مواد ڏانھن هلو

اٿينس

بيھڪ: 37°59′03″N 23°43′41″E / 37.98417°N 23.72806°E / 37.98417; 23.72806
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اٿينس (Athens)
Αθήνα
Athína
يونان جي گاديءَ جو ھنڌ
Athens montage. Clicking on an image in the picture causes the browser to load the appropriate article.Acropolis of AthensGreek ParliamentZappeion HallAthens Olympic Sports ComplexMonastirakiAerial view from Lycabettus
مٿان کان گھڙيال جي ڪانٽن جي رخ ۾: اٿينس جو ايڪروپولس, زپيري ھال, موناستريڪي, ھوائي جھاز مان شھر جو نظارو, اولمپڪ اسپورٽس ڪامپليڪس, ۽ پاريامينٽ جي عمارت
اٿينس (Athens)
جھنڊو
اٿينس (Athens)
مھر
اٿينس (Athens) is located in Greece
اٿينس (Athens)
اٿينس (Athens)
اٿينس (Athens) is located in Balkans
اٿينس (Athens)
اٿينس (Athens)
اٿينس (Athens) is located in Europe
اٿينس (Athens)
اٿينس (Athens)
يونان ۾ بيھڪ##يورپ ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 37°59′03″N 23°43′41″E / 37.98417°N 23.72806°E / 37.98417; 23.72806
ملڪ  يونان
جاگرافيائي علائقو مرڪزي يونان
انتظامي علائقو (Attica) اٽيڪا
مقامي علائقو مرڪزي اٿينس
ضلعا 7
حڪومت
 • قسم ميئر ڪائونسل گورنمينٽ
 • ميئر Kostas Bakoyannis (New Democracy)
پکيڙ
 • ميونسپالٽي 38.964 ڪ.م2 (15.044 ميل2)
 • شھري 412 ڪ.م2 (159 ميل2)
 • ميٽرو 2,928.717 ڪ.م2 (1,130.784 ميل2)
بلند ترین  پیمائش 338 ميل (1,109 ft)
گھٽ ترین  پیمائش 70.1 ميل (230.0 ft)
آبادي (2012)
 • ميونسپالٽي 664,046
اٿينا ديويءَ جو مجسمو. يوناني ڏندڪٿائن مطابق ھوءَ اٿينس شھر جي رکوالي (سرپرست) ھئي.

اٿينس (انگريزي: Athens، يوناني: Αθήνα (Athina)، (About this sound ٻُڌو)، پراڻي يوناني: Ἀθῆνα) يونان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھرآھي. ھي دنيا جي سڀ کان پراڻن شھرن مان ھڪ آھي. تاريخ تي کوجنا ڪندڙن مطابق ھي شھر 11 کان 7 صدي قبل مسيح دوران آباد ٿيو[1]. پراڻو اٿينس فن، فلسفي ۽ علمي سرگرمين جو وڏو مرڪز ھو. ھن ئي شھر ۾ پليٽو ۽ ارسطو جھڙا وڏا مفڪر پنھنجي شاگردن کي منطق ۽ فلسفي جي سکيا ڏيندا ھئا[2]. ھتي ئي عظيم رومي تھذيب پروان چڙھي جنھن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي يورپ کنڊ جي سياست ۽ ثقافت تي پنھنجا اڻمٽ نشان ڇڏيا. اھوئي سبب آھي جو ھن شھر کي ” يورپي تھذيب جو ھندورو“ ۽ ”جمھوريت جي جنم ڀومي“ سڏيو وڃي ٿو[3].

ھاڻوڪي جديد دور ۾ بہ ھن شھر پنھنجي عروج جو تسلسل برقرار رکيو آھي ۽ اڄ بہ ھي شھر سياست، ثقافت، معاشيات، صنعت ۽ معاشرتي قدرن ۾ مٿاھون مرتبو رکي ٿو. 2021ع ۾ ھن شھر جي رھواسين جو تعداد 35 لکن کان بہ مٿي ھو. يونان جا لڳڀڳ %35 ماڻھو ھن شھر جا رھواسي آھن.

عالمگيريت ۽ دنيا جي شھرن جي کوجنا ڪرڻ واري اداري (Globalization and World Cities Research Network) ھن شھر کي بيٽا عالمي شھر (Beta Global City) قرار ڏنو آھي[4]. ھي شھر ڏکڻ اوڀر يورپ جي وڏن معاشي مرڪزن مان ھڪ آھي. ھن جو پاريئس (Piraeus) بندرگاھ يورپ جو وڏي ۾ وڏو ۽ دنيا جو ٽيون وڏو بندرگاھ آھي[5].

ھي شھر پنھنجي تاريخي يادگارن ۽ عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. انھن يادگارن ۾ اٿينا ديويءَ جو مندر ھميشہ سياحن جي ڌيان جو مرڪز رھيو آھي. ھي مندر، جنھن کي پارٿينن (Parthenon) ڪوٺيو وڃي ٿو، اوائلي يورپي تھذيب جو ھڪ عظيم شاھڪار آھي. ھتي رومي، بازنطيني ۽ عثماني دور جا تاريخي يادگار بہ موجود آھن. ھن شھر جي ويجھو موجود ايڪروپولس (Acropolis) جي قلعي ۽ ڊيفني خانقاھ (Daphni Monastery) کي يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ماڳن جي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آھي.

اٿينس 1834ع کان لاڳيتو يونان جي گاديءَ جو ھنڌ رھندو پيو اچي. اٿينس جي قومي يونيورسٽي ۽ اڪيڊمي آف اٿينس جو شمار دنيا جي بھترين تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو. 1829ع ۾ قائم ٿيل يونان جي قومي لائبرري (National Library of Greece) يونان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻين علمن بابت ڪتابن جو ھڪ اھم خزانو آھي. اٿينس ۾ ڪيترائي عجائب گھر بہ موجود آھن جن ۾ آثار قديمہ جو قومي عجائب گھر (National Archeological Museum)، ايڪروپولس ميوزيم (Acropolis Museum)، سائيڪليدي آرٽ جو ميوزيم (Museum of Cycladic Art) ، بيناڪي ميوزيم (Benaki Museum) ۽ بازنطيني ۽ عيسائيت جو ميوزيم (Byzantine and Christian Museum) شامل آھن. جديد دور جون پھريون اولپمڪ رانديون ھن ئي شھر ۾ منعقد ٿيون ھيون. 2004ع جي اولمپڪ راندين جي ميزبانيءَ جو اعزاز بہ ھن ئي شھر کي مليو.

نالي جو بنياد

[سنواريو]

اٿينس شھر تي اھو نالو ڪيئن پيو ان بابت پڪ سان ڪجهه نٿو چئي سگھجي. مختلف ماھرن جا مختلف رايا آھن ۽ ڪنھن بہ راءِ کي حتمي نٿو چئي سگھجي. پراڻي يوناني ٻوليءَ ۾ ھن شھر کي ايٿنائي (Ἀθῆναι) سڏيو ويندو ھو. بعد ۾ ھن کي َاَٿين Ἀθη (Athḗnē) سڏيو ويو[6]. انھيءَ ڳالھ تي بہ ڪافي بحث ٿيو آھي تہ اٿينس تي اھو نالو ايٿينا ديويءَ جي ڪري پيو يا ايٿينا ديويءَ تي اٿينس شھر جي ڪري اھو نالو پيو. ٻوليءَ جي ماھرن جي اڪثريت جو خيال آھي تہ اٿينس شھر جي ڪري اٿينا ديوي تي اھو نالو پيو[7]. اٿينس لفظ جي بڻ بڻياد بابت ھيٺيان نظريا بہ پيش ٿيا پر انھن کي ھاڻي رد ڪيو ويو آھي[8].

1. ڪرسچين روبيڪ جي خيال ۾ اٿينس لفظ جو بنياد يوناني لفظ اٿوس ( ἄθος) يا انٿوس ( ἄνθος) آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”گل“.

2. لڊوگ وان دودرلين (Ludwig von Döderlein) جي چوڻ مطابق لفظ ”اٿينس“ يوناني ٻوليءَ جي لفظ ”ٿائو“ مان نڪتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”ڀلي زمين“.

تاريخ

[سنواريو]

يارھين کان ستين صدي قبل مسيح واري زماني ۾ اٿينس شھر واري علائقي ۾ ھڪ وڏي غار موجود ھئي جنھن ۾ پھرين انساني آباديءَ جا اھڃاڻ ملن ٿا[9]. ان زماني کان وٺي ايندڙ 5000 سالن تائين ھتي آنساني آبادي وڌندي رھي[10]. 1400 ق.م ۾ ھن وسنديء ھڪ شھر جو روپ اختيار ڪري ورتو ۽ ھي شھر ماسيني تھذيب (Mycenaean civilization) جو ھڪ اھم مرڪز بنجي ويو. ان دور ۾ ھتي ايڪروپولس قلعو (Acropolis citadel) تعمير ڪيو ويو جنھن جا آثار اڄ بہ موجود آھن[11]. ٻارھين ۽ تيرھين صدي ق.م ۾ ھي شھر پنھنجي اوج وڃائي ويٺو ۽ ھتي جي وڻج واپار۾ ڪمي اچي وئي ھئي پر نائين صدي ق.م جا اھڃاڻ ٻڌائين ٿا تہ ھن شھر جون رونقون موٽي آيون ھيون ۽ ھتي جا ماڻھو خوشحال زندگي گذاري رھيا ھئا[12]. 508 ق.م ۾ ھتان جي بادشاھ ڪليسٿينس (Cleisthenes) ملڪ ۾ سياسي سڌارا آندا ۽ جمھوري نظام متعارف ڪرايو. 508 ق.م ۾ اٿينس ۾ مضبوط سامونڊي ٻيڙا ٺھڻ لڳا ھئا ۽ اٿينس جي حڪومت فارس (ايران) کان ٿيندڙ حملن خلاف سخت مزاحمت ڪئي. پنجين صدي ق.م ۾ فارسين ۽ يونانين جي وچ ۾ ڪيتريون ئي چڪريون ٿيون جنھن ۾ ڪڏھن فارسي تہ ڪڏھن وري يوناني سوڀارا ٿيا[13]. ان کان پوءِ وارن ڏھاڪن کي اٿينس جو سونھري دور چئي سگھجي ٿو. ھي شھر ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بنجي ويو. ان دور ۾ ھتي وڏا وڏا ليکڪ، مفڪر، تاريخدان ۽ سياستدان پيدا ٿيا جن يونان سميت سڄي يورپ ۾ جمھوريت متعارف ڪرائي. ان وقت جي مشھور قلم ڌڻين ۾ اسڪائيلس (Aeschylus)، سوفاڪلز (Sophocles) ۽ يوريپائيڊس (Euripides) پنھنجي دور جا وڏا ڊراما نگار ۽ ناول نويس ھئا. ھيروٽوڊس (Herodotus) نالي وارو تاريخ نويس ۽ جاگرافيدان ھو. ٿوسائيڊائيڊس (Thucydides) بہ ھڪ وڏو تاريخ نويس ۽ فوجي جرنل ھو. مشھور حڪيم ھپوڪريٽس (Hippocrates) ۽ عظيم مفڪر ۽ فلاسافر سوڪريٽس (Socrates) بہ انھيءَ دور سان واسطو رکن ٿا.

چوٿين صدي ق.م جي وچ ڌاري ھي شھر اتر يونان جي ميسيڊونيا بادشاھت جي اثر ھيٺ اچڻ شروع ٿيو. 338 ق.م ۾ ميسيڊونيا جي بادشاھ فلپ ٻئي (Philip II) ھن شھر تي قبضو ڪيو. اڳتي ھلي رومي سلطنت جو حصو بنجڻ کان پوءِ بہ ھن شھر جي اھميت ۽ عروج قائم رھيو. ٻي صدي عيسويءَ ۾ شھنشاھ ھيڊريان (Hadrian) ھن شھر ۾ لائبرري، جمنازيم ۽ آبي نالا ٺھرايا. ھن اولمپئن زيوس (Olympian Zeus) جو مقبرو پڻ تعمير ڪرايو.

چوٿين ۽ پنجين صدي عيسويءَ ۾ ھتي خونريز فساد ٿيا جنھن ڪري شھر پنھنجو عروج وڃائي ويٺو. البت نائين ۽ ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ھن شھر ۾ خوشحالي موٽي آئي. 1458ع ۾ ھي شھر عثماني سلطنت جو حصو بنجي ويو. يونان جي آزاديءَ جي ويڙھ جي نتيجي ۾ يوناني بادشاھت قائم ٿي ۽ 1834ع ۾ اٿينس کي انھيءَ بادشاھت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. آزاديءَ جي ويڙھ دوران ھن شھر ۾ ڪافي تباھي آئي ھئي ۽ ھتان جي آبادي تمام گھڻي گھٽجي وئي ھئي. يونان جي پھرئين بادشاھ اوٽو (Otto) ھن شھر جي ٻيھر تعمير ڪرائي. انھيءَ دور ۾ ھتي ڪيتريون ئي نيون عمارتون تعمير ٿيون. اوڻويھين صديءَ ۾ تعمير ٿيل عمارتن ۽ يادگارن ۾ اٿينس يونيورسٽي (1837ع)، اٿينس جا قومي باغ (1840ع)، يونان جي قومي لائبرري (1842ع)، پراڻو شاھي محل (ھاڻوڪو پارليامينٽ ھائوس) (1843ع)، پارليامينٽ جي پراڻي عمارت (1858ع)، سٽي ھال (1874ع)، زيپئون نمائشي ھال (1978ع)، يوناني قومي اڪيڊمي (1885ع) ۽ نئون شاھي محل جيڪو ھاڻي صدارتي محل آھي (1997ع) شامل آھن. ويھين صديءَ جي ٽئين ڏھاڪي ۾ يونان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ٿيل جنگ سبب اٽڪل ڏھ لک يوناني ترڪيءَ مان لڏي اچي اٿينس ۾ رھيا جنھن سبب شھر جي آباديءَ ۾ گھڻي واڌ آئي. ٻي علامگير جنگ دوران جرمنيءَ جي فوج ھن شھر تي قبضو ڪيو. انھيءَ قبضي دوران شھر ۾ ڪافي وڳوڙ ٿيا ۽ قابض فوجين خلاف بغاوت جي باھ ڀڙڪي اٿي.

ھاڻوڪو اٿينس

[سنواريو]

ٻي عالمگير جنگ کان پوءِ ھن شھر جي آباديءَ ۾ ٻيھر گھڻي واڌ آئي. يونان جي ڳوٺن ۽ ٻيٽن تان وڏي تعداد ۾ ماڻھو روزگار جي سلسلي ۾ ھن شھر ۾ اچي رھڻ لڳا. 1981ع ۾ يونان يورپي يونين جو ميمبر بنيو، جنھن ڪري ھتي ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا پر گڏوگڏ ٽريفڪ جي پيھ ۽ ماحول جي گدلاڻ ھتان جي تاريخي يادگارن کي نقصان پھچائڻ لڳي. ماحول جي گدلاڻ ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ھن شھر کي 1996ع وارين اولمپڪ راندين جي ميزباني نہ ملي سگھي. انھن مسئلن کي منھن ڏيڻ لاءِ يوناني حڪومت ۽ يورپي يونين گڏجي نوان پراجيڪٽ شروع ڪيا. اٿينس جو نئون ھوائي اڏو تعمير ٿيو ۽ شھر ۾ ميٽرو سروس شروع ڪئي وئي. فضائي گدلاڻ کي گھٽائڻ لاءِ شھر جي مرڪزي حصي ۾ موٽرڪارن جي امدورفت کي بہ گھٽايو ويو. انھن قدمن سبب اٿينس کي 2004ع وارين اولمپڪ راندين جي ميزبانيءَ جو اعزاز مليو. اھي رانديون نھايت ڪاميابيءَ سان ھن شھر ۾ منعقد ٿيون. 2008ع ۾ ھڪ پوليس آفيسر 15 سالن جي ھڪ شاگرد کي گوليون ھڻي ماري ڇڏيو جنھن سبب شھر ۾ ھڙتالون ۽ فساد ٿيا.

جاگرافي

[سنواريو]

ھي شھر اٽيڪا (Attica) جي مرڪزي ميدان ۾ ڦھليل آھي جنھن کي اٿينس بيسن (Athens Basin) يا اٽيڪا بيسن (Attica Basin) سڏيو وڃي ٿو. ھن ميدان جي چوڌاري چار وڏا جبل موجود آھن: اولھ ۾ ايگاليو جبل (Mount Aigaleo)، اتر ۾ پارنيٿا جبل (Mount Parnitha)، اتر اوڀر ۾ پينٽيليڪس جبل (Mount Pentelicus) ۽ اوڀر ۾ ھائيميٽس جبل (Mount Hymettus)[14]. اٿينس جو شھري علائقو 50 ڪلوميٽرن (31 ميلن) ۾ ڦھليل آھي. ھي شھر خط استوا کان 38 درجا اتر ۾ آباد آھي. ھن شھر مان ٽي تاريخي نديون گذرن ٿيون.

آبھوا

[سنواريو]

اٿينس شھر ۽ آسپاس واري علائقي ۾ اونھاري ۾ صحارا کان اٿندڙ گرم ھوائون لڳنديون آھن. انھن ھوائن جي اثر ڪري اونھاري ۾ موسم گھڻو ڪري گرم ۽ خشڪ رھندي آھي. سياري ۾ ھي شھر اولھ کان اٿندڙ ٿڌين ھوائن جي اثر ھيٺ رھندو آھي انڪري ھلڪي ٿڌ ۽ مينھن وسندو آھي. ھتي سال ۾ سراسري طور 433 ملي ميٽر (17 انچ) مينھن وسي ٿو. عام طور تي آڪٽوبر ۽ اپريل مينھوڳيءَ وارا مھينا ھوندا آھن جڏھن تہ جولاءِ ۽ آگسٽ گھڻو ڪري سال جا سڀ کان خشڪ مھينا ھوندا آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "v4.ethnos.gr – Οι πρώτοι… Αθηναίοι". Ethnos.gr. July 2011. حاصل ڪيل 16 مارچ 2022.
  2. "ΥΠΟΥΡΓΕΙΟ ΠΟΛΙΤΙΣΜΟΥ ΚΑΙ ΑΘΛΗΤΙΣΜΟΥ- Αρχική Σελίδα". www.culture.gov.gr. حاصل ڪيل 2022-03-16. 
  3. "Athens: History, Population, Landmarks, & Facts; Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-03-16. 
  4. "GaWC - The World According to GaWC 2020". www.lboro.ac.uk. حاصل ڪيل 2022-03-16. 
  5. Qihao Weng (23 May 2014). Global Urban Monitoring and Assessment through Earth Observation. CRC Press. p. 259. ISBN 978-1-4665-6450-3.
  6. "Homer, Odyssey, Book 7". www.perseus.tufts.edu. حاصل ڪيل 2022-03-17. 
  7. Burkert, Walter (1985). Greek religion. Internet Archive. Cambridge, Mass. : Harvard University Press. ISBN 978-0-674-36280-2. http://archive.org/details/greekreligion0000burk. 
  8. Walbank, Frank William; Sacks, Kenneth S. (2016-03-07). "Heliodorus (1), of Athens, Greek writer". Oxford Research Encyclopedia of Classics (Oxford University Press). http://dx.doi.org/10.1093/acrefore/9780199381135.013.2981. 
  9. "Editorial Board". Ethnos 76 (4): ebi–ebi. 2011-12. doi:10.1080/00141844.2011.646498. ISSN 0014-1844. http://dx.doi.org/10.1080/00141844.2011.646498. 
  10. Immerwahr, Sara Anderson (1971). "The Neolithic and Bronze Ages". The Athenian Agora 13: ii. doi:10.2307/3601979. ISSN 1558-8610. http://dx.doi.org/10.2307/3601979. 
  11. "A HISTORY OF THE AKROPOLIS OF ATHENS. [PLATES XV-XVIII.]". A History of the Akropolis of Athens. Gorgias Press. صفحا. 473–560. 
  12. Osborne, Robin (2009-03-16). Greece in the Making 1200-479 BC. doi:10.4324/9780203880173. http://dx.doi.org/10.4324/9780203880173. 
  13. Lewis, John (2010). Nothing less than victory : decisive wars and the lessons of history. Princeton: Princeton University Press. ISBN 978-1-4008-3430-3. OCLC 593295807. https://www.worldcat.org/oclc/593295807. 
  14. "Urban Heat Island - Your daily coverage regarding European news". Urban Heat Island (ٻولي ۾ German). حاصل ڪيل 2022-03-17.