سکر بئراج
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
هن مضمون کي وڌيڪ حوالن جي ضرورت آهي ته جيئن حقيقتن جي تصديق ڪري سگهجي. |
سکر بئراج جو منظر | |
پاڻي جو دڳ | سنڌو ندي |
---|---|
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
سنڀاليندڙ | سنڌ ايريگيشن اينڊ پاور ڊپارٽمينٽ[1] |
ھلڻ جو طريقو | ھائڊرالڪ |
پھريون ڀيرو ٺھيو | 1932 |
تازي اڏاوت | 2004 ۾ تعميراتي ڪم ٿيو |
ڊيگھ | ھڪ ميل ڊگھو |
بيھڪ | 27°40′50″N 68°50′43″E / 27.68056°N 68.84528°E |
پاڻي جي نيڪال جي گنجائش .15 لک ڪيوسڪ [2] |
سکر بئراج يا لائيڊ بئراج پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ سکر شهر جي ويجهو سنڌو درياھ تي واقع هڪ مشهور بئراج آهي. ويهين صدي ۾ سکر ۾ جيڪي عمارتون ۽ ترقيءِ جا ڪم ٿيا، انهن ۾ سکر بئراج جو شمار دنيا جي عجائبات ۾ آھي. دنيا ۾ ھي وڏي ۾ وڏو بند آھي.[حوالو گهربل] سکر بئراج بکر جي قلعي کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي اولهندي طرف جتي اڳ سنسان جهنگ هو. ھيءَ پُل ڊيگهه ۾ هڪ ميل آهي ۽ سڳي سفيد پٿر جي جڙيل آهي، جنهن کي ڇاهٺ فولاد جا در لڳل آهن، جي برقي قوت سان کڄن ۽ بند ٿين ٿا ۽ بئراج جو پاور ھائوس ڌار آھي. هن پل جي اسڪيم ليفٽيننٽ ڪرنل اسڪاٽ 1846ع ۾ تيار ڪئي هئي. 1904ع ۾ ڊاڪٽر سمرس سپرنٽينڊنٽ انجنيئر مٿئين اسڪيم حڪومت ھند جي ڌيان تي آندي ۽ 1910ع ۾ ھي سوال حڪومت اڳيان پيش ٿيو ۽ 1916ع ۾ جانچ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي مقرر ٿي، جنهن ڪم کي چالو ڪرڻ لاءِ سفارش ڪئي. ليڪن پهرين جنگ عظيم لڳڻ ڪري 1918ع تائين ڪم کي ملتوي ڪيو ويو. مسٽر اي_ اي مسٽو بئراج ۽ ان جي ستن واھن جو نقشو تيار ڪري بمبئي حڪومت اڳيان پيش ڪيو. 1923ع ۾سيڪريٽري هند کان منظوري پهتي ۽ ساڳئي وقت جولاءِ مهيني ۾ بئراج ڪالوني جي ڪوارٽرن ٺهڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ 1926ع ۾ پل جي تعمير جو ڪم شروع ٿيو. 1925ع ۾ واھن جي کاٽيءَ جو ڪم مشينن (ايڪسڪيوٽرن) جي وسيلي شروع ٿيو [2]. ھر مشين ھڪ منٽ اندر 74 ٽن مٽي کوٽي ٻاھر اڇلائڻ لڳي. جملي 46 مشينون مختلف ھنڌن تي لڳايون ويون. انهن مشينن جي کوٽائي جو ڪم ڏسڻ وٽان ھو. انهن Excavators ستن واھن جي کاٽي ڪندي جملي 596 ڪروڙ چورس فوٽ مٽي کوٽي ھئي. پل تعمير ڪرڻ لاءِ ڪافر ڊيم Cofferdam ٻڌي پاڻي ڪڍي ٻاھر اڇلائينديون ھيون. مهراڻ جي کاٻي ڪناري وارن روھڙيءَ جي ريلوي لائين جي لڳ ٽڪرين ۽ ساڄي پاسي سکر جي اُتر طرف وارين ٽڪرين مان پٿر ڪاٽي پل تعمير ڪئي وئي. لائيڊ بئراج جي اھميت ھن طرح آهي ته سکر جي لينسڊائون پل سڄي لوهه جي جڙيل آھي ۽ بئراج پل سڄي پٿرن جي جڙيل آهي. 13 جنوري 1932ع ۾ وائسراءِ لارڊ ولنگڊن ھن پل جو افتتاح ڪيو.
ھن موقعي تي سڄي ھندستان جا سرڪاري خواه غير سرڪاري معزز ماڻهو حاضر ٿيا. اهڙو اجلاس شايد ٻئي ڪنهن هنڌ يا سکر ۾ اڳ ڪڏهن به ڪو نه ٿيو ھو. بئراج تي ”لائڊ“ جو نالو ان ڪري رکيو ويو، جو ان وقت بمبئي جو گورنر لارڊ لائڊ هو، جنهن ڪم ۾ دلچسپي ورتي ھئي. لائڊ بئراج پل جا دنيا ۾ آبپاشيءَ جو سڀ کان وڏو بند آهي، ان ڪري ڌارين ملڪن جا ماڻهو ڏسڻ اچن ٿا. خاص ڪري چاندوڪي رات ۾ ان جو منظر نهايت دلفريب ۽ ڏسڻ جي قابل آهي. پل جي کاٻي پاسي هڪ عجائب خانو به جڙيل آهي. هيءَ پل لنڊن جي ٿيمس پل کان پنجوڻ وڏي آهي. ساڄي پاسي کان 3 وڏا واهه:ـ (1) اُتر اولهه ڪئنال، (2) رائيس ڪئنال، (3) دادو ڪئنال نڪرن ٿا. ۽ کاٻي پاسي کان ڇار وڏا واهه نڪرن ٿا:ـ (1) اوڀرندو نارو، (2) اوڀر خيرپور ڪئنال، (3) روهڙي سنڌ سڌار ڪئنال، (4) مغربي خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا. درياهه جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ٻه مضبوط ديوارون درياهه ۾ 1600 ۽ 1900 سوء فوٽ ڊگهيون آهن، اوهي درياه جي لٽ کي روڪڻ ۽ واهن کي پاڻي پهچائڻ لاءِ آهن. مٿيان واهه دائمي وهن ٿا ۽ هي موسم ۾ پاڻي پهچائين ٿا. جمله 166،6 ملين ۾ زمين آباد ڪن ٿا. مٿن 1970ع ۾ پليون ٻڌل آهن ۽ ويڪر ۾ 346 فوٽ آهي. پل تي ويهه ڪروڙ رپيا خرچ لڳو. مملڪت جمهوريه پاڪستان پل جي ڀر ۾ سياحن لاءِ وڏي هوٽل تعمير ڪرائڻ جي رٿ تي غور ڪري رهي آهي. بئراج ڪالوني پوڻ ڪري سکر نئين جي آدمشماري ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ساڄي ڪپ تي المهراڻ عمدي تفريح گاهه آهي[3].
سکر بئراج آبپاشي ۽ ٻوڏ کان بچاءَ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
تاريخ
[سنواريو]بئراج 1923 کان 1932 جي وچ ۾ برطانوي راڄ جي دوران تعميرت ٿيو ۽ انجو نالو لائڊ بئراج (Lloyd Barrage) رکيو ويو هو.
پڻ ڏسو
[سنواريو]- فهرست پاڪستان جا بئراجَ ۽ هيڊورڪس
- فهرست پاڪستان جا بندَ ۽ آبي ذخيره
حوالا
[سنواريو]- ↑ Government of Sindh: Irrigation & Power Department[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ Ghori, Habib Khan (28 November 2015). "Sindh CM approves Rs12.6bn Sukkur barrage rehabilitation project" (en ۾). DAWN.COM (Karachi). https://www.dawn.com/news/1222763. Retrieved 29 April 2017.
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ