ڀڳت ڪنور رام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڀڳت ڪنور رام
معلومات شخصيت
تاريخ موت نومبر 1939  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملی زندگی
پيشو شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي


13 اپريل 1885ع، سنڌ جي راڳ، لوڪ رس جي دنيا جو ھڪ اھم ڏينھن هو. ھن ڏينھن تي ڀڳتيءَ ۽ لوڪ رس راڳ جي راڻي ڀڳت ڪنور رام ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ”جروار“ ۾ جنم ورتو. ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو تاراچند ۽ سندس ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي ھو، جنھن وقت ڪنور رام ڄائو، ان وقت ھڪ صوفي بزرگ سنت کوتارام، جروار ڳوٺ ۾ آيو. تاراچند، ھيءُ ننڍڙو ٻار کڻي وڃي سنت کوتارام جي جھوليءَ ۾ وڌو، جنھن ٻار جو نالو ”ڪنوررام“ رکــيو. شـروع ۾ ڪـنور رام ســنڌي پڙھڻ ويٺو، ان کان پوءِ فارسي پڻ سکيو، سندس پيءُ تاراچند کي زمين جو ٽڪرو ھو. ڪنور رام ڪڏھن ڪڏھن ٻنيءَ تي جھار ھڪليندو ۽ نار ھلائيندو ھو. جوان ٿيو ته ڪُھر وڪڻڻ شروع ڪيائين، ان دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي ھاسارام کان گُرمکي به سکندو رھيو، درٻار ۾ آئي وئي جي ٽھل ٽڪور پڻ ڪندو ھو، اتان جو ھڪ سنت سترامداس کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو. اتي ئي ڪنور رام، سترامداس کان ڀڳت وجھڻ سکي ۽ سندس سنگ ۾ خود به سنت ٿيو ۽ سنڌ جي سنتن جو سرتاج بڻجي ويو.[1]

احوال[سنواريو]

سنت سترام داس سان ڀڳت ڪنور رام جي هڪ واقعي وسيلي واقفيت ٿي. ھڪ دفعي سترام داس صبح جو جروارن ۾ اسر مھل ڀڳت پئي ڪئي ته ڪُھرن وڪڻڻ واري جو ھوڪو ٻڌائين. ھوڪو اھڙي مٺڙي آواز ۾ ھو، جو سنت سترام داس ڪُھرن وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو. اھو ڪھرن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو ڪنور رام ھو، جنھن سنت سترام داس کان پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ سنت سترام داس جو پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه ڏسي ھميشه لاءِ سندس چاڪريءَ ۾ رھي پيو ۽ اتي ئي رهي ڀڳتي ۽ سنگيت جي تعليم سان رچي ريٽو ٿيو. 1903ع ۾ منگھرياڻين جي زميندار ڀائي اوتو مل جي نياڻيءَ سان سندس شادي ٿي. ڀڳت ڪنور رام باقاعدي ڀڳتون وجھڻ شروع ڪيون، ان دوران کيس جيڪي ڪجهه ملندو ھو، اھو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام شھدادڪوٽ ۾ اڃا ڀڳت وڌي ته ھڪ فقير دانھن ڪئي: ”خالي جھولي ڀري ڏي، ٻچا پيا بک ۾ پاھه ٿين.“ ڀڳت پنھنجي جھوليءَ مان مٺ ڀري ان فقير کي ڏني. فقير ڏٺو ته اھي سڪا چانديءَ جا نه، پر ٽامي جا آھن، سو ڪاوڙ مان سڪا کڻي ڀڳت جي منھن ۾ ھنيائين ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالھائڻ لڳو. ڀڳت ڪنور کي چڱو خاصو ڌڪ لڳو، ڀڳت جا پريمي ان فقير تي ڪاوڙجي پيا، پر ڀڳت ھڪدم اُٿي پريمين کي روڪيو ۽ فقير کي چيائين ”ابا ڏيڻ وارو به الله ۽ وٺڻ وارو به الله، باقي ماريئي هروڀرو مون مسڪين کي“. ائين چئي ٻي به مٺ ڀري فقير کي ڏنائين. ڪنور ڀڳت وٽ ھندو مسلم جو مت ڀيد نه ھو، ڪو به سوالي ايندو هو ته خالي موٽي نه ويندو ھو. اڳتي هلي ڪنور رام پنھنجي ٽوليءَ سان گڏ ڀڳت ڪرڻ لاءِ ٻاھر وڃڻ لڳو ته ڪيترائي غريب ۽ يتيم وٽس سوال کڻي ايندا ھئا، جيڪي ڀڳت ڪنور رام پورا ڪندو ھو. ھڪ ڀيري ھڪڙي سواليءَ نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ مدد لاءِ سوال ڪيو. ڪنور رام اتي جھولي جھلي سون چانديءَ جي ڳھن سان گڏ 1100 رپيا جمع ڪري سواليءَ کي ڏنا. اھڙيءَ طرح ڪنور رام ڪيترن ئي سوالين جي مدد ڪندو رھيو.[1]

گائڪي[سنواريو]

ڀڳت ڪنور رام ڀڳتي جي گائڪي يا لوڪ راڳ ۾ جيڪا جاءِ والاري، تنھن ۾ پنھنجي دور جي ۽ خاص ڪري پوئين دور جي سڀني ڀڳتن کي پوئتي ڇڏي ويو. ھن پنھنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. سنڌ ۾ داستان گوئيءَ جو رواج تمام قديم رھيو آھي. خاص ڪري حڪمرانن ۽ بادشاهن جي لڙاين دوران حصو وٺندڙ پھلوانن جي ويڙهه ۽ مرتئي تي جيڪي داستان بيان ڪيا ويندا ھئا، سي ڳاھن جي صورت ۾ ھوندا ھئا، اھا شاعري سنڌ جي واھڻن، وستين ۽ ڪچھرين ۾ چارڻ، سرندن ۽ دنبورن تي وڃي ڳائيندا وڄائيندا ھئا، سنڌ ۾ ڀڳتي ڳائڻ جو انداز پڻ ٽولن جي صورت ۾ وجود م آيو. ڀڳت ڪنور رام جو ٽولو ھونئن ته مشھور ھو، پر ڀڳت صاحب سدائين اڪيلو ڳائيندوھو ۽ اھڙي ته منفرد انداز ۾ ڳائيندو ھو، جو ھن مھل تائين راڳ جي دنيا ۾ جيئن استاد محمد جمن جو نقل ڪرڻ تمام ڏکيو آھي، بلڪل ائين ڀڳت ڪنور رام جي ڳايل صوفيانه ڪلام جو نقل ڪرڻ مشڪل آھي. سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آھي ته ”جڏھن ڀڳت ڪنور رام جو ڳايل ھيءُ ڪلام ٻڌندو آھيان[1]:

آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه،
مون سان تن ماروئڙن جي

ته ان وقت کاڌو کائيندو ھجان يا پڙھندو ھجان، ٻئي ڪم ڇڏائي ويندا اٿم“. سائين جي. ايم. سيد اڳتي اهو به لکي ٿو ته ڀڳت ڪنور رام نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندو ھو.[1]

جيتوڻيڪ راڳ جي دنيا جي سڀني ڳائڻن، ھن مھل تائين ڪنھن نه ڪنھن طرح راڳ کي پنھنجي معاش جو ذريعو بنايو، پر ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي ھو، جنھن راڳ جي ڪمائي غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي. چون ٿا ته ھڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام پير جي ڳوٺ واري مندر ۾ پئي ڳايو ۽ آخري راڻو پئي ڳايائين ته پوليس اچي ڪڙڪي. ھڪ فرياديءَ قرضن جي اوڳاڙڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي پوليس جي حوالي ڪيو ته ڪنور رام ان کي ڇڏائڻ لاءِ ”جھولي“ ڪئي ۽ راڳ تڏھن بس ڪيائين، جڏھن فرياديءَ چيو ته ’سائين! منھنجا پئسا پورا ٿي ويا‘.[1]

ماسٽر چندر اعتراف ڪندو هو ته ھن ”اڏر وڃ طوطل ماڙيءَ“ وارو ڪلام، ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو، جنھن جي اکر اکر ۾ تان ھڻڻ وارو انداز ھو. ڪنور رام گھڻو ڪري آخر ۾ ”راڳ مارو“ ڳائيندو ھو ۽ ھر محفل جي پڇاڙي ”مارو“ راڳ ڳائي ڪندو ھو. ڀڳت چندر چواڻي ته ڀائي ڪنور رام ”مارو“ راڳ ڳائڻ جو سبب اھو ٻڌائيندو ھو ته جيئن انسان کي ”موت“ جي يادگيري رھي.[1]

نامياري اديب علي احمد بروھيءَ ڪنور رام بابت ھڪ ھنڌ لکيو آهي ته ”ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ نه ٻڌوسين ۽ نه ڏٺوسين، پر اسان ھڪ اھڙو سخي ڏٺو، جيڪو ڏيئي نه پچاري، سو ھو ڀڳت ڪنور رام.“[1]

شھيد ٿيڻ[سنواريو]

ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ مانجھندن ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رڪ اسٽيشن تي پھتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس پير صاحب ڀرچونڊيءَ جي هڪ مريد ۽ ظالم شخص جان محمد جلباڻيءَ بندوق ھڻي زخمي ڪري وڌو. گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين رت وھڻ سبب ڪنور رام لاڏاڻو ڪيو. سکر، روھڙيءَ ۽ ٻين شھرن ۾ ھندو توڙي مسلمان هن افسوسناڪ حادثي تي غم کان ڏاڍو مشتعل ٿيا. اھو حادثو 1 نومبر 1939ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار 2 نومبر تي ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاھه رھڙڪيءَ ۾، سنت سترام داس جي قدمن ۾ آھي.[1]

سنڌ اندر ڪجهه ناميارا ڳائڻا اھڙا به پيدا ٿيا، جن جو گھراڻو ڪڏھن به راڳداريءَ جي حوالي سان مشھور نه ھو، تن ۾ استاد الھڏنو نوناري، استاد منور علي شاهه سکر وارو، موھن ڀڳت ۽ سنت ڪنور رام خاص ڪري شامل آھن، پر انھن ۾ ڪنور رام، ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سو سڌو سنئون صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي ھئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري ڪنور رام ئي متعارف ڪرائي. استاد محمد ابراھيم برابر خان صاحب راڳي ھو، پر سندس انداز به سڌو سنئون ڀڳتي راڳ وانگر ھو، جيئن داستان گوئيءَ جو باني ”ڀڳت جاڙي“ کي چيو ٿو وڃي، تيئن ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائڪيءَ جو باني ڪنور ڀڳت ھو. ڪنور ڀڳت جي ٽولي سنڌ ۾ مثالي هئي. راڳ جي سڄي حياتي سکيا وٺندڙ استاد ۽ خانصاحب برابر راڳ جا مھندار ٿين ٿا، پر ڪنور وانگر شايد ”لولي لال نون ڏيوان، نِڪي جھڙي ٻال نون ڏيوان“ ۾ ڳائڻ دوران ٻار جي ”اوئان“ کي ”سرگم“ جو انداز ڏئي نه سگھيا، پر ھي سڀ ڪجهه ڪنور ڀڳت جي فطري تخليقي صلاحيتن جو مظهر ھو.[1]

عظمت[سنواريو]

ڪنور ڀڳت جي آواز جي جادوءَ سوين ماڻھن کي موھي وڌو، لڙيءَ رات ڳوٺن ۾ سندس آواز سبب ماڻھو ننڊون ڦٽائي، سندس راڳ ۾ شريڪ ٿيندا ھئا. ڪنور جي آواز جون ماترائون مٿاھين سُر تي اڀرنديون ھيون، اتي سازن جا سر بيھي ويندا ھئا، ڪنور رام سونھن ۽ سُر جي جيڪا ھاڪ پنھنجي وقت ۾ پيدا ڪئي، سا اڄ تائين ڪنھن به ڳائڻي کي نصيب ڪا نه ٿي آھي. ڀائي ڪنور رام جي حادثي تي ڄيٺانند ھيمنداس ڪويءَ ھيٺان ڪتابڙا ڇپايا، جيڪي سڀ هيمراج پرنٽنگ پريس، سکر مان ڇپيا.[1]

  1. 'ڀائي ڪنور ڀڳت جو وڇوڙو: 112 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز واري هن ڪتابڙي جي قيمت 6 پايون لکيل هئي. ڇاپو پهريون، 1939ع ۾ سکر مان شايع ٿيو.
  2. ڀائي ڪنوررام (ڀاڱو پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون ):ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 12 صفحا هئا، جن جي قيمت 6 پايون هئي.
  3. ڀائي ڪنور رام پرديسي پکيئڙو: هن ڪتابڙي ۾ 12 صفحا آهن، ۽ ان جي قيمت 6 پايون آهي.
  4. ڀائي ڪنور رام جا وار ۽ آرتي: ڊيمي سائيز جي هن ڪتابڙي ۾ 12 صفحا آهن، جنهن جي قيمت 6 پايون آهي.
  5. ڀائي ڪنور رام جا وٽڻا ۽ ست راتيون: ڪرائون سائيز جي هن ڪتابڙي ۾ 12 صفحا آهن.
  6. ڀائي ڪنور جي ٻارنهن ماسي: ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 12 صفحا آهن.
  7. ڀائي ڪنور رام جي امر شهيدي: هيءُ ڪتابڙو نارائڻ داس ليلارام جو لکيل آهي، جنهن ۾ ڪرائون سائيز جا 14 صفحا آهن.۽ قيمت 4 آنا اٿس. هن جي ڇپجڻ جو سال 1939ع آهي. هي ڪتابڙو گنگارام، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان ڇپيو.
  8. ڀڳت ڪنور رام جو ٻليدان: هيءُ ڪتاب هيرانند آڏي مل جو لکيل آهي.ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 76 صفحا آهن ۽ قيمت 3 آنا آهي. جهمٽمل اڌي مل، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ڪوهنور اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، مان سال 1940ع ۾ ڇپايو هو.
  9. ڀڳت ڪنور رام جا ڀڄن: هيءُ ڪتاب پهلاج رام جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتابڙي ۾ 16 صفحا آهن ۽ قيمت هڪ آنو ڄاڻايل اٿس. ڀڳوانداس اينڊ ڪمپنيءَ هيءُ ڪتابڙو مهاوير پريس، حيدرآباد مان ڇپايو.
  10. ڀڳت ڪنوررام صاحب ۽ ڀڳت سڌامون صاحب: سُندر شيوا منڊلي ڪوٽڙيءَ جي ڪتابي سلسلي جو ايڪيهون نمبر ڪتاب، ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ساڌو رام ڀوڄواڻيءَ جو گڏجي لکيل آهي. سندر شيوامنڊليءَ جو پهريون ڪتاب به ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان ڇپيو ۽ هيءُ ايڪيهون ڪتاب به ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان ئي ڇپيو. ڪتاب جو پهريون ڇاپو سندر شيوا منڊليءَ جي سيڪريٽري ليلي خانواڻي 1968ع (سنبت 2025) ڌاري ڇپايو. ڪرائون سائيز جي 63 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 75 پئسا آهي.

مجسما[سنواريو]

ڀڳت ڪنور رام تي سنڌي ٻوليءَ جي سدا حيات اديب تيرٿ وسنت جو ڪتاب ”ڪنور“ ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. ڀڳت ڪنور رام جا هند ۽ سنڌ ۾ ڪيترن شهرن ۾ مجسما موجود آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ڄامشوري جي ميوزم ۾ پڻ ڀڳت ڪنور رام جو مجسمو رکيل آهي، جيڪو لکنؤ ۾ رهندڙ ڀڳت چانڊورام ٺهرائي موڪليو هو، جيڪو سندس پُٽ کڻائي آيو هو ۽ هڪ خاص تقريب به سنڌالاجيءَ ۾ منعقد ڪئي وئي هئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيون سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.

سانچو:حوال