آفاق صديقي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آفاق صديقي
معلومات شخصيت
ڄم 4 مَئي 1928  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 17 جُونِ 2012 (84 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي،پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
مدفن ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام دفن (P119) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر،نقاد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو،سنڌي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات

پروفيسر آفاق صديقي اردوءَ جو مشهور شاعر ۽ دانشور آهي، هن 5 مئي 1928ع تي شيخوپوره، ضلعي فرخ آباد (ڀارت) ۾ جنم ورتو. ايم. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ سکر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. 1975ع ۾ گورنمينٽ ماڊل ڪاليج ميرپورخاص ۾ اردو شعبي جو صدر ٿيو. درس ۽ تدريس سان گڏوگڏ تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جي ڪمن ۾ وڏي محنت سان مشغول رهيو. هن خاص ڪري سنڌي ادب کي اردو پڙهندڙ طبقي ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ غيرمعمولي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس تصنيفن ۾ هيٺيون قابل ذڪر آهن: ”شيخ اياز جي سنڌي نظمن جو اردو ترجمو“؛ شاهه لطيف جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي ڪتاب ”عڪس لطيف“ (جنهن تي رائٽرس گلڊ کيس ادبي انعام ۽ ٻيا اعزاز به ڏنا)“ ”سنڌي ٻوليءَ جي جديد اديبن ۽ شاعرن جي چونڊ تخليقن جي ترجمن جو مجموعو“؛ ”سچل سرمست جي شاعري ۽ شخصيت“ تي تحقيقي ڪتاب ”شاعر حقِ نور“؛ ”باباءِ اردو“، ”وادي مهران ۾“، ”قلب سراپا“ (شاعريءَ جو مجموعو) وغيره. ان کان سواءِ تعليمي ۽ درسي ڪتابن جي تدوين ۽ اشاعت جا ڪم ڪندو رهي ٿو. لطيف شناسيءَ ۽ اياز شناسيءَ تي دسترس رکي ٿو. هن شاهه جي رسالي جي منظوم اردو ترجمي ۾ شيخ اياز جي مدد به ڪئي.[1]