ٽونگا
ٽونگا جي بادشاھت Puleʻanga Fakatuʻi ʻo Tonga (ٽونگن ٻولي) | |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '"Ko e ʻOtua mo Tonga ko hoku tofiʻa" "خدا ۽ ٽونگا منهنجي وراثت اهن" | |||||
| گادي جو هنڌ | نوڪوآلوفا 21°08′S 175°12′W / 21.133°S 175.200°W | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | نوڪوآلوفا | ||||
| دفتري ٻوليون |
| ||||
| نسلي گروھ (2016[1]) |
| ||||
| مذهب | فري ويسلين چرچ آف ٽونگا [2] | ||||
| مقامي آبادي | ٽونگن | ||||
| حڪومت | وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت | ||||
• بادشاهه | ٽوپؤ VI | ||||
• وزيراعظم | آڪيليسي پاھوا | ||||
• اسپيڪر | لارڊ ٽوئواڪانو | ||||
| مقننه | ليجسليٽو اسيمبلي | ||||
| آزادي | |||||
• برطانيا کان حاصل ڪيائين | 4 جون، 1970ع | ||||
| پکيڙ | |||||
• جملي | 748 km2 (289 sq mi) (175th) | ||||
• پاڻي (%) | 4.0 | ||||
| آبادي | |||||
• 2016 مردم شماري | 100,651[3] | ||||
• گھاٽائي | 139/km2 (360.0/sq mi) (76tha) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2011 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $763 ملين ڊالر [4] | ||||
• في سيڪڙو | $7,344[4] | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2011 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $439 ملين ڊالر [4] | ||||
• في سيڪڙو | $4,220[4] | ||||
| ايڇ ڊي آء (2014) | اعلیٰ · 100th | ||||
| ڪرنسي | پائنگا (TOP) | ||||
| معياري وقت | (متناسق عالمي وقت+13) | ||||
| ڊرائيونگ جو پاسو | کاٻو پاسو | ||||
| ڊائلنگ ڪوڊ | +676 | ||||
| انٽرنيٽ ڊومين | .to | ||||
| |||||
ٽونگا (انگريزي: Tonga؛ Tongan pronunciation: [ˈtoŋa]،[6] سرڪاري نالو ٽونگا جي بادشاھت (Puleʻanga Fakatuʻi ʻo Tonga) ھڪ پولينيشيائي ملڪ يا پئسيفڪ سمنڊ جي اندر واقع ٻيٽن جي ميڙ وارو ملڪ آهي، جن ۾ 169 ننڍا ۽ وڏا ٻيٽ آھن، جيڪا ڏکڻ پيسفڪ وڏي سمنڊ جي 7 لک چورس ڪلوميٽر جي محور ۾ ڦھليل آھن ۽ جنهن جي زميني پکيڙ 750 چورس ڪلوميٽر آهي. جن مان 36 ٻيٽن تي انسان آباد آهن. ان جي آبادي ھڪ لک کان ٿورڙو مٿي آھي جن مان %70 ماڻهو مکيہ وڏي ٻيٽ ٽانگاٽاپو ۾ رھندا آھن. ٽونگا جي چوڌاري ملڪن ۾ اتر اولھه ۾ فجي ۽ فرانس جو واليس ۽ فيوٽونا، اتر اوڀر ۾ ساموآ، اوڀر ۾ نيوئي (Niue)، ڏکڻ اولھه ۾ نيوزيلينڊ جو ٻيٽ ڪيرميڊڪ ۽ اولھه پاسي تمام دور فرانس جو نيو ڪيليڊونيا ۽ وانوآتو واقع آھن. راڄڌاني جو نالو نوڪوآلوفا آهي.
تاريخ
[سنواريو]
ٽونگا کي مغربي ماڻھو دوستاڻا ٻيٽ چوندا ھئا ڇوتہ جڏهن ڪيپٽن جيمز ڪڪ 1773 ۾ پھريون دفعو ھتي آيو ھو تہ ھتي اناسي (انگريزي: inasi)وارو جشن ٿي رھيو ھو جنھن ۾ کيس شرڪت جي دعوت ڏني وئي ۽ سندس استقبال پڻ ڪيو ويو. ليکڪ وليم ميرينر مطابق ڪيپٽن ڪڪ کي سردار قتل ڪرڻ چاھيو پئي پر منصوبي تي عمل نہ ڪيائين[7] 19000 کان 1970 تائين ٽونگا برطانيا جي پروٽيڪٽوريٽ رھيو جنھن جا خارجي معاملا برطانيا دوستاڻي معاھدي تحت سنڀاليندو رهيو تنھن ھوندي بہ ھن ملڪ پنھنجي سالميت ڪڏهن بہ ترڪ نہ ڪئي.[8]2010 ۾ ٽونگا مطلق بادشاھت جي ڀيٽ ۾ آئيني بادشاهت ڏي قدم وڌايو.
نالو
[سنواريو]ڪيترين ئي پولينيشيائي ٻولين ۾ جن۾۾ ٽونگا ٻولي بہ شامل آھي ، ٽونگا لفظ فاڪاٽونگا مان نڪتل سمجھيو وڃي ٿو جنهن جي معني آهي: دور ڏکڻ جي پاسي . اھو نالو پئجي جو سبب انھن ٻيٽن جو وچ پولينيشيا جي پري ڏکڻ پاسي ھجڻ آهي.[9][10]
جاگرافي
[سنواريو]
ٽونگا جي جاگرافيائي بيهڪ 20 00 S, 175 00 W اوشيانا کنڊ ۾ آهي. ملڪ جي پکيڙ 747 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 717 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 30 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 190 نمبر تي آهي. خشڪي واري سرحد ڪانہ اٿس. بحري سرحد ڪل 419 ڪلوميٽر اٿس. بحري علائقي ۾ سندس دعویٰ سرحد کان 12 ناٽيڪل ميل تائين اٿس ۽ مخصوص معاشي زون 200 ناٽيڪل ميل اٿس. ھن ملڪ جا تقريبن سڀ ٻيٽ سنوان ۽ لائيم اسٽون واري مٿاڇري سان آھن. ملڪ جو سڀ کان بلند مقام ڪائو ٻيٽ تي ڪائو ٻرندڙ جبل آھي جنھن جي اوچائي 1046 ميٽر آھي. ھتان جي قدرتي وسيلن ۾ مڇي ۽ پوکي واري زمين آھي[11].

آبھوا
[سنواريو]ھتان جي آبهوا ٽراپيڪل آھي جيڪا ڊسمبر کان مئي تائين گرم ھوندي آھي ۽ جون کان نومبر تائين ٿڌي ھوندي آھي[11].
زرعي زمين
[سنواريو]ھتان جي زرعي زمين 43.1 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي واري زمين 22.2 سيڪڙو جنھن مان 15.3 سيڪڙو تي مستقل پوک ٿيندي آهي. زرعي زمين جو 5.6 سيڪڙو مستقل چراگاھون۽ 12.5 سيڪڙو ٻيلا آھن. ملڪ ۾ 2018 تائين آبپاشي واري زمين ڪانہ ھئي[11].
ٽونگا جا ماڻهو
[سنواريو]
2017 ۾ ٽونگا جي آبادي 106,479 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي ۾ ھن ملڪ جو نمبر 193 ھيو. ملڪ جي آبادي جو 97 سيڪڙو ماڻهو ٽونگن نسل جا آھن. 76.8 سيڪڙو ماڻهو ٽونگن ۽ انگريزي ٻوليون ڳالھائيندڙ آھن جيڪي آتان جون سرڪاري ٻوليون پڻ آھن. ملڪ جي 64.1 سيڪڙو ماڻهن جو مذھب پروٽيسٽنٽ آھي 14.2 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ، 18.6 سيڪڙو مورمون مذھب سان تعلق رکندڙ آھن[11].
سياسي نظام
[سنواريو]
ملڪ م سياسي نظام آئيني بادشاهت وارو آھي. ملڪ ٻيٽن جي پنج ڊويزن ۾ تقسيم ٿيل آهي جن جا نالا آهن:ايوا، ھا ئپائي، اونگو نيئوا، ٽونگا ٽاپو ۽ واوائو. ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو فيل اليئا جنھن جون 30 تائين سيٽون آھن جن مان 18 ميمبر سڌي چونڊ ذريعي ايندا آهن. 9 جي چونڊ وراثت وارا سردار ڪندا آهن ۽ 2 بغير چونڊ جي ميمبر ٿيندا آهن. ھن وقت ميمبر 28 آھن[11].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "The World Factbook: Tonga: Geography". 9 March 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Free Wesleyan Church of Tonga is the officially established church. See Religion section in this article for more details.
- ↑ آرڪائيو ڪيا ويا 2018-02-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Tonga 2016 Census Results (11 November 2016).
- 1 2 3 4 "Tonga". International Monetary Fund. 22 April 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Human Development Report 2015" (PDF). United Nations. 2015. 15 December 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Churchward, C.M. (1985) Tongan grammar, Oxford University Press, ISBN 0-908717-05-9
- ↑ Mariner, William and Martin, John (1817). An account of the natives of the Tonga islands in the south Pacific Ocean: With an original grammar and vocabulary of their language. Compiled and arranged from the extensive communications of Mr. William Mariner, several years' resident in those islands, Volume 2, pp. 64–65. Retrieved 3 November 2010.
- ↑ Tonga: History آرڪائيو ڪيا ويا 2014-02-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. The Commonwealth.
- ↑ "Search | English - Tongan Translator". www.tongantranslator.com. 2018-04-29 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Jolliffe, Lee, ed (2010). Coffee Culture, Destinations and Tourism. Channel View Publications. p. 112. ISBN 9781845411923. https://books.google.com/books?id=LnpwfgQvAMsC.
- 1 2 3 4 5 آرڪائيو ڪيا ويا 2013-10-07 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي آء اي فيڪٽس بڪ