روزاني آفتاب سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روزاني آفتاب، سکر سنڌ جي اڻويهين صدي جي آخر ۾ جاري ڪيل هڪ سنڌي اخبار آهي جنهن کي سکر شهر ۽ سنڌ جي مسلمانن جي سجاڳي ۽ جائز حقن جي جاکوڙ جي لاء جاري ڪيو وي هيو۔ هي اخبار سکر جي مسلمان سيٺ حاجي احمد ميمڻ فريئر روڊ سکر ۾ پريس جو قيام عمل ۾ آڻي 1895ء ۾ جاري ڪيو۔ هن خبار جو ايڊيٽر سنڌ جو مشهور مصنف ۽ شاعر شمس الدين 'بلبل' هيو[1]۔ هن اخبار مسلمانن کي هوم رول تحريڪ واري زماني ۾ غلط روشن اختيار ڪرڻ کان انتباهه ڪيو. هن اخبار جا ”هندو واسي“ ۽ مسلمانن جي ”الامين“ سان قلمي مقابلا به ٿيا. 1923ع ۾ مالي مشڪلاتن سبب هي اخبار بند ٿي وئي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،2005 ء، ص175
  2. آفتاب سنڌ : (Sindhianaسنڌيانا)