گوليمار سکر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گوليمار، سکر سنڌ ۾ واقع آهي جتي انگريز دور ۾ رائفل جي نشاني بازي جو انتظام هوندو هيو. گوليمار جي تعميراتي ڪم جي شروعات 1904ع ۾ ٿي ۽ 1914 مڪمل ٿي. هتي انگريز زالون به ننڍين رائفلن سان نشاني بازي ڪنديون هيون.[1]

اوڻويھين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ بوئرن (ڊچن) ۽ انگريزن جي ويڙھ ۾ انگريزن جي سوڀ ٿي، جنگ جي خاتمي کان پوءِ جنرل رابرٽ انگريزي فوجن کي رائيفل ٽريننگ لاءِ حڪم ڏنو، تنهنڪري ڪجهه شھرن جھڙوڪ: ڪراچي ۽ سکر ۾ جيڪي گورا ملازم فوج ۾ والنٽئر ھئا، تن کي رائيفل سکيا ڏيڻ لاءِ مٽيءَ جا دڙا ٺاھيا ويا ۽ نشاني بازي لاءِ انتظام ڪيو ويو، نشان چٽڻ وقت ٽڪريءَ مٿان ڳاڙھي جهنڊي کوڙيندا ھئا، جيئن لنگهندڙ خبردار رھن . ھڪڙو ملٽري سارجنٽ جو مورچن جي حفاظت لاءِ مامور ھو، سو رائيفل جي نشاني بازي جي به نگراني ڪندو ھو. منڊمون به گولي مار ننڍڙين رائيفلن سان ڪنديون ھيون، گهڻو ڪري صبح جو ٻه ڪلاڪ گولي مار پرئڪٽس ٿيندي ھئي[2]

حوالا[سنواريو]

  1. تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2005ء، ص184
  2. ڪتاب جو نالو: تاريخ سکر: مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي؛ ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ