آمريڪا کنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دُنيا جو نقشو، امريڪين کنڊ کي چِٽو ڏيکاريل آهي

آمريڪا کنڊ (انگريزي ٻولي: Americas) زمين جي اولهہ حصي تي اُتر، وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا ۽ ان سال ملندڙ ٻيٽن ۽ علائقن تي جُڙيل آهي. آمريڪين دنيا جي ڪُل سطحي پکيڙ جي 8.3 سيڪڙو ۽ زميني پکيڙ جي 28.4 سيڪڙو ڀاڱي تي پکڙيل آهي ۽ دنيا جي ڪُلَ آباديءَ جو 14 سيڪڙو هتي رهائش رکندڙ آهي.

آمريڪا کنڊُ هڪ جديد اصطلاح آهي، جنهن جي ضرورت اانڪري پئي ڇوتہ آمريڪا جي اصطلاح گڏيل آمريڪي رياستون جي لاءِ مخصوص ٿي وئي هُئي. امريڪين کنڊ ۾ 35 ديسَ (مُلڪَ) شامل آهن، جن ۾ گڏيل آمريڪي رياستون پڻ آهن. سموري دنيا ۾ آمريڪا اڪيلي گڏيل آمريڪي رياستون جي لاءِ ۽ آمريڪا کنڊ (انگريزي ۾: Americas) جي اصطلاح استعمال ٿيندي آهي، تنهن هوندي مسئلي سان نبرڻ لاءِ هاڻي گڏيل آمريڪي رياستون (يونائٽيڊ اسٽيٽس يا يوايس) United States، ۽ رُڳو States جي اصطلاح پڻ عام ٿي رهي آهي. اميريگو ويسپوچي (امريڪو وسپوچي) اٽلي جو سامونڊري جهاز هلائيندڙ هيو، جنهن جي نالي پُٺيان نئي دنيا جو نالو آمريڪا پيو.