سکر ميونسپلٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سکر ميونسپلٽي سکر، سنڌ ۾ واقع هڪ ميونسپل ادارو آهي جنھن کي انگريز راڄ ۾ 1856ع ۾ قائم ڪيو ويو. ابتدا ۾ سکر جي آبادي 12 هزار فردن تي مشتمل هئي. انھن ڏينھن ۾ حڪومت شھرين مان رڪن منتخب ڪندي هئي ۽ صدارت ڪليڪٽر ڪندو هيو. 1884ع ۾ سکر ضلعو ٺھڻ کان بعد پھريون دفعو شھرين کي رڪن منتخب ڪرڻ جو حق ڏنو ويو پر صدر ڪليڪٽر ئي هوندو هيو، رائي صاحب ديوان پيسو مل پھريون شھري هيو جيڪو صدارت جي ڪرسي تي ويٺو. 1911ع ۾ شھرين کي صدر منتخب ڪرڻ جو حق ڏنو ويو.[1]

1911ع کان 1947ع تائين هيٺ ڏنل شخصيتون سکر ميونسپلٽي جا صدر رهيون آهن.[2]:

  1. 1911ع کان 1914ع - ديوان ڀوجسنگھ (مشھور وڪيل)
  2. 1914ع کان 1922ع - ميان پير بخش (ريٽائرڊ دپٽي ڪليڪٽر)
  3. 1922ع کان 1928ع - ديوان ڀوجسنگھ (مشھور وڪيل) (ٻيون دفعو)
  4. 1928ع کان 1937ع - ديوان بهادر ايسر سنگھ (پبلڪ پراسيڪيوٽر)
  5. 1938ع کان 1947ع - مسٽر بسنترام موٽواڻي (وڪيل)

1911ع کان 1947ع تائين 36 سالن جي عرصي ۾ صرف هڪ مسلمان سکر ميونسپلٽي جو صدر منتخب ٿيو باقي سڄي عرصي ۾ هندو شھري ئي سکر ميونسپلٽي جي صدارت جي لاء منتخب ٿيندا آيا.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2005ع، ص165
  2. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2005ع، ص165-166
  3. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2005ع، ص166