مواد ڏانھن هلو

بيروت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بيروت
Beirut

بيروت (عربی)
Beyrouth (فرینچ)
گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی
بيروت زيتوني نار
بيروت زيتوني نار
Banner of بيروتBeirut
Banner
Coat of arms of بيروتBeirut
Coat of arms
Nickname(s):
اوڀر جو پيرس[1]
Motto(s):
Berytus Nutrix Legum (لاطيني)
بيروت، قانون جي ماءُ
ملڪ لبنان
گورنريٽبیروت
حڪومت
• گورنرمروان عبود
• ميئرعبدالله درويش
ايراضي
• گاديء وارو شھر ء میونسپلٹی67 چورس ڪلوميٽر (26 چورس ميل)
آبادي
 (2017)[2]
• ڪلت. 433249
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
ميٽروت. 2145527
رهاڪو نالوBeiruti
وقتي علائقوEET
علائقائي ڪوڊ+961 (01)
ISO 3166 ڪوڊLB-BA
Patron SaintSaint George
ويب سائيٽwww.beirut.gov.lb

بيروت (Beirut عربي ٻولي: بيروت) لبنان جي راڄڌاني ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. سال 2014ع جي مطابق، گريٽر بيروت جي آبادي 25 لک (2.5 ملين) آهي،[3] جيڪا ان کي ليونٽ علائقي ۾ ٽيون نمبر وڏو شهر ۽ عرب دنيا ۾ تيرهون نمبر وڏو شهر بڻائي ٿي. هي شهر لبنان جي رومي (ڀونوچ) سمنڊ ڪناري جي وچ واري نقطي تي هڪ جزيره نما تي واقع آهي. بيروت 5,000 سالن کان وڌيڪ عرصي کان آباد آهي، دنيا جي قديم ترين شهرن مان هڪ آهي.

بيروت لبنان جي حڪومت جي سيٽ آهي ۽ لبناني معيشت ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو، ڪيترا ئي بينڪ ۽ ڪارپوريشنن شهر ۾ ٻڌل آهي. بيروت ملڪ لاءِ هڪ اهم بندرگاهه آهي، ۽ گلوبلائيزيشن ۽ ورلڊ سٽيز ريسرچ نيٽورڪ پاران بيٽا+ ورلڊ سٽي جو درجو ڏنو ويو آهي.[4] بيروت کي لبنان جي گهرو ويڙهه، 2006ع جي لبنان جنگ ۽ سال 2020ع ۾ بيروت جي بندرگاهه ۾ وڏي ڌماڪي سبب سخت نقصان پهتو. ان جي تعميراتي ۽ ڊيموگرافڪ ڍانچي ۾ تازو ڏهاڪن ۾ وڏي تبديلي آئي.[5] [6] [7] [8]

حوالا

[سنواريو]
  1. Cooke, Rachel (22 November 2006). "Paris of the east? More like Athens on speed". The Guardian. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 7 November 2022 تي محفوظ ڪيل. 8 March 2017 تي حاصل ڪيل.
  2. 1 2 "Lebanon: Administrative Division (Governorates and Districts) - Population Statistics, Charts and Map". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2 July 2021 تي محفوظ ڪيل. 1 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  3. "Questions & Answers: Water Supply Augmentation Project, Lebanon آرڪائيو ڪيا ويا 16 April 2024 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.".
  4. "The World According to GaWC 2020". GaWC – Research Network. Globalization and World Cities. اصل نسخو مان 24 August 2020 تي محفوظ ڪيل. 31 August 2020 تي حاصل ڪيل.
  5. Reconstruction of Beirut آرڪائيو ڪيا ويا 27 November 2021 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Macalester College
  6. Lebanon's Reconstruction: A Work in Progress, VOA News
  7. "Beirut: Between Memory And Desire". Worldview. اصل نسخو مان 3 March 2016 تي محفوظ ڪيل.
  8. Antelava, Natalia (10 May 2010). "'Ugly Beirut' struggles to survive peace". BBC News. اصل نسخو مان 5 August 2023 تي محفوظ ڪيل. 5 August 2023 تي حاصل ڪيل.