يوگنڊا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ريپبلڪ آف يوگنڊا[1]

Jamhuri ya Uganda  (Swahili)
Flag of يوگنڊا
{{{coat_alt}}}
جھنڊو سرڪاري نشان
شعار: "خدا ۽ پنھنجي ملڪ لاء"
"kwa mungu na nchi yangu"
مڪانيت  يوگنڊا  (تيز نيرو) – نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو & چٽو ڀورو ناسي) – in the آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)
مڪانيت  يوگنڊا  (تيز نيرو)

– نقشو آفريڪا  (ھلڪو نيرو & چٽو ڀورو ناسي)
– in the آفريڪي يونين  (ھلڪو نيرو)

Location of يوگنڊا
گادي جو هنڌ
۽ سڀ کان وڏو شهر
ڪمپالا
دفتري ٻوليون انگريزي
سواحلي
مقامي آبادي يوگينڊن يا يوگنڊائي
حڪومت وحداني غالب صدارتي ريپبلڪ
• صدر
يوويري موسيويني
ايڊورڊ سسيڪانڊي
روھاڪانا روگونڊا
قانون ساز ادارو پارليامينٽ
آزادي
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان حاصل ڪئي
9 آڪٽوبر 1962
• موجوده آئين

8 آڪٽوبر

1995
پکيڙ
• جملي
241٬038 km2 (93٬065 sq mi) (79th)
• آبي (%)
15.39
آبادي
• 2016 اندازو
41,487,965[2] (35th)
• 2014 مردم شماري
34,634,650[3]
•  گھاٽائي
157.1 /km2 (406.9 /sq mi)
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) 2019 اندازو
• ڪل

$102.659

ارب يو ايس ڊالر [4]]])
• في سيڪڙو
$2,566[4]
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 اندازو
• ڪل
$30.765 ارب يو ايس ڊالر
• في سيڪڙو
$769[4]]])
جيني (2012) positive decrease 41.01[5]
وچولو
ايڇ ڊي آء (2017) Increase2.svg 0.516[6]
ڪمتر · 162nd
ڪرنسي يوگنڊائي شلنگ (UGX)
معياري وقت اوڀر آفريڪا جو وقت (متناسق عالمی وقت+3)
ڊرائيونگ جو پاسو کاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ +256a
انٽرنيٽ ڊومين .ug
  1. +006 ڪينيا ۽ تنزانيا کان


يوگنڊا يا يوگينڊا ,يا يوگانڊا: (انگريزي: Uganda) جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف يوگنڊا يا جمھوريہ يوگنڊا آھي , اوڀر آفريڪا ۾ واقع ھڪ ملڪ آھي جنھن جي اوڀر ڪينيا، اتر ۾ ڏکڻ سوڊان، اولھ ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو، ڏکڻ اولھ ۾ روانڊا ۽ ڏکڻ ۾ تنزانيا واقع آھن. ھن ملڪ جي ڏاکڻي پاسي جو وڏو حصو وڪٽوريا ڍنڍ تي مشتمل آهي جنھن جا باقي حصا تنزانيا ۽ ڪينيا ۾ آھن. يوگنڊا آفريڪا ۾ ڍنڍن جي سرزمين آھي ۽ نيل درياء جي بيسن پڻ ھتي واقع آهي.

تاريخ[سنواريو]

يوگنڊا جو نالو بوگنڊا بادشاھت مان نڪتل آهي جنھن ۾ ملڪ جو ڏکڻ پاسي وارو وڏو حصو گاديءَ جي هنڌ ڪمپالا سميت شامل ھيو. ٻہ ھزار سال پھرين ھتي جا ماڻھو شڪار تي گذران ڪندڙ ھيا پر 1700 سال اڳ بانٽو ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻھن جي ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ ھجرت بعد انھن جي معيشت م تبديلي آئي. ھتي ھڪ روايت مطابق ڪٽارا ايمپائر جي دور ۾ ھتان جي وڏين ڍنڊن وارا علائقا ان ايمپائر جو حصو ھيا جن ۾ وڪٽوريا ڍنڍ ۽ ٽانگانيڪا ڍنڍ سان گڏوگڏ البرٽ ڍنڍ ۽ ڪيوگا ڍنڍ جا علائقا شامل ھيا[7]. 1894 جي شروعات ۾ ھي ملڪ برطانيا جي بيٺڪ بڻايو ويو ۽ برطانيا ھن ملڪ جا انتظامي قانون ٺاھيا. 9 آڪٽوبر 1962 ۾ برطانوي قبضي مان آزاد ٿيو. جنھن بعد گھرو ويڙھ جي ور چڙهي ويو. ان جي اتر واري علائقي ۾ جوزف ڪوني جي قيادت م خدا جي مزاحمتي فوج ذريعي بغاوت سبب حالتون خراب ٿي ويون ۽ لکين ماڻھو جنگ جو کاڄ ٿي ويا.[8]

يوگنڊا جي برطانوي والاريل رياست جو جھنڊو

عرب واپاري ھن خطي ۾ ھندي سمنڊ مان اوڀرندي ساحل کان 1830 ۾ اچڻ شروع ٿيا جن جي پٺيان ھتي 1860 واري ڏھاڪي ۾ برطانوي کوجنا ڪندڙ نيل درياء جي پاڻي جي وسيلي جي تلاش ۾ اتي پھتا.[9] برطانوي اہنگليڪن تبليغي بوگنڊا کي بادشاھت ۾ تبليغ ڪرڻ لاء 1877 ۾ پھتا جنھن بعد 1879 ۾ فرانسيسي ڪيٿولڪ تبليغي ستي پھتا.1888 جي شروعات ۾ برطانوي حڪومت امپيريل برٽش ايسٽ آفريڪا ڪمپني کي واپاري معاھدہ شروع ڪرڻ لاء ڳالھيون ٻولھيون شروع ڪرڻ جي خاص منظوري ڏئي.[10] 1886 کان لاڳاتار بوگنڊا ۾ مسلمانن ۽ عيسائين ۾ بعد ۾ با-انگليزا پروٽيسٽنٽ ۽ با- فرانسا ڪيٿولڪ وارن وچ ۾ مذھبي فساد ھلندا رھيا .[11] انھن فسادن کي منھن ڏيندي مالياتي بار ھيٺ امپيريل برٽش ايسٽ آفريڪا ڪمپني بوگنڊا جي قبضي کي جاري رکڻ کان لاچاري ظاھر ڪئي جنھن ڪري برٽش سرڪار نيل درياء واري رستي تي پنھنجي واپار جي مفادن جي تحفظ لاء 1894 ۾ بوگنڊا ۽ ان جي اردگرد وارن علائقن کي ملائي يوگنڊا نالي ھڪ والاريل رياست (protractorate) قائم ڪئي. [12] جنھن تي 1962 تائين برطانيا پنھنجو قبضو برقرار رکيو.1890 واري ڏھاڪي ۾ برٽش انڊيا مان 32000 مزدورن کي اوڀر آفريڪا ۾ آندو ويو جن ھتي ريلوي لائين تعمير ڪئي.[13] انھن مان 6724 مزدور واپس نہ ويا ۽ اتي ئي رھي پيا.[14] اھي اتي واپاري بڻجي ويا جن ريزڪي واپار ۽ ڪپھ مان سٽ ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو.[15] 1900 کان 1920 م آفريڪي چشم ترفائي (trypanosomiasis) نالي بيماري ۾ اڍائي لک ماڻھو مري ويا.[16]

خودمختيار يوگنڊا[سنواريو]

ھي ملڪ 9 آڪٽوبر 1962 ۾ برطانوي تسلط کان آزاد ٿيو پر راڻي ايلزبيٿ ٻين بطور رياست جي سربراھ جي برقرار رھي. آڪٽوبر 1963 ۾ ھي ملڪ جمھوريہ (republic) بڻيو, تنھن ھوندي بہ قومن جي دولت مشترڪه ۾ شامل رھيو. ملڪ م آزادي کان پوء پھريون دفعو چونڊون 1962 ۾ منعقد ٿيون جن ۾ يوگنڊا پيپلز ڪانگريس ٻي پارٽي ڪاباڪا ييڪا جو اتحاد کٽي آيو جن پھرين حڪومت ٺاھي جنھن جو سربراھ بطور وزيراعظم ملٽن اوبوٽ ٿيو ۽ ايڊورڊ موٽيسا صدر ٿيو.[17][18]

جنجا ضلعي ۾ نالوبالي ھائڊرواليڪٽرڪ پاور اسٽيشن
ڪمپالا ۾ ڪمپالا روڊ تي يوگنڊا جي پرنٽر واري عمارت

يوگنڊا جا آزادي جا شروعاتي سال مرڪزي حڪومت ۽ بوگنڊا واري وڏي ۾ وڏي علائقائي بادشاھت جي وچ ۾ تعلقاتن ۾ الجھيا رھيا.[19] جڏهن برطانيا يوگنڊا جي ولاريل رياست قائم ڪئي ھئي تڏھن کان ئي ان بوگنڊا واري بادشاھت جي نئين وحداني رياست م حيثيت ھڪ مسئلو رھي ۽ بيٺڪي گورنر ان جي حل جو ڪو بہ مؤثر فارمولو ٺاھڻ ۾ ناڪام رھيا. بوگنڊا جي آزادي م دلچسپي نہ ھئي پر اھا بادشاھت ڍلي نظام ۾ وڌيڪ مطمئن رھي جنھن سان جنھن سان رياست جي اندر ان جي ٻين تي برتري جي خاص رعايت جي ضمانت ھئي.[20] بوگنڊا ۾ بہ اختلاف ٿي پيا ھيا ھڪ ڌر چاھيو پئي تہ ڪاباڪا بطور اثرائتو شاھي حاڪم ھجي ۽ ٻي ڌر يوگنڊا کي ھڪ سيڪيولر ريپبلڪ ڏسڻ چاهيو پئي. ان ٽڪراء بوگنڊا جي ٻن مضبوط پارٽين کي جنم ڏنو. ھڪ ھئي ڪاباڪا ييڪا (رڳو ڪاباڪا) ٻي ھئي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جنھن جون جڙون ڪيٿولڪ چرچ ۾ ھيون. ٻئين ھڪٻئي جون سخت مخالف پارٽيون ھيون[21] بوگنڊا کان ٻاھر وري اتر يوگنڊا جي ملٽن اوبوٽ جي پارٽي يوگنڊا پيپلز ڪانگريس ھئي جنھن ۾ غير بوگنڊائي سياستدان شامل ھيا.[22] 1966 ۾ ابوٽ جي حڪومت ۽ بادشاھ موٽيسا جي وچ ۾ اقتدار جي ڪشمڪش دوران ابوٽ آئين معطل ڪري ڇڏيو ۽ رسمي صدر ۽ نائب صدر کي معزول ڪري ڇڏيو. 1967 ۾ نئون آئين آڻي ملڪ کي جمھوريہ قرار ڏئي روايتي علائقائي بادشاھتن جو خاتمو آندو ويو. اوبوٽ ملڪ جو نئين آئين تحت صدر بڻجي ويو.[23] 25 جنوري 1971 ۾ جنرل ايدي امين فوجي بغاوت آڻي صدر اوبوٽ کي معزول ڪري ملڪ جو اقتدار پنھجي قبضي ۾ آندو ۽ پاڻ کي ڊڪٽيٽر قرار ڏئي فوج جي مدد سان اٺن سالن تائين ملڪ جو حاڪم رھيو.[24] ھن پنھنجي اقتدار کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪافي قتل عام ڪرايو. ھڪ اندازي مطابق ھن جي دؤر حڪومت ۾ 80 ھزار کان وڌيڪَ ماڻھو مارجي ويا.[25] ھن 1972 ۾ ھندوستاني اقليت کي ملڪ مان بي دخل ڪري ڪڍي ڇڏيو.[26] 1979 ۾ يوگنڊا ۽ تنزانيا جي جنگ ذريعي ايدي امين جي اقتدار جو خاتمو ٿيو جنھن ۾ تنزانيا جي فوج ايدي امين جي مخالفن جي مدد ڪئي ھئي.

ٻين ڪانگو واري لڙائيءَ جون ڌريون. بين الاقوامي انصاف جي عدالت 19 ڊسمبر 2005 ۾ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو جي داخل ڪيل ڪيس ۾ فيصلو ڏنو جنھن تحت يوگينڊا کي ڪانگو تي حملو ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙيون ڪرڻ جو ذميدار قرار ڏنو ويو.[27]

جنوري 1986 ۾ فوج طرفان حڪومت جي معزولي بعد يوويري موسيويني ملڪ جو صدر ٿيو جنھن ملڪ م غير جماعتي سياسي نظام قائم ڪيو. جولاءِ 2005 م آئيني ريفرنڊم ذريعي ان نظام جو خاتمو آڻي سياسي پارٽين جي نظام کي بحال ڪيو ويو. ھن جي دؤر م يوگنڊا ڪانگو جي جمھوري ريپبلڪ تي حملو ڪيو ۽ ان جنگ ۾ 1998 کانوٺي جنگ جي خاتمي تائين 54لک ماڻھو جنگ جو کاڄ ٿي ويا. ان بعد يوگنڊا ڍنڍن واري ملڪي حصي ۾ خدا جي مزاحمتي فوج سان گھرو ويڙھ جي ور چڙھي ويو. ان گھرو ويڙھ ۾ ھزارين ماڻھو مري ويا ۽ لکين ماڻهن بي گھر ٿي ھجرت ڪئي.[28] 2005 ۾ پارليامينٽ صدر جو مدو ختم ڪري ڇڏيو.[29] فيبروري 2006 جي صدارتي چونڊن ۾ موسيويني کوڙ اميدوارن سان مقابلو ڪيو. 18 فيبروري 2011 واري چونڊن ۾ موسيويني صدر چونڊجي آيو پر مخالف ڌر ان تي ڌانڌلي جا الزام ھنيا

ٻوليون[سنواريو]

يوگنڊا جو ٻولين وارو نسلي نقشو

ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي ۽ سواحلي ٻولي آھي.[30] ملڪ جي وچولي حصي جي ٻولي لوگنڊا ٻولي آھي جيڪا پڻ پوري ملڪ ۾ ڳالھائي وڃي ٿي.لڪ جون ٻيون ٻوليون رونيورو ٻولي (Runyoro), رونيانڪول ٻولي (Runyankole), روڪيگا ٻولي(Rukiga)، ڏاکڻي لوئو ٻولي(Luo) شامل آهن.

جاگرافي[سنواريو]

يوگنڊا جو علائقائي نقشو.

ھي ملڪ اوڀر آفريڪي زميني پليٽ تي واقع آھي. ان جي ڏاکڻي پاسي کوڙ ڍنڍون واقع آھن جن مان وڪٽوريا ڍنڍ سڀ کان وڏي آھي جنھن ۾ ٻيٽ پڻ واقع آهن. ڪيوگا ڍنڍ ملڪ جي بلڪل وچ ۾ آھي. ڪمپالا ملڪ جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. نيل درياءَ جي شروعات ھن ملڪ مان ٿئي ٿي. نيل وڪٽوريا مان نڪري ڪيوگا ڍنڍ ۾ ، جنھن بعد ڪانگو لڳ البرٽا ڍنڍ مان ٿيندو ڏکڻ سوڊان کان مٿي مصر طرف وھندڙ آھي [31]

سياست[سنواريو]

يوويري موسيوني، 1986 کان وٺي رھندڙ يوگنڊا جو صدر

يوگنڊا جو صدر رياست ۽ حڪومت ٻنھي جو سربراھ آھي. صدر ئي نائب صدر ۽ وزيراعظم ٻنھي کي ملڪ جو صدر مقرر ڪندو آهي. ملڪ جي پارليامينٽ يوگنڊا جي قومي اسيمبلي آهي جنھن جا 449 ميمبر آھن جن م 290 مختلف تڪن جا نمائندا، 116 ضلعي نمائنده عورتون، 10 يوگنڊا جي پيپلز ڊفينس سروس جا نمائندا، 5 نوجوانن جا نمائندا، 5 مزدورن جا نمائندا، 5 معزورن جا نمائندا ۽ 18 غير سرڪاري نمائنده شامل آهن. ملڪ ۾ رشوت ھڪ وڏو مسئلو آهي. ورلڊ بئنڪ جي 2015 واري عالمي حڪمراني جي اشارين مطابق يوگنڊا دنيا جو 12 نمبر وڌيڪ بدعنواني وارو ملڪ ھيو .[32]

مذھب[سنواريو]

اينٽيبي شھر جي ھڪ ڪليسا
يوگنڊا جي نئشنل مسجد

2014 جي آدمشماري مطابق يوگنڊا جي آبادي جو 85 سيڪڙو عيسائيت سان تعلق رکندڙ ، 14 سيڪڙو مسلمان آهن [33] عيسائيت ۾ وري رومن ڪيٿولڪ گھڻائي ۾ آھن.[33][34]

حوالا[سنواريو]

  1. Article 5, Chapter 2, Constitution of Uganda, 1995, accessed 17 January 2017
  2. "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017. 
  3. "Republic of Uganda – Census 2014 – Final Report – Table 2.1 page 8" (PDF). 
  4. 4.0 4.1 4.2 "Uganda". International Monetary Fund. حاصل ڪيل 13 July 2019. 
  5. "Gini index (World Bank estimate)". World Bank. حاصل ڪيل 17 January 2017. 
  6. "2016 Human Development Report" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 21 March 2017. 
  7. Mwakikagile, Godfrey (2009). Ethnicity and National Identity in Uganda: The Land and Its People. New Africa Press. p. 87. https://books.google.com/books?id=uZFrWECQ-PgC&pg=PA87&dq=bachwezi+empire&hl=en&sa=X&ved=0CFMQ6AEwB2oVChMImarg3oHVyAIVAocaCh0EmQKb#v=onepage&q=bachwezi%20empire&f=false. 
  8. "Who is Joseph Kony? A look at the Ugandan warlord | Toronto Star". thestar.com. حاصل ڪيل 9 December 2016. 
  9. Stanley, H. M., 1899, Through the Dark Continent, London: G. Newnes, ISBN 0486256677
  10. Pulford, Cedric (2011). Two Kingdoms of Uganda: Snakes and Ladders in the Scramble for Africa. Daventry: Ituri Publications. 
  11. Beachey, R. W. (1962). "The Arms Trade in East Africa in the Late Nineteenth Century". The Journal of African History: 451. doi:10.1017/s0021853700003352. 
  12. J. H. Kennaway. "House of Commons: Address In Answer To Her Majesty's Most Gracious Speech – Adjourned Debate". Commons and Lords Hansard. حاصل ڪيل 17 January 2017. 
  13. Evans, Ruth. "Kenya's Asian heritage on display". BBC. حاصل ڪيل 18 January 2017. 
  14. Chao. "THE LUNATIC EXPRESS – A PHOTO ESSAY ON THE UGANDA RAILWAY.". Thee Agora. وقت 22 April 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 January 2017. 
  15. West, Stewart. "Policing, Colonial Life and Decolonisation in Uganda, 1957–1960" (PDF). The Ferguson Centre for African and Asian Studies, Working Paper No. 03. صفحا. 3–4. وقت 2015-09-30 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. 
  16. Fèvre, E. M.; Coleman, P. G.; Welburn, S. C.; Maudlin, I. "Reanalyzing the 1900–1920 Sleeping Sickness Epidemic in Uganda" (PDF). Emerging Infectious Diseases. US: Centers for Disease Control and Prevention. حاصل ڪيل 18 January 2017. 
  17. "History of Parliament". وقت 20 February 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 April 2010.  (Website of the Parliament of Uganda)
  18. "Buganda Kingdom: The Uganda Crisis, 1966". Buganda.com. حاصل ڪيل 3 May 2010. 
  19. Lee, J. M. (January 1964). "Uganda's first year of Independence". The Political Quarterly 35 (1): 35–45. doi:10.1111/j.1467-923X.1964.tb01966.x. 
  20. Young, Crawford (1979). The politics of cultural pluralism. Madison: University of Wisconsin Press. pp. 248–250. ISBN 9780299067441. 
  21. Mutibwa, Phares (1992). Uganda since independence, a story of unfulfilled hopes. London: Hurst. ISBN 9781850650669. 
  22. Kasozi, A. B. K. (1994). The social origins of violence in Uganda, 1964–1985. Montreal: McGill-Queens's University Press. ISBN 9780773512184. 
  23. "Background Note: Uganda". Bureau of African Affairs, United States Department of State. حاصل ڪيل 21 January 2017. 
  24. "A Country Study: Uganda", Library of Congress Country Studies
  25. Keatley, Patrick (18 August 2003). "Obituary: Idi Amin". The Guardian. https://www.theguardian.com/news/2003/aug/18/guardianobituaries. Retrieved 18 March 2008. 
  26. "UK Indians taking care of business", The Age (8 March 2006). Retrieved 24 March 2013.
  27. "Court orders Uganda to pay Congo damages". The Guardian. 20 December 2005
  28. "No End to LRA Killings and Abductions". Human Rights Watch. 23 May 2011. https://www.hrw.org/news/2011/05/23/no-end-lra-killings-and-abductions. 
  29. "Uganda term-limits bill grandfathers Museveni", The Washington Times, 23 April 2012, accessed 21 June 2015
  30. "Article 6, Chapter 2, Constitution of the Republic of Uganda, 1995". 
  31. name=DataBasin>"Maps". Data Basin. 
  32. "Workbook: WGI-9-23-16". dataviz.worldbank.org. 
  33. 33.0 33.1 "2014 Uganda Population and Housing Census – Main Report" (PDF). Uganda Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 17 April 2018. 
  34. "2002 Uganda Population and Housing Census – Main Report" (PDF). Uganda Bureau of Statistics. حاصل ڪيل 26 March 2008.