مير معصوم شاهہ جو مُنارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو


معصوم شاھ جو منارو ٿورو پرڀري ڏيک کان

مير معصوم شاهه جو منارو سکر، سنڌ ۾ واقع هڪ قديم عمارت آهي جنهن کي سنڌ جي نامورمورخ، قادرالڪلام شاعر، طبيب،ڪتبه نويس، بکر جي سلطان محمود خان ۽ مغل شهنشاهه جلال الدين اڪبر جي امير مير محمد معصوم بکري (پيدائش:944ھ - وفات: 1014ھ) تعمير ڪرايو[1]۔

هن ميناري جي تعمير جي شروعات مير محمد معصوم بکري 1003ھ ۾ ڪئي جنهن کي مير صاحب جي وفات کان بعد سندن جي فرزند مير بزرگ  1027ھ ۾ مڪمل ڪرايو۔ هي مينار ٽڪري تي واقع آهي هن مينار تي پڪيون سرون ۽ چوني جو پٿر استعمال ٿيو آهي۔ هي مينار بنياد کان 84 فٽ ويڪرو آهي، ديگھ به 84 فٽ آهي ۽ گولائي ۾ ڏاڪڻ جي ڏاڪن جي تعداد به 84 آهي۔ مينار جي چوٽِ گنبد نما آهي[2]۔مناره هڪ اوچي ٽڪريءَ تي جڙيل آهي ۽ منجهس پڪيون سرون ۽ چن ڪم آندل آهي. سرون تمام پڪيون آهن ۽ هينئر گاٺ ڪري چمڪڻ لڳيون آهن. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 2 جي دوران ۾ مناره جي ماپ وغيره ڪرائي وئي آهي ۽ ان رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته پيڙهه وٽ منارو 84 فوٽ ويڪرو آهي. ڊگهائي ۾ به 84 فوٽ ۽ سندس ڦيردار ڏاڪڻ کي به 84 ڏاڪا آهن. اهو هڪ عجيب حساب آهي. ڏاڪڻ ڦيريدار ئي اندران وئي آهي. مناره جي چوٽي گنبذ نما آهي، جنهن تي ماڻهو چڙهي وڃي پري پري جو نظارو ڏسي سگهن ٿا. چوٽيءَ کي ميونسپالٽي چوڌاري پنڃرو هڻائي ڇڏيو آهي، ورنه اڳ ڪيترا ماڻهو مٿان ٽپ ڏئي خودڪشي ڪندا هئا. عام روايت آهي ته مناره لاءِ سرون اروڙ جي قديمي عمارتن مان پٽرائي آنديون هئائون ۽ ڪن جو خيال آهي ته شڪارپور کان گهرايل هيون. پر ان زماني ۾ شڪارپور هئي ئي ڪا نه – ڇو ته شڪارپور جو شهر دائود پوٽن پوئين زماني ۾ ٻڌايو هو. مناره ۾ هينئر ڪجهه ڦڏائي نظر اچي ٿي[3] . اي – ڊبليو هيوز صاحب مولف سنڌ گزيٽئر، ان باري ۾ لکي ٿو ته ”تعجب انگيز ڳالهه هيءَ آهي ته مناره سڌائي کان ڪجهه مڙيل آهي، پر خبر پئجي نه ٿي سگهي ته اهو حساب عمداً ان جي تعمير ۾ ئي ڪيو ويو آهي، يا پوءِ سندن پيڙهه جي هڪ پاسي جهنوي وڃڻ ڪري مڙي پيو آهي،“ يا ڪنهن ڪاريگر جي غلطي سببان ان جي تعمير ۾ ابتدائي ڪجهه ڪجي واقع ٿي ويئي، يا وري پوءِ ڪنهن وقت زمين جي ڌڏڻ ڪري اهو فرق ٿي پيو آهي. هن کان اڳ به سنڌ ۾ گهڻائي دفعا نهايت شديد نموني ۾ ڌرتي ڌٻڻ جا واقعا ٿيندا رهيا آهن، 1828ع ۾ به ڌرتي اهڙي ڌٻي، جو ڏکڻ سنڌ جي طبعي جاگرافي تبديل ٿي وئي هئي. مناره ڪنهن جنگي مقصد لاءِ ٺهرايو ويو هو، يا نظاري بازي ۽ يادگار قائم ڪرڻ جي خيال سان، تنهن تي ڪو به يقيني رايو قائم ڪري نه ٿو سگهجي. ڪتبه مان البت معلوم ٿئي ٿو ته، يادگار قائم ڪرڻ جي خيال، ٺهرائيندڙ جي ذهن ۾ ٻين ڳالهين کان وڌيڪ ويٺل هو، توڙي جو برٽن صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ ريوزيٽيڊ“ ۾ مناره تان چڙهي سندس نظارن وٺڻ جو دل کولي بيان ڪيو آهي[4].

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ معصومي، مير معصوم بکري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2006ء، ص 21
  2. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،2005 ء، ص108-109
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ
  4. الوحيد اسپيشل ايڊيشن، سيد علي محمد شاهه راشدي جو مضمون ”سکر ۽ روهڙيءَ جا آثار قديمه“ ص 54، جون 1936ع ڪراچي.