سولومن آئلينڊز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سولومن آئلينڊز

Flag of سليماني ٻيٽ
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"وٺي ھلڻ خدمت ڪرڻ آھي"
ترانو: "خدا اسانجي سليماني ٻيٽن کي پنھنجي امان ۾ رکي"[1][2]

شاھي ترانو"خدا راڻي کي امان ۾ رکي "
Location of سليماني ٻيٽ
جو مقامسليماني ٻيٽ
گادي جو هنڌ Honiara
9°28′S 159°49′E / 9.467°S 159.817°E / -9.467; 159.817
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو هنڌ
دفتري ٻوليون انگريزي
نسلي گروھ (1999)
مقامي آبادي سولومن آئلينڊ
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت
ايلزبيٿ ٻين
ڊيوڊ ووناگي
مناسيح سوگاويئر
مقننه نيشنل پارليامينٽ
آزادي
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان
7 جولاءِ 1978
پکيڙ
• جملي
28٬400 km2 (11٬000 sq mi) (139th)
• پاڻي (%)
3.2%
آبادي
• 2016 اندازو
599,419[3] (162nd)
•  گھاٽائي
18.1 /km2 (46.9 /sq mi) (200th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.479 billion[4]
• في سيڪڙو
$2,307[4]
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.511 ارب يو ايس ڊالر

سولومن آئلينڊز (انگريزي: Soloman Islands ) (سليمان ٻيٽ, جزيرا سليمان) ڇھن وڏن ۽ نو سؤ ننڍن ٻيٽن تي مشتمل اوشنيا(بحرستان) کنڊ ۾ ھڪ خودمختيار مُلڪ آهي جيڪو پاپوا نيو گني جي اوڀر ۾ ۽ وينوآتو جي اتر اولھ ۾ واقع آهي. ھن ملڪ جي پکيڙ 28400 چورس ڪلوميٽر آهي.ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ھونيئارا آهي جيڪو گئاڊلڪنال ٻيٽ تي واقع آھي. ملڪ جو نالو سولومن ٻيٽ جي نالي تي رکيل آهي. ھن ملڪ 1978 ۾ برطانيا کان آزادي ورتي ان کان اڳ ھي ٻيٽن وارو علائقو برطانوي والاريل سولومن آئلينڊز سڏبو هو. ملڪ جو آئين 1970 ۾ ٺاھيو ويو. ملڪ ۾ آئيني بادشاهت وارو پارلياماني نظام آهي . برطانوي ملڪہ ايلزبيٿ ٻين ھن ملڪ جي شاھي سربراھ آھي جنھن جو نمائندو گورنر جنرل آھي . ملڪ جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آهي جنھن جا ڪل 50 ميمبر آھن جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ملڪ م سڀني 21 سالن ء ان کان وڏي عمر وارا ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگھندا آھن.

پارليامينٽ جي عمارت ھن ملڪ کي آمريڪا تحفي ۾ ٺاھي ڏني ھئي

نالو[سنواريو]

اسپيني جھازران الويرو ڊي مينڊانا پھريون يورپي ھيو جيڪو 1568 ۾ سولومن ٻيٽن واري جھرمٽ گھميو ۽ ان جھرمٽ کي حضرت سليمان جي بائيبل واري سولومن نالي تي ھن سولومن ٻيٽن جو نالو ڏنو[5] اھو بہ چيو ويندو آهي ته انھن ٻيٽن کي اھو نالو ان غلطفھمي ۾ ڏنو ويو تہ اتي تمام وڏا امير رھندڙ ھيا[6] ھن جو خيال ھو تہ ٻيٽن وارو شھر بائيبل ۾ ڄاڻايل اوڦر شھر آھي[7] ڪالوني واري دور جي وڏي حصي ۾ 1975ع تائين ھن ٻيٽن جو نالو "برٽش سولومن آئلينڊز پروٽيڪٽوريٽ" رھيو پوء ان کي تبديل ڪري سولومن آئلينڊز رکيو ويو[8][9] محاورتن ھن ٻيٽن کي دي سولومنس پڻ سڏيو ويندو آهي[10].

تاريخ[سنواريو]

ڪالوني جي شروعات کان آڳ[سنواريو]

بوڪا آئلينڊ جي ڪِلُو غار وارن قديم آثارن مان پتو پوي ٿو ته سولومن ٻيٽن تي سڀ کان اول 30،000 ق م کان 28،000 ق م دوران بسمارڪ آئلينڊز ۽ نيو گني جا ماڻھو آباد ٿيا ھئا[11][12]

الوارو ڊي مينڊانا ڊي نيئرا (1542–1595) پھريون يورپي ھيو جنھن سولومن ٻيٽ ڏٺا

اسپين جي جھازران الوارو ڊي مينڊانا ڊي نيئرا 1568ع ۾ پھريون ڀيرو پيرو واري وائسرائلٽي کان روانو ٿي اتي پھتو[13] 7 فيبروري تي سانتا اسابيل تي قدم رکيو جنھن بعد ھن کوڙ ٻين ٻيٽن جي پڻ جاچ ورتي جن ۾ ماڪرا، گئاڊلڪينال ۽ ملائيٽا شامل ھيا[13][14][15] مقامي ماڻھن جو شروع م ھن سان تعلق محبت وارو رھيو پر وقت گذرڻ سان تعلق بگڙن شروع ٿيو.[13] آگسٽ 1568 م ھي پيرو واپس موٽي ويو ۽ 1595ع ۾ ھي اتي آبادڪاري جي خيال سان وڏي عملي سان گڏ موٽي آيو[13]. انھن سانتا ڪروز ٻيٽن جي نينڊو ٻيٽ تي پڙاء ڪيو جتي انھن گراسيئوسو اپسمنڊ لڳ وسندي قائم ڪئي پر اھا مقامي ماڻھن سان تعلق نہ جڙي سگھڻ ۽ وبا ڦھلجڻ سان جاني نقصان ٿيڻ ڪري ناڪام وئي. خود مينڊانا وبا جو شڪار ٿي آڪٽوبر جي مهيني ۾ فوت ٿي ويو[13][15] نئين ڪمانڊر پيڊرو فرنينڊس ڊي ڪئيروس وسندي ترڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ فلپائن جي اسپيني علائقي طرف جھازراني ڪئي ۽ 1606ع ۾ واپس موٽي آيو[15][16] 1767ع ۾ برطانوي جھازران فلپ ڪارٽريٽ سانتا ڪروز آئلينڊز، ملائيٽا ۽ بسمارڪ آئلينڊز تائين سفر ڪيو. 1768ع ۽ 1769ع ۾ فرينچ جھازران پڻ اتي پھتا[17][18][19] ان بعد يورپي واپارين جا جھاز کاڌي ۽ پاڻي لاء ۽ پوء کوپري، سامونڊي کيري، ڪمي جي کوپن ۽ صندل جي ڪاٺي جي واپار لاءِ ايندا رھيا.

سولومن ٻيٽ واسي ويڙھاڪ نيزن سان مسلح 1895 ۾ ھڪ سينگاريل جنگي ٻيڙي تي سوار

1840 واري ڏهاڪي ۾ آسٽريليا، فجي ۽ ساموآ جي ڪالونين لاء مزدورن طور ھتان جي ماڻھن کي ڀرتي (يا اڪثر اغوا) ڪيو ويو ۽ 1860 واري ڏھاڪي ۾ ان عمل ۾ تيزي آئي جنھن کي بليڪبرڊنگ جو نالو ڏنو ويو[15][20]. ان مزدوري جا شرط مڃڻ جي قابل نہ ھيا نتيجي م مقامي ماڻھن يورپين تي شدت سان حملا ڪرڻ شروع ڪيا[21]. فرانس جا تبليغي عيسائي 1840 ۾ ھتي اچڻ شروع ٿيا جن سانتا اسابيل ۾ جين بپٽست ايپيل جي سربراهي ۾ مشن قائم ڪيو پر 1845ع ۾ مقامي ماڻھن کيس قتل ڪيو [17][20] 1850 واري ڏھاڪي ۾ اينگليڪن مشينري اچڻ شروع ڪيو جن ذريعي وڏي پيماني تي ماڻهو عيسائي مذھب ۾ داخل ٿيندا ويا[22]

ڪالوني جي شروعات کان آزادي تائين[سنواريو]

1886 ۾ جرمني ھتان جي اترئين ٻيٽن تي قبضو ڪيو[23] ڏکڻ واري ٻيٽن تي برطانوي اثررسوخ برقرار رھيو[24] مارچ 1893 ۾ برطانيا ڏکڻ سولومن ٻيٽن کي پنھنجي پروٽيڪٽوريٽ قرار ڏنو ۽ شروع ۾ ان بيٺڪ ۾ نيو جارجيا، ملائيٽا، ماڪرا، مونو ٻيٽ ۽ سينٽرل نگيلا وارا ٻيٽ شامل ھيا[25][26] اپريل 1896ع ۾ به چارلس مورس ووڊفورڊ کي برٽش قائم مقام ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو جنھن تلاگي نالي ننڍڙي ٻيٽ تي پنھنجو صدرمقام قائم ڪيو. آھستي آھستي 1899 تائين رينيل۽ بيلونا ٻيٽ، سڪائيئانا ۽ سانتا ڪروز ٻيٽ پروٽيڪٽوريٽ جو حصو بڻيا[26][27] 1900ع ۾ ٽرائپارٽائٽ ڪنوينشن جي شرطن تحت جرمني ٻن ٻيٽن بوڪا ۽ بوگنويل ٻيٽن کي ڇڏي اتر سولومن جا باقي سمورا ٻيٽ برطانيا جي حوالي ڪري ڇڏيا. بوڪا ء بوگنويل کي جرمن نيو گني ۾ شامل ڪيو ويو. 1900 تائين مقامي ماڻھو کوڙ يورپين کي ماري چڪا ھئا ۽ بدلي م برطانوي ووڊفورڊ واري مالي مشڪلاتن جو شڪار انتظاميا باغي ڳوٺاڻن جي مٿان بمباري ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪندي آئي. 1902 تائين اتي ڪل 80 يورپي آبادڪار رھندڙ ھيا[28] ليور برادرز ڪمپني جي مدد سان اتي کوپري جي پوک واري صنعت قائم ڪئي وئي جنھن سان مقامي ماڻھن کي روزگار مليو. ننڍي پيماني تي کاڻن ۽ ڪاٺ واري صنعتن ۾ پڻ واڌارو آيو[29][30] ان معاشي ترقيءَ ھوندي بہ سماجي ڀلائيءَ وارا تعليم، صحت ۽ ٻين سماجي خدمتن واري ڪمن جي ذميداري تبليغين تائين محدود رھي[20] مقامي ماڻھن جو قتل عام بپڻ جاري رھيو[31] 1942 کان 1943 تائين ھن سولومن آئلينڊز جي حدن ۾ جپاني ايمپائر جي فوج ۽ اتحادي فوجن وچ ۾ کوڙ سامونڊي، بري ۽ فضائي چڪريون واقع ٿيون[32] مئي 1942ر ۾ جاپاني ايمپائر آپريشن مو شروع ڪري تلاگي ۽ اولھ سولومن ٻيٽن جي وڏي تعداد تي قبضو ڪيو[33] برطانوي انتظاميه ملائيٽا جي گادي واري شهر اوڪي منتقل ٿي وئي ۽ يورپي آبادي اتان کان آسٽريليا منتقل ڪئي وئي. اتحاين ڪنٽرول واپس وٺڻ لاءِ جنگ مسلسل جاري رکي جنھن م ھزارين جانيون ضايع ٿيون. 3200 مقامي ماڻھو سولومن آئلينڊز ليبر ڪور ۾ شامل ٿيا ۽ 6000 جي لڳ ڀڳ مقامي ماڻھن برٽش سولومن آئلينڊز پروٽيڪٽوريٽ ڊفينس فورس ۾ پنھنجو نالو درج ڪرايو[34].ٻي جنگ عظيم جا ڪجهه شديد معرڪا سولومن آئلينڊز واري پاسي پيش آيا ھئا جن ۾ اتحادي فوجن ۽ جپاني ايمپائر جي فوج وچ ۾ ڇتي ويڙھ ٿي ھئي[35]

1942ع ۾ گئاڊلڪينال واري مھم دوران ھڪ آمريڪي فوجي آرام وٺندي

.

1943-44 ۾ ملائيٽا جي ھڪ سردار اليڪي نونو اوھيمئي مسينا رول موومينٽ (ڀائيچاري واري تحريڪ) قائم ڪئي جنھن ۾ بعد ۾ ھڪ ٻيو سردار ھئاسيھئو پڻ شامل ٿيو[36] ان تحريڪ جو مقصد مقامي ماڻھن جو معاشي سڌارو آڻڻ ۽ خودمختياري حاصل ڪرڻ ھو. ان تحريڪ مقامي ماڻھن ۽ ڪالوني واري انتظاميه وچ ۾ رابطي جو ڪم ڪيو[20][37] ان تحريڪ ۾ فوج جي ليبر ڪور مان فارغ ٿيل مقامي فوجين جي شامل ٿيڻ جي ڪري مقبول ٿي پوري سولومن پآئلينڊز ۾ ڦھلجي وئي جنھن مان خطرو محسوس ڪندي 1947-48 ۾ برطانيا اتي آپريشن ڊي لائوز شروع ڪري ان تحريڪ جي کوڙ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو[37][36] ملائيٽا وارن شھري نافرماني شروع ڪئي جنھن سان وڏي پيماني تي گرفتاريون ٿيون. 1950 ۾ گريگوري سمٿ نالي نئون ريزيڊنٽ ڪمشنر مقرر ٿيو جنھن سول نافرماني جاري ھوندي سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيو[36] 1952 ۾ نئين ھاء ڪمشنر ۽ بعد ۾ ٿيندڙ گورنر رابرٽ اسٽينلي تحريڪ جي اڳواڻن سان مذاڪرات ڪيا اھڙي طرح انھن ۾ آئلينڊ ڪائونسل جي قيام تي اتفاق ٿيو[36][38]. 1952ع ۾ اسٽينلي آئلئنڊز جي گادي جي ھنڌ کي ھانيئارا ۾ منتقل ڪيو[39]. 1960ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل قائم ڪئي وئي جنھن ۾ 1964 ۾ مقامي ماڻھن کي ٿورڙي چونڊ ذريعي نمائندگي ڏني وئي جنھن ۾ 1967ع ۾ اضافو آندو ويو[20][40][41] 1970ع ۾ نئون آئين تيار ڪيو ويو جنھن ۾ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل ۽ ليجسليٽو ڪائونسل کي پاڻ ۾ ضم ڪري سولومن آئلينڊز جي گورننگ ڪائونسل جوڙي وئي پر پوء بہ برطانوي گورنر وٽ تمام گھڻا اختيار ھئا[20][42] ان تي ناراضپي نئين آئين جي ضرورت پيدا ڪئي اھڙي طرح 1974ع وري نئون آئين آندو ويو جنھن م گورنر جي اختيارن کي محدود ڪري وزيراعلي جو عھدو قائم ڪيو ويو. پھريون وزير اعلي سولومن ميملوني مقرر ٿيو[20][43]. پاڙيسري ملڪ پاپوا نيوگني جي آسٽريليا کان آزادي بعد 1976ع ۾ سولومن آئلينڊز کي باقاعده پنھنجي حڪمراني وارو حق مليو[20] ان دوران اولھندي پاسي وارن ۾ بيچيني جنم ورتو، کين خدشو ھيو تہ مستقبل جي ھانيئارا يا ملائيٽا جي رياست ۾ کين محدود رکيو ويندو. اھڙي طرح اولھ جي علحدگي واري تحريڪ جو ظھور ٿيو[43] 1977ع ۾ لنڊن ۾ ڪانفرنس ۾ سولومن آئلينڊز کي ايندڙ سال ۾ مڪمل خودمختياري ڏيڻ لاء اتفاق ٿيو. سولومن آئلينڊز ايڪٽ 1978 تحت برطانيا ھن ملڪ کي ڊومينين ۾ شامل ڪري 7 جولاء 1978ر ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ان جو پھريون وزيراعظم سولومن آئلينڊز يونائيٽيڊ پارٽي جو سر پيٽر ڪينيلوريا ٿيو ۽ پھريون رياستي سربراھ راڻي ايلزبيٿ ٻين ٿي جنھن جو نمائندو سولومن آئلينڊز جو گورنر جنرل ھيو.

7 جولاء 1978ع تي سولومن آئلينڊز جي آزادي جي تقريب

آزادي بعد ھاڻي تائين[سنواريو]

پيٽر ڪينيلوريا 1980 ۾ عام چونڊون کٽي 1981 تائين وزيراعظم رھيو جنھن کان پوءِ عدم اعتماد جي تحريڪ سان ان جي جاء تي پيپلز الائنس پارٽي جو سولومن ميملوني وزيراعظم ٿيو[44] ھن مرڪزي بينڪ ۽ قومي ايئرلائين قائم ڪيون[45] 1984ع م ڪينيلوريا وري چونڊون کٽي ويو پر ٻہ سالن تائين وزيراعظم جي عهدي تي رهيو پر پوء کيس فرانس جي ڏنل مالي مدد ۾ ناجائز استعمال جي الزام لڳڻ ڪري ھٽڻو پيو ۽ ازيڪيل آلبوئا سندس جاء تي وزيراعظم ٿيو[46][47] 1986ع ۾ ھن ملڪ علائقائي واپار ۽ سھڪار کي وڌائڻ لاءِ ميلنيشيائي اسپيئرھيڊ گروپ جي قيام م مدد ڪئي[48]. 1989ع ۾ ميملوني ۽ ان جي پيپلز الائنس پارٽي چونڊون کٽي آئي ۽ ھي سولومن آئلينڊز جي سياست تي 1990 واري ڏھاڪي جي اڌ تائين حاوي ٿي ويو. ھن ملڪ کي ريپبلڪ بڻائڻ جون ڪوششون ورتيون پر ڪامياب ٿي نہ سگھيو. کيس بوگنويل واري تڪرار کي پڻ منھن ڏيڻو پيو جيڪو 1988 ۾ شروع ٿيو ۽ ان جي ڪري کوڙ ماڻھن اتان ڀڄي سولومن آئلينڊز ۾ پناھ وٺڻ لاءِ پھتا[49]. ان سان پاپوا نيوگني سان ھن ملڪ جو تناء وڌي ويو. اڪثر ان جون فوجون باغين جو پيڇو ڪندي سولومن آئلينڊز جي حدن ۾ داخل ٿينديون هيون[49] 1998ع ۾ ان تڪرار جو خاتمو ٿيو. ملڪ ان سموري عرصي م مالي مسئلن جو شڪار رھيو[45] 1993 م پيپلز الائنس پارٽي ڌڙابندي جو شڪار ٿي وئي ۽ ان سال جي عام چونڊن ۾ ان کي شڪست آئي ۽ فرانسس بلي ھلي وزيراعظم ٿيو پر گورنر جنرل ان جي ساٿين سندس پارٽي ڇڏڻ ڪري اڪثريت وڃائجڻ سبب کيس ھٽائي ڇڏيو ۽ 1994 ۾ اقتدار وري ميملوني کي مليو جيڪو 1997 تائين حڪومت ۾ رھيو[45]. ان سال چونڊن ۾ ميملوني وري شڪست کاڌي[45][50]. سولومن آئلينڊز لبرل پارٽي جو بارٿولوميو الوفائلو وزيراعظم ٿيو. 1998 کان 2003 تائين ملڪ نسلي فسادن جي ور چڙهي ويو جن کي ٽينشن جو نالو ڏنو ويو. گئاڊلڪينال وارن ۽ ملائيٽا وارن جي وچ ۾ نسلي ڇڪتاڻ انھن فسادن کي جنم ڏنو. 5 جون 2000 م پرائيم منسٽر الوفائلو کي اغوا ڪيو ويو ۽ ان کي استعيفا جي عيوض آزاد ڪيو ويو. ان بعد مناسيح سوگاويئر وزيراعظم ٿيو.2001 جي شروعات م ملڪ جي معيشت ويھجي وئي ۽ حڪومت جو ڏيوالو نڪري ويو. ڊسمبر 2001 ۾ چونڊون ٿيون ۽ ايلن ڪيماڪيزا ملڪ جو وزيراعظم ٿيو. ملڪ ۾ ھٿياربند نسلي گروھن ملڪ کي يرغمال ڪري رکيو ۽ ملڪ پوء ڦرلٽ جي ور چڙهي ويو. حڪومت جي رٽ ختم ٿي چڪي ھئي. آخرڪار جولاء 2003 ۾ آسٽريليائي ۽ پيسفڪ آئلينڊز پوليس ۽ فوج جا 2200 جوان آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي اڳواڻي ۾ ۽ 15 ٻين پيسفڪ ملڪن جي نمائندگي ۾ ريجنل اسسٽنس مشن ٽو سولومن آئلينڊز جي سھڪار تحت سولومن آئلينڊز م پھتا جن اتي آپريشن ھيلپيم فرين شروع ڪيو[51] ان آپريشن ۾ 200 جي لڳ ڀڳ ماڻھو مارجي ويا. ڪيماڪيزا اپريل 2006 تائين وزيراعظم رھيو. چونڊن م ان سال ھي شڪست کائي ويو ۽ سنيدر ريني ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿيو پر جلد ئي کيس استعيفا ڏيڻي پئي ۽ مناسيح سوگاويئر ملڪ جو وزيراعظم ٿيو[52][53]. 2007 ۾ کيس تحريڪ عدم اعتماد ذريعي ھٽايو ويو ۽ پوءِ سولومن آئلينڊز لبرل پارٽي جو ڊيريڪ سيڪوئا وزيراعظم ٿيو[54]. 2010 ۾ چونڊن ۾ کيس شڪست ملي ۽ پوء ,ڊيني فلپ ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿيو پر رشوت جي الزامن ھيٺ تحريڪ عدم اعتماد آڻي کيس فارغ ڪيو ويو ۽ گورڊن ڊارڪي ليلو ملڪ جو نئون وزيراعظم ٿيو[55][56]. 2014 جي چونڊ ۾ سوگاويئر ٻيھر اقتدار ۾آيو ۽ ان جي دؤر م 2017 ۾ ٻاھرين فوج جي واپسي شروع ٿي. کيس تحريڪ عدم اعتماد ذريعي اقتدار کان ٻاھر ڪيو ويو ۽ رڪ ھوئينيپويلا سندس جاء ورتي پر 2019 جي چونڊ وري سوگاويئر کٽي ورتي ۽ پوء ھانيئارا ۾ فساد شروع ٿي ويا[57][58] 2019 م سوگاويئر تائيوان جي بجاء چين کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو[59][60]

سياسي نظام[سنواريو]

سولومن آئلينڊز نيشنل پارليامينٽ بلڊنگ ھن ملڪ کي يونائيٽيڊ اسٽيٽس طرفان مليل ھڪ تحفو ھيو
وزارت داخلا


سولومن آئلينڊز ھڪ آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني نظام رکندڙ ملڪ آهي. ان جي رياست جي سربراھ برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٻين آھي جنھن جي نمائندگي گورنر جنرل ڪندو آهي جنھن جي چونڊ پارليامينٽ پنجن سالن لاء ڪندي آهي. ھتان جي پارليامينٽ ھڪ ايواني ۽ 50 رڪنن تي مشتمل آهي جيڪي چئن سالن لاءِ چونڊجي ايندا آهن. ھتي ووٽ جو حق 21 سالن جي عمر م ملندو آهي[61] ملڪ جي حڪومت جو سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي جنھن کي پارليامينٽ چونڊيندي آھي. وزيراعظم ملڪ جي ڪابينه جوڙيندو آھي ھر وزارت جو سربراھ ڪابينه جو رڪن ھوندو آھي جنھن جي مدد پرمننٽ سيڪريٽري ڪندو آهي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو انتظامي عملدار ھوندو آھي. ملڪ م فوج ڪانه آهي پر رايل سولومن آئلينڊز پوليس فورس ھتي 500 ڄڻن تي مشتمل آهي جيڪا فورس ھتي باھ وسائڻ، قدرتي آفتن ۾ مدد پھچائڻ ۽ سمنڊ جي چوڪسي جو ڪم ڪري ٿي. ان جو سربراھ ڪمشنر ھوندو آھي جنھن کي گورنر جنرل مقرر ڪندو آهي ۽ اھو وزيراعظم آڏو جوابده ھوندو آھي.

عدليه[سنواريو]

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي مقرري گورنر جنرل وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي صلاح سان ڪندو آھي ۽ ٻين ججن جي مقرري جوڊيشل ڪميشن جي صلاح سان ڪندو آهي. سولومن آئلينڊز م ھڪ ھاء ڪورٽ پڻ آهي.

پرڏيهي ناتا[سنواريو]

وزيراعظم مناسيح سوگاويئر جولاءِ 2016 م تائيوان جي صدر زائي ئنگ وين سان ملندي

سولومن آئلينڊز گڏيل قومن، انٽرپول، ڪامن ويلٿ، پيسيفڪ آئلينڊز فورم، پيسيفڪ ڪميونٽي، انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ، لومي ڪنوينشن ۽ آفريڪن ڪيريبيئن اينڊ پيسيفڪ ڪنٽريز جو رڪن ملڪ آھي. سيپٽمبر 2019 تائين اھو دنيا جي ڪجهه اھڙن ملڪن م شامل ھيو جيڪي تائيوان جي ريپبلڪ آف چين کي تسليم ڪندڙ ھيا[62].

انتظامي ورھاست[سنواريو]

سولومن آئلينڊز جو فضائي منظر

ملڪ ۾ ڏھ صوبا آھن ۽ سواء ھڪ جي ھر صوبي جي پنھنجي اسيمبلي آهي. باقي ھڪ ۾ اسيمبلي ڪانھي جيڪو ملڪ جو گادي وارو شھر ھونيئارا آھي جنھن م وري شھري ڪائونسل ھوندي آھي.

نمبر صوبو گادي پرميئر پکيڙ چورس ڪلوميٽر 1999 آبادي آبادي في ڪلوميٽر 2009 آبادي
1 سينٽرل صوبو تلاگي پئٽرڪ واسوني 615 21,577 42.4 26,051
2 چوئائسيئول صوبو ٽارو ٻيٽ جيڪسن ڪلوئي 3,837 20,008 6.9 26,371
3 گئاڊلڪنال صوبو[1] ھونيئارا اينٿوني ويڪ 5,336 60,275 17.5 93,613
4 اسابيل صوبو بئالا جيمز ھابو 4,136 20,421 6.3 26,158
5 مڪيرا-الاوا صوبو ڪيراڪيرا اسٽينلي سياپو 3,188 31,006 12.7 40,419
6 ملائيٽا صوبو اوڪي پيٽر ريموھيا 4,225 122,620 32.6 137,596
7 رينيل ۽ بيلونا صوبو ٽيگوئا جارج ٽھائڪا 671 2,377 4.5 3,041
8 ٽيموٽو صوبو لاٽا، سولومن آئلينڊز چارلس برائون 895 18,912 23.9 21,362
9 ويسٽرن صوبو گزو ڊيوڊ گينا 5,475 62,739 14.0 76,649
ھونيئارا واري ڪيپيٽل ٽيريٽري ھونيئارا موئا (ميئر) 22 49,107 2,936.8 64,609
  سولومن آئلينڊز ھونيئارا 28,400 409,042 14.7 515,870

[1] ھونيئارا واري گاديءَ واري خطي کانسواءِ

حوالا[سنواريو]

  1. "Solomon Islands National Anthem Lyrics". Lyrics On Demand. حاصل ڪيل 2019-01-03. 
  2. "National Parliament of Solomon Islands Daily Hansard: First Meeting – Eighth Session Tuesday 9th May 2006" (PDF). www.parliament.gov.sb. صفحو. 12. حاصل ڪيل 2019-01-03. 
  3. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  4. 4.0 4.1 "Solomon Islands". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 12 April 2019. 
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Princeton University Library
  6. "Lord GORONWY-ROBERTS, speaking in the House of Lords, HL Deb 27 April 1978 vol 390 cc2003-19". حاصل ڪيل 19 November 2014. 
  7. HOGBIN, H. In, Experiments in Civilization: The Effects of European Culture on a Native Community of the Solomon Islands, New York: Schocken Books, 1970
  8. ‘International Encyclopedia of Comparative Law: Instalment 37’ edited by K. Zweigert, S-65
  9. The British Solomon Islands Protectorate (Name of Territory) Order 1975
  10. John Prados, Islands of Destiny, Dutton Caliber, 2012, p,20 and passim
  11. Walter, Richard; Sheppard, Peter. "A review of Solomon Island archaeology". Research Gate. حاصل ڪيل 31 August 2020. 
  12. Sheppard, Peter J. "Lapita Colonization Across the Near/Remote Boundary" Current Anthropology, Vol 53, No. 6 (Dec 2011), p. 800
  13. 13.0 13.1 13.2 13.3 13.4 "Alvaro de Mendaña de Neira, 1542?–1595". Princeton University Library. حاصل ڪيل February 8, 2013. 
  14. Sharp, Andrew The discovery of the Pacific Islands Clarendon Press, Oxford, 1960, p.45.
  15. 15.0 15.1 15.2 15.3 Lawrence, David Russell (2014). "3. Commerce, trade and labour". The Naturalist and His 'beautiful Islands': Charles Morris Woodford in the Western Pacific. ANU Press. pp. 35–62. ISBN 9781925022032. 
  16. Kelly, Celsus, O.F.M. La Austrialia del Espiritu Santo. The Journal of Fray Martín de Munilla O.F.M. and other documents relating to the Voyage of Pedro Fernández de Quirós to the South Sea (1605-1606) and the Franciscan Missionary Plan (1617-1627) Cambridge, 1966, p.39, 62.
  17. 17.0 17.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Exploration
  18. "The fate of La Perouse". Discover Collections. State Library of NSW. وقت 17 May 2013 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 February 2013.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  19. Duyker, Edward. "In search of Lapérouse". NLA news Volume XII Number 12. National Library of Australia. 
  20. 20.0 20.1 20.2 20.3 20.4 20.5 20.6 20.7 "Issue on the Solomon Islands" (PDF). UN Department of Political Affairs. حاصل ڪيل 3 September 2020. 
  21. Corris, Peter. "Melvin, Joseph Dalgarno (1852–1909)". Australian Dictionary of Biography. Australian National University. حاصل ڪيل 2018-01-11. 
  22. "Religion". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 1 September 2020. 
  23. "German New Guinea". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 2 September 2020. 
  24. Sack, Peter (2005). "German Colonial Rule in the Northern Solomons". Bougainville Before the Conflict. Stranger Journalism. pp. 77–107. ISBN 9781921934230. https://www.jstor.org/stable/j.ctt1bgzbgg.14. 
  25. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named BRL6
  26. 26.0 26.1 "British Solomon Islands Protectorate, Proclamation of". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 2 September 2020. 
  27. Lawrence, David Russell (October 2014). "Chapter 7 Expansion of the Protectorate 1898–1900". The Naturalist and his "Beautiful Islands": Charles Morris Woodford in the Western Pacific. ANU Press. pp. 198–206. ISBN 9781925022032. http://press-files.anu.edu.au/downloads/press/p298111/pdf/ch073.pdf. 
  28. Lawrence, David Russell (October 2014). "Chapter 9 The plantation economy". The Naturalist and his "Beautiful Islands": Charles Morris Woodford in the Western Pacific. ANU Press. pp. 245–249. ISBN 9781925022032. http://press-files.anu.edu.au/downloads/press/p298111/pdf/ch092.pdf. 
  29. "Forestry". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 2 September 2020. 
  30. "Mining". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 2 September 2020. 
  31. "Bell, William Robert (1876 - 1927)". Solomon Islands Historical Encyclopaedia 1893-1978. حاصل ڪيل 24 March 2014. 
  32. "The Solomon Islands Campaign: Guadalcanal". National World War II Museum. حاصل ڪيل 3 September 2020. 
  33. "Solomon Islanders in World War II". Australian National University. 
  34. "Pacific Memories: Island Encounters of World War II". حاصل ڪيل 2007-06-12. 
  35. "The Tulagi Battle". Mylescfoxdd829.net. حاصل ڪيل 7 July 2011. 
  36. 36.0 36.1 36.2 36.3 "Maasina Rule". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 3 September 2020. 
  37. 37.0 37.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named ANU-C4
  38. The Commonwealth, Solomon Islands : History,https://thecommonwealth.org/our-member-countries/solomon-islands/history آرڪائيو ڪيا ويا 2020-01-23 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  39. "Stanley, Robert Christopher Stafford". Solomon Islands Historical Encyclopaedia 1893-1978. © Solomon Islands Historical Encyclopaedia, 1893-1978, 2013. حاصل ڪيل 31 August 2015. 
  40. "Self rule starting in Solomon Islands". Virgin Islands Daily News. حاصل ڪيل 31 August 2015. 
  41. Busy end-of-year for Islands legislature Pacific Islands Monthly, January 1967, p7
  42. Islanders feel their way in the new Solomons council Pacific Islands Monthly, September 1970, p19
  43. 43.0 43.1 "Independence". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 3 September 2020. 
  44. "Kenilorea, Peter Kau'ona Keninaraiso'ona (1943 - )". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 4 September 2020. 
  45. 45.0 45.1 45.2 45.3 "Mamaloni, Solomon Suna'one (1943 - )". Solomon Encyclopedia. حاصل ڪيل 4 September 2020. 
  46. Eight ministers out in Solomons poll Pacific Islands Monthly, December 1984, p7
  47. Kenilorea is Solomons P.M. Pacific Islands Monthly, January 1985, p7
  48. "Melanesian Spearhead Group Secretariat". حاصل ڪيل 19 July 2015. 
  49. 49.0 49.1 May, RJ. "The Situation on Bougainville: Implications for Papua New Guinea, Australia and the Region". Parliament of Australia. حاصل ڪيل 4 September 2020. 
  50. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named TTK
  51. "Solomons warlord surrenders". BBC News. 2003-08-13. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/asia-pacific/3146413.stm. 
  52. "Rini resigns as Solomons PM". The New Zealand Herald. Reuters, Newstalk ZB. 26 April 2006. http://www.nzherald.co.nz/world/news/article.cfm?c_id=2&objectid=10379008. 
  53. "Embattled Solomons PM steps down". BBC News. 26 April 2006. http://news.bbc.co.uk/2/hi/asia-pacific/4945090.stm. 
  54. Tom Allard, "Solomon Islands Prime Minister ousted", The Sydney Morning Herald, 14 December 2007.
  55. "Solomons Islands get new PM weeks after election", BBC, August 25, 2010
  56. Osifelo, Eddie (24 November 2011). "Former PM now a backbencher". Solomon Star. http://www.solomonstarnews.com/news/national/12901-former-pm-now-a-backbencher. 
  57. "Ex-PM wins Solomons run-off sparking riots". Japan Times. حاصل ڪيل 2019-07-25. 
  58. "Pacific News Minute:Protests, Riots Follow Election Of New Prime Minister In Solomon Islands". Hawai'i Public Radio. حاصل ڪيل 2019-07-25. 
  59. https://www.rnz.co.nz/international/pacific-news/399722/sacked-solomons-minister-says-pm-lied-china-switch-pre-determined
  60. Lyons, Kate. "China extends influence in Pacific as Solomon Islands break with Taiwan". The Guardian. https://www.theguardian.com/world/2019/sep/16/china-extends-influence-in-pacific-as-solomon-islands-break-with-taiwan. 
  61. "CIA – The World Factbook – Solomon Islands". حاصل ڪيل 19 November 2014. 
  62. Lyons, Kate. "China extends influence in Pacific as Solomon Islands break with Taiwan". theguardian.com. حاصل ڪيل 17 September 2019.