آفاق صديقي
| آفاق صديقي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | 4 مَئي 1928 برطانوي راڄ |
| موت | 17 جُونِ 2012 (84 سال) ڪراچي ،پاڪستان |
| مدفن | ڪراچي |
| شھريت | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | ترجميڪار ،شاعر ،نقاد |
| ڪم جي ٻولي | اردو ،سنڌي |
| اعزازات | |
| ترميم | |
پروفيسر آفاق صديقي اردوءَ جو مشهور شاعر ۽ دانشور آهي، هن 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره، ضلعي فرخ آباد (ڀارت) ۾ جنم ورتو. ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1975ع ۾ گورنمينٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص ۾ اردو شعبي جو صدر ٿيو. درس ۽ تدريس سان گڏوگڏ تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جي ڪمن ۾ وڏي محنت سان مشغول رهيو. هن خاص ڪري سنڌي ادب کي اردو پڙهندڙ طبقي ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس تصنيفن ۾ هيٺيون قابل ذڪر آهن: ”شيخ اياز جي سنڌي نظمن جو اردو ترجمو“؛ شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪتاب ”عڪس لطيف“ (جنهن تي رائٽرس گلڊ کيس ادبي انعام ۽ ٻيا اعزاز به ڏنا)“ ”سنڌي ٻوليءَ جي جديد اديبن ۽ شاعرن جي چونڊ تخليقن جي ترجمن جو مجموعو“؛ ”سچل سرمست جي شاعري ۽ شخصيت“ تي تحقيقي ڪتاب ”شاعر حقِ نور“؛ ”باباءِ اردو“، ”وادي مهران ۾“، ”قلب سراپا“ (شاعريءَ جو مجموعو) وغيره. ان کان سواءِ تعليمي ۽ درسي ڪتابن جي تدوين ۽ اشاعت جا ڪم ڪندو رهي ٿو. لطيف شناسيءَ ۽ اياز شناسيءَ تي دسترس رکي ٿو. هن شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي ۾ شيخ اياز جي مدد به ڪئي.[1]