حر تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ ۾ پيري مريديءَ جو سلسلو گهڻي وقت کان هلندو اچي. وقت جي حاڪمن اهڙي پير يا بزرگ کي ڪڏهن به معاف نه ٿي ڪيو جنهن جي ذريعي عام ماڻهن وٽ سياسي ۽ سماجي شعور ٿي جاڳايو. انگريزن پنهنجي چالبازين ۽ طاقت ذريعي سنڌ تي 1843ع ۾ فتح حاصل ڪئي. ان وقت سنڌ ۾ عام خيال هو ته انگريز جلد هليا ويندا پر ايئن نه ٿيو. 1857ع ۾ آزاديءَ جي ويڙهه شروع ٿي جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن به حصو ورتو. پر اها آزاديءَ جي جنگ ناڪام ثابت ٿي. سيد صبغت الله شاهه اول جي حرن ۾ پيدا ڪيل آزاديءَ جي جذبي سبب 1895ع ۾ انهن انگريزن خلاف بغاوت ڪري ڏني. اها آزاديءَ جي تحريڪ لڳ ڀڳ ٻارهن سالن تائين هلندي رهي. حرن آزاديءَ جو اعلان ڪري انگريزن سان ويڙهه جاري رکي. بدلي ۾ انگريزن حرن کي گرفتار ڪري جيلن حوالي ڪيو ۽ انهن جون زمينون ضبط ڪيون. اها جدوجهد انگريزن جي جديد هٿيارن، طاقت ۽ جاسوسيءَ سبب گهڻو وقت جاري نه رهي سگهي.

تاريخ[سنواريو]

صبغت الله شاهه ٻيون 1922ع ۾ گادي نشين ٿيو. انگريزن کي هن گاديءَ مان هميشه خطرو رهندو هو ان ڪري خاص نظرداري ۽ جاسوسي ڪئي ويندي هئي. 1929ع ۾ هڪ عورت پوليس وٽ درخواست ڪئي ته سندس ڪو فرد پير صاحب وٽ قيد آهي، پير ڳوٺ تي ڇاپي کان پوءِ ان فرد کان سواءِ تمام گهڻو گولا بارود پڻ هٿ آيو. پير صاحب کي گرفتار ڪيو ويو. محمد علي جيڻا ان ڪيس ۾ پير صاحب جو وڪيل مقرر ٿيو. پر ٻن شنواين کان پوءِ ورتل في واپس ڪري ڇڏيائين. صبغت الله شاهه تي هڪ عورت جي قتل ۽ گولابارود رکڻ جو ڪيس داخل ٿيل هو، عورت جو قتل ثابت نه ٿيو جڏهن ته ٻين ڏوهن ۾ کيس اٺن سالن جي سزا ٻڌائي وئي.
صبغت الله کي 25 نومبر 1936ع ۾ آزاد ڪيو ويو. جيل مان آزاديءَ کان پوءِ هو انگريزن جو وڌيڪ مخالف ٿي پيو. ان وقت پير ڳوٺ مان هڪ اخبار نڪرندي هئي جيڪا حرن ۾ تمام گهڻي مشهور هجڻ سان گڏ سندن حامي هوندي هئي. صبغت الله شاه صبغت الله اهڙن ماڻهن تي مشتمل هڪ جماعت تيار ڪئي جيڪي ”وطن يا ڪفن“ جو مفهو م چڱي طرح سمجهندا هئا. اهڙي طرح حرن جي خفيه ٽريننگ شروع ڪئي وئي. جنهن به ماڻهو ان تحريڪ جو راز دشمن وٽ ظاهر ٿي ڪيو ان کي موت جو حقدار قرار ڏنو ويو. پير صاحب ڪانگريس جو حامي هو تنهنڪري هن پنهنجي حرن کي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ ۽ گوشت نه کائڻ جي تلقين ڪئي.
انگريزن طرفان صبغت الله کي ڪراچي رهڻ تي مجبور ڪيو ويو پر جلد ئي هو موٽي خيرپور آيو. تڏهن حڪومت خيرپور جي رياست کي صبغت الله جي گرفتاريءَ جو چيو. ڌوڪي سان صبغت الله کي گرفتار ڪيو ويو. رد عمل ۾ حرن پنهنجي بغاوت ۾ تيزي آڻي ڇڏي. جڏهن صبغت الله سي پي صوبي جي جيل ۾ قيد هو ان وقت 16 مئي 1942ع ۾ لاهور ميل کي اڏيرو لال ۽ ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشنن جي وچ تي ڪيرايو ويو. اهڙي طرح باغي ڪارواين ۾ تيزي ايندي وئي.
پير صاحب تي برٽش سرڪار خلاف بغاوت ۽ ٻيا ڪيس حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مليٽري ٽربيونل ۾ هلايا ويا، جنهن جو سربراهه ميجر جنرل رچرڊ سن ۽ ٻيو ميمبر سول مئجسٽريٽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو. ڪورٽ مارشل تحت پير صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. ان وقت حر تحريڪ زورن تي هئي تڏهن حر ائڪٽ نافذ ڪري سڀني حرن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو. پوليس ۽ مليٽري حرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. جڏهن جيل اڻ پورا ٿي پيا ته حرن لاءِ خاص لوڙها ٺهرائي انهن کي بند ڪيو ويو. حر تحريڪ مان حڪومت کي مالي طور تمام گهڻو نقصان ٿيو. حرن خلاف وڙهندڙ فوج پنجاب جي هئي جيڪي حڪومت جا ٻڌا ٻانها ۽ وڏا وفادار هئا.

پڄاڻي[سنواريو]

پير صاحب کي 20 مارچ 1943ع ۾ موت جي سزا ڏني وئي، صبغت الله جي شهادت کان پوءِ حرن جي تحريڪ آهستي آهستي دم ٽوڙڻ لڳي. ايترو ضرور ٿيو جو سموري هندستان ۾ حرن جي تحريڪ پنهنجي بي خوفي ۽ بهادري جو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو . اها تحريڪ جيتوڻيڪ ناڪام بغاوت ثابت ٿي پر ان جا نتيجا انگريزن جي مستقبل تي پنهنجا اڻ مٽ اثر ڇڏي ويا. نيٺ 1947ع ۾ انگريزن هندستان مان پنهنجا هٿ ڪڍي ورتا.

حوالا[سنواريو]

  • ڪتاب، ”پاڪستانجي آزادي ۾ سنڌ جو حصو“ ليکڪ: ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
  • رسالو، ”جهونگارسانگهڙ