي آبادي واقع آهي باقي ٻي رھڻ جو سھولتون نہ ھجڻ، برسات جي اڻاٺ ۽ ائٽمي تابڪاري جي ڪري غيرآباد آهن. ھن ملڪ جي سمنڊ جي سطح کان سراسري بلندي ست فٽ آهي. آڪٽوبر 2011 ۾ ھن ملڪ سامونڊي علائقي جي ويھ لک چورس ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ شارڪ مڇي جي شڪار تي پابندي وجھي ان کي شارڪ مڇي جي پناھ گاھ وارو علائقو قرار ڏنو آهي. اھا شارڪ مڇيءَ جي دنيا جي سڀ کان وڏي پناھ گاھ آھي[15].

آبھوا

[سنواريو]
مئجرو ٻيٽ جي موسم جو ماھورا چارٽ جنھن ۾ گرمي ڳاڙھي رنگ سان ۽ ھوا ۾ گھم نيري رنگ سان ڏيکاريل

ھن ملڪ جي آبهوا ڊسمبر کان اپريل تائين تمام خشڪ ۽ مئي کان نومبر تائين برساتي ھوندي آھي. ھن خطي مان اڪثر ٽائيفون نالي سامونڊي طوفان اٿندا آھن جيڪي شدت سان اولھ طرف فلپائين تائين پھچندا آھن. سامونڊي سطح کان نالي ماتر بلندي جي ڪري ھن ملڪ جا ٻيٽ سامونڊي چاڙھ جي خطري ھيٺ رھندا اُھن[16][17] ھن ملڪ کي موسمي تبديلي سان ايندڙ سامونڊي ٻوڏن جي امڪان ڪري دنيا جو خطرناڪ ترين ملڪ پڻ سمجھيو ويندو آھي.[18] ھتان جي آبادي جو تازي پاڻي جو وسيلو برسات جو پاڻي آھي ۽ ھتان جي ٻيٽن جي ٻنھي زنجيرن ۾ سوڪھڙي جو خطرو عام ڳالھ آھي[19].

آبادي

[سنواريو]
گادي جي هنڌ ۽ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شھر مَئجُرو جو پئنوراما منظر

1862 ۾ ھتان جي آبادي جو تخمينو 10000 ھيو. 1962 ۾ ھن ملڪجي سموري آبادي 15,000 ھئي. 2011 ۾ ھتان جي آبادي 53,158 ھئي جنھن مان ٻي ڀاڱي ٽي ماڻھو رڳو مَئجُرو ۽ اَيبَيئَي شھرن ۾ رھندڙ ھيا. ايبيئي ملڪ جو ٻيون نمبر وڏو شھر آھي جيڪو ڪواجاليئن نالي ڇليدار ٻيٽ تي واقع آهي. ان آبادي ۾ اھي شامل ناھن جيڪي آمريڪا ۾ ڪمائڻ لاء ھن ملڪ مان لڏي ويا[20] [21] ھن ملڪ جي آبادي جي اڪثريت مارشليزي ماڻھن جي آھي جيڪي مائڪرونيشيا جا پراڻا ايشيائي رھاڪو آهن ۽ ھزارين سالن کان اتي آباد آھن باقي ٿورن ۾ ڪجھہ ٻيا ايشيائي ماڻھو شامل آهن جن م جاپاني گھڻائي ۾ آھن[22][23][24][25] ٻاھرين پاسي وارن ٻيٽن يا ڇليدار ٻيٽن ۾ روزگار ۽ سھولتن جي فقدان ڪري آبادي تمام ڇڊي آھي [26][27] ھتان جي سرڪاري ٻولي انگريزي ۽ مارشليزي آھي.

مارشل آئلينڊز جا عيسائي

ھتان جي ماڻھن جي وڏي اڪثريت عيسائيت سان تعلق رکندڙ آهي جن مان %51.5 ڪرائيسٽ واري يونائيٽيڊ چرچ سان، %24.2 اسيمبليز آف گاڊ، %8.4 رومن ڪيٿولڪ چرچ سان[28]، % 8.3 جيزس ڪرائيسٽ ليٽر ڊي سينٽس سان ، %2.2 بڪوٽ نان جيزس سان، %1.0 بئپٽسٽ، %0.9 سيونٿ ڊي ايڊوينٽ، %0.7 فل گاسپل سان تعلق رکندڙ آھن. ٻين مذھبن ۾ %0.6 بھائي مذھب سان ۽ باقي احمدي يا قادياڻيت تعلق رکندڙ آھن جن جي پھرين مسجد سيپٽمبر 2012 ۾ قائم ٿي[29]

حڪومت

[سنواريو]
مارشل آئلينڊز جو گاديءَ جو هنڌ (ھاڻي استعمال ۾ ناھي)
اڳوڻي صدر ھلڊا ھيئني ھن ملڪ جي پھرين خاتون صدر ھئي

ھن ملڪ جو حڪومتي نظام صدارتي ۽ پارلياماني نظام جو گڏيل امتزاج آھي جيڪو ملڪ جي 1979ع جي آئين ۾ ڏنل آهي[30]. ملڪ ۾ ھر چوٿين سال عام چونڊون ٿينديون آهن ۽ ارڙھن سالن جي عمر وارن سمورن ماڻھن کي ووٽ جو حق ڏنل آھي. ملڪ ۾ 24 تڪ آھي جن مان ھڪ يا ھڪ کان وڌيڪ سينيٽر سڌي ووٽ ذريعي چونڊيا وڃن ٿا. ملڪ جي پارليامينٽ جو نالو نٽيجيلا آھي جيڪا ٻه ايواني آھي جنھن جي ھيٺيون ايوان 33 رڪنن تي مشتمل آھي جنھن جا رڪن سينيٽر ھوندا آھن جيڪي ملڪ جي صدر کي چونڊيندا آهن جيڪو رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ ھوندو آھي[31].

اڳوڻي صدر ھلڊا ھيئني تائيوان جي زائي انگ وين سان گڏ، آڪٽوبر 2017ع ۾

نٽيجيلا کي قانونسازي جا اختيار آهن نٽيجيلا جو مٿيون ايوان ڪاؤنسل آف اروئج سڏبو آهي جيڪا ٻارھن وڏن سردارن تي مشتمل صلاحڪاري ادارو آهي. پارليامينٽ جي ايگزيڪيوٽو واري شعبي ۾ صدر ۽ ان جي ڪابينه شامل آهن جنهن جا وزير صدر پارليامينٽ جي منظوري سان مقرر ڪندو آهي. ملڪ جون مکيه سياسي پارٽيون يونائيٽيڊ پيپلز پارٽي، يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ پارٽي آھن.

معيشت

[سنواريو]
گراف ۾ رنگن ذريعي مارشل آئلينڊز جي برآمدن وارين شين جا تفصيل


ھن ملڪ جو قدرتي وسيلا تمام گھٽ آھن. تنھنڪري ھتان جي درآمدون برآمدن کان وڏيون آھن. 2013 ۾ ھن ملڪ جون برآمدون 53 ڪروڙ 70 لک آمريڪي ڊالر ھيون ۽ درآمدون 133 ڪروڙ 70 لک آمريڪي ڊالر ھيون. ملڪ جي زرعي پيداوار ۾ ناريل، کوپرو، ٽماٽا، گدرا، ٽارو، بريڊ فروٽ، انجير آھن. ملڪ جي آمدني جو ھڪ حصو سياحت مان ملي ٿو. 2016 ۾ ملڪ جي ڪل جي ڊي پي 18 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ھئي ۽ ان جي واڌ جي شرح 1.7 سيڪڙو ھئي. ملڪ جي في ڪس جي ڊي پي 3300 آمريڪي ڊالر ھئي.[32] ھي ملڪ دنيا جو پھريون ملڪ آھي جنھن ساويرين ڪرنسي ايڪٽ 2018 پاس ڪري پھريون دفعو ملڪ جي پنھنجي ڪرپٽو ڪرنسي جاري ڪئي جنھن جو نالو ساويرين رکيو ويو آهي. ان ڪرنسي جي قانوني ٽينڊر ذريعي تصديق ڪئي وئي آهي.[33] ھن ملڪ کي دنيا اندر بحري ٻيڙن جي انڊسٽري ۾ ھڪ وڏي اھميت آھي ڇوتہ ھي ملڪ کين پنھجا جھاز ملڪ اندر رجسٽر ڪرائي جھنڊو استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو اھڙي طرح جھازن جي مالڪن کي پنھنجي ملڪ ۾ بحري ٻيڙو يا جھاز پنھنجي نالي تي رجسٽر ڪرائڻ جي ضرورت نہ پوندي آهي[34] ھتان جي رجسٽري 1990 ۾ شروع ٿي ھئي ۽ اھا بطور آمريڪا جي انٽرنيشنل رجسٽريشن انڪارپوريشن نالي ڪمپڻي جي حصي طور سنڀالجي ٿي. ان ڪمپني جو شاخون دنيا جي ڪيترن ئي بحري مرڪزن ۾ پکڙيل آھن[35] بحري جھازن يا ٻيڙن جي رجسٽريشن ۾ 2017ع ۾ ھي ملڪ پاناما کان پوءِ دنيا ۾ ٻئين نمبر تي ھيو. ھن ملڪ م بحري جھاز جي مالڪ ڪا ڪمپني آھي يا ڪو اڪيلو ذاتي مالڪ ان سان رجسٽريشن ۾ ڪوبہ فرق نه پوندو آهي[36][37] ان جھنڊي جي تيل کڻندڙ بحري ٽينڪرن تي استعمال سان ھي ملڪ دنيا ۾ ڪچو تيل برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آھي پر ھن ملڪ ۾ ھڪ بہ تيل جي رفائنري ڪانھي. [38] 207 م ھن ملڪ پورھيتن جي بين الاقوامي تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي[39] انڪم ٽيڪس جي شرح ھن ملڪ ۾ 8 سيڪڙو کان 12 سيڪڙو تائين آھي[40]ڪارپوريٽ ٽيڪس محصولن جي 3 سيڪڙو جي برابر آهي

حوالا

[سنواريو]
  1. The largest cities in Marshall Islands, ranked by population آرڪائيو ڪيا ويا September 3, 2011, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. population.mongabay.com. Retrieved May 25, 2012.
  2. https://www.state.gov/reports/2019-report-on-international-religious-freedom/marshall-islands/
  3. User, Super. "Members". rmiparliament.org. حاصل ڪيل August 22, 2017. 
  4. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  5. "Republic of the Marshall Islands 2011 Census Report" (PDF). Prism.spc.int. حاصل ڪيل August 22, 2017. 
  6. 6.0 6.1 "Report for Selected Countries and Subjects". imf.org. 
  7. "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019. 
  8. "Population, total - Marshall Islands". data.worldbank.org. 
  9. Langdon, Robert (1984), Where the whalers went: an index to the Pacific Ports and islands visited by American whalers (and some other ships) in the 19th century, Canberra, Pacific Manuscripts Bureau, p.177 & 179. ISBN 086784471X
  10. Palacio Atard, Vicente. "LA CUESTION DE LAS ISLAS CAROLINAS. UN CONFLICTO ENTRE ESPAÑA Y LA ALEMANIA BISMARCKIANA" (PDF). وقت July 9, 2018 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  11. "Republic of the Marshall Islands". Pacific RISA. حاصل ڪيل November 1, 2015. 
  12. "Geography". Rmiembassyus.org. وقت November 15, 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل August 22, 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  13. Beardslee, L. A. (1870). Marshall Group. North Pacific Islands. Washington DC: U.S. Government Printing Office. pp. 33. http://babel.hathitrust.org/cgi/pt?id=hvd.hnnx9n;view=2up;seq=8;size=125. Retrieved November 1, 2015. 
  14. Alcalay, Glenn; Fuchs, Andrew. "History of the Marshall Islands". atomicatolls.com. حاصل ڪيل January 7, 2017. 
  15. "Vast shark sanctuary created in Pacific". BBC News. October 3, 2011. https://www.bbc.co.uk/news/science-environment-15142472. Retrieved November 25, 2011. 
  16. Julia Pyper, ClimateWire. "Storm Surges, Rising Seas Could Doom Pacific Islands This Century". Scientific American. 
  17. "The Marshall Islands Are Disappearing". The New York Times. December 2, 2015. https://www.nytimes.com/interactive/2015/12/02/world/The-Marshall-Islands-Are-Disappearing.html. 
  18. Stephen, Marcus (November 14, 2011). "A sinking feeling: why is the president of the tiny Pacific island nation of Nauru so concerned about climate change?". The New York Times. http://www.thefreelibrary.com/A+sinking+feeling%3A+why+is+the+president+of+the+tiny+Pacific+island...-a0273079165. Retrieved February 9, 2015. 
  19. Peter Meligard. "Perishing oO Thirst In A Pacific Paradise". Huffington Post. وقت December 29, 2015 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل December 28, 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  20. Gwynne, S.C. "Paradise With an Asterisk". Outside Magazine. وقت 16 August 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 August 2013. 
  21. Schulte, Bret (July 4, 2012). "For Pacific Islanders, Hopes and Troubles in Arkansas". The New York Times. https://www.nytimes.com/2012/07/05/us/for-marshall-islanders-hopes-and-troubles-in-arkansas.html. 
  22. David Vine (2006). "The Impoverishment of Displacement: Models for Documenting Human Rights Abuses and the People of Diego Garcia". Human Rights Brief 13 (2): 21–24. http://www.wcl.american.edu/hrbrief/13/2vine.pdf. 
  23. David Vine (January 7, 2004) Exile in the Indian Ocean: Documenting the Injuries of Involuntary Displacement. Ralph Bunche Institute for International Studies. Web.gc.cuny.edu. Retrieved on September 11, 2013.
  24. David Vine (2006). Empire's Footprint: Expulsion and the United States Military Base on Diego Garcia. p. 268. ISBN 978-0-542-85100-1. https://books.google.com/books?id=rIXdsrzWof4C&pg=PA268. 
  25. David Vine (2011). Island of Shame: The Secret History of the U.S. Military Base on Diego Garcia (New in Paper). Princeton University Press. p. 67. ISBN 978-0-691-14983-7. https://books.google.com/books?id=3ankJb0skpwC&pg=PA67. 
  26. "Culture of Marshall Islands - history, people, traditions, women, beliefs, food, family, social, dress". everyculture.com. حاصل ڪيل 2019-01-16. 
  27. "Marshall Islands | Map, Flag, History, & Facts". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-01-16. 
  28. International Religious Freedom Report 2009: Marshall Islands . United States Bureau of Democracy, Human Rights and Labor (September 14, 2007). This article incorporates text from this source, which is in the public domain.
  29. First Mosque opens up in Marshall Islands آرڪائيو ڪيا ويا October 16, 2013, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. by Radio New Zealand International, September 21, 2012
  30. "Constitution of the Marshall Islands". Paclii.org. وقت January 2, 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 25, 2015. 
  31. Giff Johnson (November 25, 2010). "Huge funeral recognizes late Majuro chief". Marianas Variety News & Views. http://mvariety.com/2010112432258/local-news/huge-funeral-recognizes-late-majuro-chief.php. Retrieved November 28, 2010. 
  32. "Marshall Islands Economy 2017, CIA World Factbook". Theodora.com. حاصل ڪيل August 22, 2017. 
  33. "Marshall Islands to issue own sovereign cryptocurrency". Reuters. https://www.reuters.com/article/us-crypto-currencies-marshall-islands/marshall-islands-to-issue-own-sovereign-cryptocurrency-idUSKCN1GC2UD. Retrieved March 5, 2018. 
  34. Galbraith, Kate (June 3, 2015). "Marshall Islands, the Flag for Many Ships, Seeks to Rein In Emissions" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2015/06/04/business/international/marshall-islands-shipping-greenhouse-gas-emissions.html. Retrieved January 3, 2018. 
  35. "Marshall Islands - The Shipping Law Review - Edition 4 - The Law Reviews". thelawreviews.co.uk. وقت January 4, 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 3, 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  36. Hand, Marcus (March 22, 2017). "Marshall Islands becomes the world's second largest ship registry" (en ۾). Seatrade Maritime News. http://www.seatrade-maritime.com/news/europe/marshall-islands-becomes-the-world-s-second-largest-ship-registry.html. Retrieved January 3, 2018. 
  37. Kopel, David (May 1, 2015). "U.S. treaty obligation to defend Marshall Islands ships" (en-US ۾). Washington Post. ISSN 0190-8286. https://www.washingtonpost.com/news/volokh-conspiracy/wp/2015/05/01/u-s-treaty-obligation-to-defend-marshall-islands-ships/. Retrieved January 3, 2018. 
  38. Gloystein, Henning (2016-08-12). "How the Marshall Islands became a top U.S. crude export destination". Reuters. https://www.reuters.com/article/oil-marshall-islands/how-the-marshall-islands-became-a-top-u-s-crude-export-destination-idUSL8N1AT07P. Retrieved January 3, 2018. 
  39. "Republic of the Marshall Islands becomes 181st ILO member State". Ilo.org. وقت July 24, 2008 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  40. name="rmiparliament.org">"Official Homepage of the NITIJELA (PARLIAMENT)". NITIJELA (PARLIAMENT) of the Republic of the Marshall Islands.