سول اسپتال سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سول اسپتال، سکر سنڌ۾ واقع هڪ اسپتال آهي جنهن کي انگريز راڄ ۾ 1880ء ۾ فريڪ هل جي فوجي بيرڪن مان هڪ بيرڪ ۾ قائم ڪيو ويو۔ هڪ "ميجر باڪلي" ۽"خان بهادر پٽيگورا" هن اسپتال جو هر دل عزيز سول سرجن رهيو آهي۔

پاڪستان ٺهڻ کان بعد گورنر ملڪ دين محمد نئين سول اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکيو جيڪا اڳوڻي جڳهه تي 20 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿي۔ اسپتال جي سامهون "سبز باغ" هن عمارت جي حسن کي ٻيڻو ڪري ٿو[1]۔

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائی، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،2005ء، ص173