مواد ڏانھن هلو

رومي (ڀونوچ) سمنڊ

بيھڪ: 35°N 18°E / 35°N 18°E / 35; 18
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ڀونوچ سمنڊ کان چوريل)
ميڊيٽرينئن سمنڊ

ميڊيٽرينئن سمنڊ جو نقشو
پاڻي جو قسم سمنڊ
اھم داخلي وھڪرا ايٽلانٽڪ وڏو سمنڊ, مرمارا سمنڊ, نيل ندي, ايبرو ندي, رون ندي، چيلف ندي، پو ندي
سامونڊي طاس
سطحي پکيڙ 2٬500٬000 km2 (970٬000 sq mi)
سراسري اونھائي 1٬500 m (4٬900 ft)
وڌ کان وڌ اونھائي 5٬267 m (17٬280 ft)
پاڻي جو حجم 3٬750٬000 km3 (900٬000 cu mi)
رھائش  وقت 80–100 سال[1]
ٻيٽ |3300+
آباديون اسڪندريه, بارسلونا, الجيريس, ازمير, روم, اٿينس, بيروت, طرابلس, تيونس (شھر), طنجه, تل ابيب, اسپليت, (مڪمل فھرست)

ميڊيٽرينئن سمنڊ يا رومي سمنڊ يا ڀونچ سمنڊ (انگريزي: Mediterranean Sea) (اردو: بحیرہ روم) ھڪ سمنڊ جو نالو آهي[2] جيڪو ايٽلانٽڪ سمنڊ جو حصو آھي ۽ مڪمل خشڪي سان گھيريل ھڪ منفرد سمنڊ آھي. ان جي بيھڪ يورپ ، اناطوليه جي ڏکڻ ۽ آفريڪا جي اتر ۾ ۽ سر زمین شام جي اولھ ۾ آهي.

59 لک سال اڳ ھي سمنڊ ايٽلانٽڪ سمنڊ کان الڳ ٿي جزوي يا مڪمل طور تي سڪي ويو ھو ۽ خشڪي تي مشتمل علائقو بڻجي ۽ 6 لک سال ان حالت ۾ رھيو. 53.3 لک سال اڳ جبرالٽر واري ھنڌ زميني پليٽ جي ۾ تبديلي سبب کنڊ پئجي ويو جنھن مان ايٽلانٽڪ سمنڊ جي پاڻي اندر گھري آيو جنھن سان مھا ٻوڏ آئي جنھن ذريعي ھڪ دفعو ٻيھر اھو علائقو سمنڊ ۾ تبديل ٿي ويو. ھن سمنڊ جي پکيڙ 2٬500٬000 km2 (970٬000 sq mi),[3] جيڪا ڌرتي جي سامونڊي پاڻي جو 0.7 سيڪڙو آھي. جبرالٽر وارو سامونڊي لنگھ 14 ڪلوميٽر ويڪرو آھي. ھن سمنڊ کي يورآفريڪن ميڊيٽرينئن سمنڊ يا ان جي آفريڪا واري حصي کي آفريڪن ميڊيٽرينئن سمنڊ سڏيندا آهن[4][5]. ھن سمنڊ جي سراسري اونھائي 1,500 ميٽر (4,900 فوٽ) آهي ۽ ان جو سڀ کان اونھو مقام ان جي آئونيئن سمنڊ ۾ واقع ڪئليپسو ڊيپ آھي جنھن جي اونھائي 5٬267 m (17٬280 ft) آهي.

ھي سمنڊ جا ليٽيٽيوڊ اتر ۾ لاڳيتو°30 ۽°46 ۽ لانگيٽيوڊ اولھ ۾ لاڳيتو °6 ۽ °36 آھن. ھن سمنڊ جي اولھ کان اوڀر جي ڊيگھ جبرالٽر واري سامونڊي لنگھ کان ترڪي جي ڏکڻ اوڀر واري اسڪندرون واري نار جي سامونڊي ڪناري تائين 4٬000 ڪلوميٽر (2٬500 mi) آھي. ھي سمنڊ اھم واپاري رستو رھيو آھي جتان قديم زماني جا مسافر ۽ واپاري واپار ڪندا ھئا ۽ جنھن ذريعي تھذيبن ۽ ثقافتن جي ڦھلاء پڻ ٿيندو ھو.

نالو

[سنواريو]

رومي ايمپائر جي دور ۾ ھن سمنڊ تي رومين جو غلبو رھڻ ڪري عربن ان کي بحريه روم سڏڻ شروع ڪيو. ھن سمنڊ جو ميڊيٽرينئن نالو گھڻو بعد ٽين صدي عيسويءَ ۾ پيو.ان کان اڳ يوناني ان کي صرف سمنڊ سڏيندا ھيا. رومي ان کي وڏو سمنڊ يا پنھنجو سمنڊ سڏيندا هئا. ميڊيٽرينئن لفظ لاطيني ٻولي جي لفظ ميڊيٽرنيم (Mediterrāneum) مان نڪتل آهي[2] جنھن بجي معني آھي وچ واري زمين ڇو ته هن سمنڊ جي چوڌاري زمين پکڙيل آهي. تنهنڪري ان کي ڀون + وچ (ڀونوِچ) سمنڊ سڏيو وڃي ٿو.[2]


جاگرافي

[سنواريو]
مصنوعي سياري جي تصوير ۾ ميڊيٽرينئن سمنڊ ۽ جبرالٽر وارو سامونڊي لنگھ جنھن جي ھڪ پاسي يورپ جو ابيريائي ٻيٽ نما ۽ ٻئي پاسي آفريڪا جو علائقو مغرب ڏيکاريل

ھي سمنڊ کي اولھ ۾ جبرالٽر وارو سامونڊي لنگھ ان کي ايٽلانٽڪ سمنڊ سان ملائي ٿو، اوڀر ۾ داردنيل وارو سامونڊي لنگھ ۽ باسپورس وارو سامونڊي لنگھ ذريعي ڪاري سمنڊ ۽ مرمارا سمنڊ سان ملي ٿو. ڏکڻ اوڀر ۾ ان کي 163 km (101 mi) ڊگھو مصنوعي سوئيز ڪئنال ان کي ڳاڙھي سمنڊ سان ملائي ٿو[6][7]. ھن سمنڊ جي وڏن ٻيٽن ۾ قبرص، ڪريٽ، يوبيئيا، رھوڊز، ليزباس وارو ٻيٽ، ڪائياس، ڪيفلونيا، ڪورفيو، مالٽا، ساموس، اينڊروس، لمنوس، نيڪسوس، سسلي، ڪريس، ڪرڪ، پئگ ٻيٽ، ڪورڪولا، ھوار، براڪ، ابيزاسارڊينيا، ڪورسيڪا، بَيلِيئَرڪ ٻيٽَ، ميجورڪا، مينورڪا

حوالا

[سنواريو]
  1. Pinet, Paul R. (2008). Invitation to Oceanography. 30. Jones & Barlett Learning. 220. ISBN 978-0-7637-5993-3. https://books.google.com/books?id=6TCm8Xy-sLUC&pg=PA220&lpg=PA220. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "ڀونوچ سمنڊ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-03-28. 
  3. "Mediterranean Sea". Encyclopædia Britannica. حاصل ڪيل 23 October 2015. 
  4. "Microsoft Word – ext_abstr_East_sea_workshop_TLM.doc" (PDF). حاصل ڪيل 23 April 2010. 
  5. "Researchers predict Mediterranean Sea level rise – Headlines – Research – European Commission". Europa. حاصل ڪيل 23 April 2010. 
  6. Vella, Andrew P. (1985). "Mediterranean Malta". Hyphen 4 (5): 469–472. http://melitensiawth.com/incoming/Index/Hyphen/Hyphen.%204(1985)5/02.pdf. 
  7. Özhan Öztürk claims that in Old Turkish ak also means "west" and that Akdeniz hence means "West Sea" and that Karadeniz (Black Sea) means "North Sea". Özhan Öztürk. Pontus: Antik Çağ'dan Günümüze Karadeniz'in Etnik ve Siyasi Tarihi Genesis Yayınları. Ankara. 2011. pp. 5–9. http://www.karalahana.com/makaleler/kitap/pontus-antik-cagdan-gunumuze-karadeniz-etnik-siyasi-tarihi.htm.