مواد ڏانھن هلو

مائڪرونيزيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(مائڪرونيشيا کان چوريل)
مائڪرونيزيا جو نقشو
رومانم ٻيٽ، چوڪ، مائڪرونيزيا

مائڪرونيزيا (انگريزي: Micronesia ) اوشينيا کنڊ جو اولھه پئسفڪ سمنڊ جو ھڪ ذيلي علائقو آهي جنھن ۾ ھزارين ننڍا وڏا ٻيٽ واقع آھن. ان جي اوڀر ۾ اوشينيا جو ٻيو ذيلي علائقو پولينيزيا آھي ۽ ڏکڻ ۾ ھڪ اڃان ٻيو ذيلي علائقو ميلئنيزيا واقع آهي. انھن سڀني علائقن ۾ واقع ٻيٽن تي مشتمل ملڪن ۾ ثقافتي ھڪجھڙائي ملي ٿي ء اتي رھندڙ ماڻھو وڏي پيماني تي آسٽرونيشيائي آھن. ھن خطي جي آبھوا ٽراپيڪل سامونڊي آھي. ان ۾ چار ٻيٽن جون جھرمٽون آھن ڪيرولن ٻيٽ، گلبرٽ ٻيٽ، مئريانا ٻيٽ ۽ مارشل ٻيٽ شامل آهن. سياسي طور تي مائڪرونيزيا جا ٻيٽ ڇھ خودمختيار رياستن تي مشتمل آھن. جن ۾ پالائو، فيڊريٽيڊ اسٽيٽس آف مائڪرونيزيا، ڪريباتي، نائورو، مارشل ٻيٽ ۽ آمريڪا هيٺ نادرن مئريانا ٻيٽ ۽ گوام ٻيٽ شامل آهن.

حوالا

[سنواريو]