بيلاروس
ريپبلڪ آف بيلاروس
| |||||
|---|---|---|---|---|---|
| |||||
ترانو:
| |||||
| گادي جو هنڌ | منسڪ 53°55′N 27°33′E / 53.917°N 27.550°E | ||||
| سڀ کان وڏو شهر | منسڪ | ||||
| دفتري ٻوليون | |||||
| نسلي گروھ | |||||
| مقامي آبادي | بيلورشين | ||||
| حڪومت | وحداني صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
اليگزينڊر ليوڪا شينڪو | ||||
| سرجي ريومس | |||||
| مقننه | قومي اسيمبلي | ||||
| ڪائونسل آف ريپبلڪ | |||||
| ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز | |||||
| قيام | |||||
| 987 | |||||
| c. 1236 | |||||
| 1 جولائي 1569 | |||||
| 1795 | |||||
• سوويت روس کان آزادي ؛ عوامي جمھوريہ بيلاورس |
25 مارچ 1918 | ||||
• بيلاروسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ جو قيام |
17 فيبروري 1919 | ||||
• بيلاروسي سوويت سوشلسٽ ريپبلڪ |
31 جولائي 1920 | ||||
• اولھ بيلاروسي انضمام |
15 نومبر 1939 | ||||
• رياستي خودمختياري جو اعلان |
27 جولائي 1990 | ||||
•
سوويت يونين کان آزادي |
25 آگسٽ 1991 | ||||
| 8 ڊسمبر 1991 | |||||
• آزادي تسليم ڪئي وئي |
26 ڊسمبر 1991 | ||||
| 15 مارچ 1994 | |||||
| پکيڙ | |||||
• جملي |
207٬595 km2 (80٬153 sq mi) (84th) | ||||
• پاڻي (%) |
1.4% (2.830 km2 يا 1.093 sq mi) | ||||
| آبادي | |||||
• 2018 اندازو |
9,491,800 | ||||
• گھاٽائي |
45.8 /km2 (118.6 /sq mi) (142nd) | ||||
| جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$188 ارب[2] | ||||
• في سيڪڙو |
$20,008[2] (GDP_nominal = $59 ارب [2]) | ||||
| جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
بيلاروس (Belarus؛
i/bɛləˈruːs/)، سرڪاري طور تي بيلاروس جي جمهوريه، اوڀر يورپ ۾ هڪ خشڪي سان گھريل ملڪ آهي.[3] روسي ٻولي ۾ بيلورشيا (Byelorussia) به سڏبو آهي. ان جي اوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ روس، ڏکڻ ۾ يوڪرين، اولهه ۾ پولينڊ ۽ اتر اولهه ۾ لٿوانيا ۽ لاتويا آهن. بيلاروس 2,07,600 چورس ڪلوميٽر (80,200 چورس ميل) جي ايراضي تي پکڙيل آهي ۽ هن جي آبادي 91 لک آهي. اهو انتظامي طور تي ڇهن علائقن ۾ ورهايل آهي. منسڪ گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شهر آهي. هن شهر کي خاص حيثيت سان هڪ شهر جي طور تي الڳ انتظام ڪيو ويندو آهي.
هي ملڪ پنهنجي قيام کان وٺي گڏيل قومن جو ميمبر آهي. اهو CIS، CSTO، EAEU، OSCE، ۽ غير وابسته تحريڪ ۾ شامل رهيو آهي. هن يورپي يونين ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا به خواهش نه ڏيکاري آهي پر بلاڪ سان ٻه طرفي لاڳاپا برقرار رکي ٿو، ۽ باڪو انيشيئيٽو ۾ پڻ حصو وٺندو آهي. بيلاروس صرف ٽن يورپي ملڪن مان آهي (روس ۽ ڪوسووو سان گڏ) جيڪو يورپ ڪائونسل جو ميمبر ناهي. ڪائونسل سان ان جو محدود تعلق 2022ع ۾ معطل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته ان سال اپريل ۾ ان جي علائقي مان يوڪرين تي روسي حملي جي سهولت فراهم ڪئي وئي هئي.
تاريخ
[سنواريو]ستر سال سوويت يونين سان گڏ رھڻ بعد بيلاورس 1991 ۾ آزادي حاصل ڪئي پر ھن سموري گذريل سوشلسٽ ريپبلڪن مان سڀ کان وڌيڪَ معاشي تعلقات روس سان رکيا. 8 ڊسمبر 1999 تي بيلاروس ۽ روس سياسي ۽ معاشي سالميت جو ھڪ معاھدو پڻ عمل ۾ آندو.[4]
جاگرافي
[سنواريو]بيلاورس اوڀر يورپ ۾ پولينڊ جي اوڀر ۾ واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيھڪ53 00 N, 28 00 E آهي . پکيڙ 207,600 چورس ڪلوميٽر جنھن ۾ خشڪي 202,900 چورس ڪلوميٽر ء پاڻي 4,700 چورس ڪلوميٽر آهي.پکيڙ ۾ دنيا جي ملڪن ۾ ان جو نمبر 87 آهي. ھن ملڪ جي زميني سرحد 3642 ڪلوميٽر آهي. اھا سرحد پنجن ملڪن سان ملي ٿي، جن مان ليٽويا سان 161 ڪ.م.، لٿونيا سان 640 ڪ م ، پولينڊ سان 418 ڪ م ، روس سان 1312 ڪ م ۽ يوڪرائن سان 1111ڪ.م. آھي. ھي ملڪ زمين سان گھيريل ملڪ آھي. سمنڊ کان سراسري بلندي 160 ميٽر اٿس. نيومن درياء جي سطح سڀ کان ھيٺ 90 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام زيارزينسڪايا ھارا آھي جتان جي اوچائي 346 ميٽر آھي.[4]
آبهوا
[سنواريو]موسم سياري ۾ تمام ٿڌي، اونھاري ۾ ٿڌي ۽ گھميل رھندي آھي.[4]
قدرتي وسيلا ۽ معدنيات
[سنواريو]ھتان جي قدرتي وسيلن ۽ معدنيات ۾ عمارتي ڪاٺ، ڪوئلو، ٿوري مقدار ۾ تيل ۽ گيس، گرينائيٽ، لائيم اسٽون، چونو ، واري ، بجري ۽ ميٽ شامل آھن.[4]
زراعت
[سنواريو]ھن ملڪ جي زراعت واري زمين ملڪ جي ڪل زمين جو 43.7 سيڪڙو آھي جنھن مان پوکي جي لائق وري ان جو 27.2 سيڪڙو، مستقل فصل 0.6 سيڪڙو، مستقل چراگاھون 15.9 سيڪڙو ۽ ٻيلا 42.7 سيڪڙو آھن.2012 جي رڪارڊ مطابق ڪل زمين جو 1140 چورس ڪلوميٽر زمين آبپاشي واري آھي[4].
آبادي
[سنواريو]جولاءِ 2017 ۾ ھن ملڪ جي آبادي 9,549,747 ھئي ۽ دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان 93 نمبر تي ھيو. ھتان جي ماڻهن کي بيلورشين يا بيلورشيائي يا بيلاروسي بہ چوندا آهن. ھن ملڪ جي ماڻهن ۾ بيلاروسي ماڻهو 83.7 سيڪڙو، روسي 8.3 سيڪڙو، پولش 3.1 سيڪڙو، يوڪريني 1.7 سيڪڙو آھن.ھتان جي ماڻهن جي گھڻي ڳالھائي ويندڙ ٻولي بيلاروسي آھي جنھن جا ڳالھائيندڙ 83.7 سيڪڙو آھن. ٻئي نمبر تي روسي 8.3 سيڪڙو ، يوڪرائيني ٻولي 1.7 سيڪڙو آھي. 2011 جي رڪارڊ مطابق ھتان جا 48.3 سيڪڙو ماڻهو آرٿوڊڪس مذھب سان تعلق رکندڙ آھن، 7.1 سيڪڙو ڪيٿولڪ، 3.5 سيڪڙو ٻيا مذھب ۽ 41.1 سيڪڙو لامذھب آھن.[4]
نالي جي معنیٰ
[سنواريو]بيلاروس لفظ بيلاروسي ٻولي جي ٻن لفظن بيل (bel) ۽ روس (rus) مان نڪتل آهي. بيل لفظ جي معنیٰ آھي سفيد يا اڇو ۽ روس معنیٰ روس جو ملڪ آھي. اھڙي طرح بيلاروس جي معني سفيد روس آهي[4].
حڪومتي ۽ سياسي انتظام
[سنواريو]

ملڪ جو نالو جمھوريہ بيلاورس آھي. ملڪ جو رياستي نظام صدارتي آھي جيڪو آمريت جي مثل آهي. ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ منسڪ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 53 54 N, 27 34 E آهي.ھتي صوبن کي ووبلاسٽسي (انگريزي: voblastsi) چون ٿا . ملڪ ۾ 6 صوبا ۽ ھڪ ميونسپلٽي آھي. ھن ملڪ ۾ ٻٽي شھريت قابل قبول ناهي ۽ شھريت لاءِ ستن سالن جي رھائش شرط آهي. ووٽ جو حق 18 سالن جي ڄمار ۾ مليل آهي. رياست جو سربراھ صدر ۽ حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آهي[4]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.belstat.gov.by/ofitsialnaya-statistika/ssrd-mvf_2/natsionalnaya-stranitsa-svodnyh-dannyh/naselenie_6/chislennost-naseleniya1_yan_poobl//
- 1 2 3 "Belarus", International Monetary Fund, 2018, حاصل ڪيل 26 October 2017۔
- ↑ UN Statistics Division (1 April 2010), "Standard Country and Area Codes Classifications (M49)", United Nations Organization, 17 April 2010 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 22 April 2010۔ اڻڄاتل پيراميٽر
|deadurl=نظر انداز ڪيو ويو (مدد) - 1 2 3 4 5 6 7 8 آرڪائيو ڪيا ويا 2007-11-14 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سي.آء. اي. فيڪٽس بڪ
- مضمون جن ۾ Belarusian ٻولي جا اکر آھن
- مضمون جن ۾ Russian ٻولي جا اکر آھن
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- بيلاروس
- ملڪ
- يورپي ملڪ
- اوڀر يورپي ملڪ
- زمين بند ملڪ
- گڏيل قومن جا ڀاتي ملڪ
- روسي-ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ علائقا
- 1991 ۾ ٺاهيل رياستون ۽ علائقا
- آزاد رياستن جي ڪامن ويلٿ جون ڀاتي رياستون