قبرص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
جمھوريہ قبرص

Flag of سائپرس
جھنڊو سرڪاري نشان
ترانو: Ὕμνος εἰς τὴν Ἐλευθερί]]( يوناني ٻوليءَ ۾ قومي ترانو 1966 وزيرن جي ڪائونسل منظور ڪيو هو) .[1]
قبرص جو مقام ( ھيٺين ساڄي پاسي واري تصوير) ريپبلڪ آف قبرص تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل جنھن ۾ اتر قبرص واري پاڻمرادو اعلانيل ريپبلڪ ھلڪي سائي رنگ ۾ ۽ باقي يورپي يونين وارو ھنڌ جھيڻي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل.
قبرص جو مقام ( ھيٺين ساڄي پاسي واري تصوير) ريپبلڪ آف قبرص تيز سائي رنگ سان ڏيکاريل جنھن ۾ اتر قبرص واري پاڻمرادو اعلانيل ريپبلڪ ھلڪي سائي رنگ ۾ ۽ باقي يورپي يونين وارو ھنڌ جھيڻي سائي رنگ ۾ ڏيکاريل.
گادي جو هنڌ نڪوسيا  
35°10′N 33°22′E / 35.167°N 33.367°E / 35.167; 33.367
سڀ کان وڏو شهر نڪوسيا
دفتري ٻوليون
اقليتي ٻوليون
مقامي ٻوليون
نسلي گروھ
مقامي آبادي قبرصي يا سائپريٽ
حڪومت وحداني رياست صدارتي نظام آئيني ريپبلڪ
• صدر
نڪوس ايناسٽاسياڊز
خالي [3]
ديميترس سلئورس

"آزادي جي ثنا "

قانون ساز ادارو ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
آزادي : يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
19 فيبروري 1959
• آزادي جو اعلان
16 آگسٽ 1960
1 آڪٽوبر 1960
• يورپي يونين ۾ شرڪت
1 مئي 2004
پکيڙ
• ٽوٽل[4]
9٬251 km2 (3٬572 sq mi) (162nd)
• آبي (%)
9
آبادي
• 2016 اندازو
1,70,125 ( اتر قبرص سميت) (158th)
• 2011 مردم شماري

838,897 (اتر قبرص کان بغير)

[5]
•  گھاٽائي
[آلہ تبدیل: invalid number] ( 82nd)
جي ڊي پي (مساوي قوت خريد) 2019 اندازو
• ڪل

$35.970  ارب ڊالر

[7] ( ملڪن جي جي.ڊي.پي. جي فھرست(مساوي قوت خريد)
• في سيڪڙو
$41,572[7] (35th)
جي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2019 اندازو
• ڪل
$24.996  ارب ڊالر ملڪن ۾ جي ڊي پي جو شمار{سانچو:GDP nominal rank)
• في سيڪڙو
$28,888[7] ([ ملڪن جي جي.ڊي.پي. فھرست
جيني (2017) positive decrease 30.8[8]
وچولو
ايڇ ڊي آء Increase2.svg 2017[9]
Error: Invalid HDI valueسانچو: ملڪي مضمون جن جي سنوار گھربل · 32nd
ڪرنسي يورو (EUR)
معياري وقت اوڀر يورپي وقت (متناسق عالمی وقت+2)
EEST (متناسق عالمي وقت+3)
ڊرائيونگ جو پاسو کاٻو پاسو
ڊائلنگ ڪوڊ 357+
انٽرنيٽ ڊومين .cy


قبرص يا سائپرس :(انگريزي: Cyprus ) جنھنکي ريپبلڪ آف سائپرس بہ چوندا آهن ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو پکيڙ ۽ آبادي ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ جي ٽئين نمبر وڏي ٻيٽ تي مشتمل آهي.[10] [11] ھي ملڪ ترڪي جي ڏکڻ ، شام ۽ لبنان جي اولھ ، اسرائيل ۽ فلسطين جي اتر اولھ ۽ مصر جي اتر ۾ واقع آهي. قبرص ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ ھڪ وڏو سياحتي مقام آھي[12][13][14] ۽ اھو ترقي يافتہ ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ آھي.[15] جنھن جي آمدني تمام وڏي آھي ۽ انساني ترقي جو اشاريو بہ تمام مٿي اٿس[16][17] ھي ملڪ 1961 کان قومن جي ڪامن ويلٿ جو رڪن آهي ۽ غير جانبدار تحريڪ جو باني ملڪ ھيو ۽ پھرين مئي 2004 ۾ ھي ملڪ يورپي يونين۾ شامل ٿي ويو.[18] پھرين جنوري 2008 ۾ ھي ملڪ يورو زون ۾ شامل ٿيو.

تاريخ[سنواريو]

قبرص جي تاريخ ھزارين سال پراڻي پٿر جي نئين دؤر واري آھي. اھو دنيا جي قديم ترين کوھن جي سرزمين پڻ آهي.[19] ھزارين سال اڳ ھن ملڪ جي ڌرتي تي يونان جي علائقي ميڪينيا جا ماڻھو اچي آباد ٿيا. ان جي اھم جاگرافيائي مقام جي ڪري مختلف دؤرن م مختلف سامراجن ان تي قبضو ڪندا رھيا. نئين اشور جي ايمپائر جي قبضي بعد مصر جي ايمپائر ان تي قابض ٿي. ان بعد ايران جي اڪيميني ايمپائر ان تي قبضو ڪيو جنھن کان 333 ق م ۾ سڪندراعظم قبضو کسيو. بعد ۾ مصر جي ٽالمي ايمپائر ان تي قابض ٿي. ان بعد رومن ايمپائر ۽ پوء بازنطيني ايمپائر، پوء ٿورڙو عرصو عربن جي خلافت، پوء فرانس جي لوزنيان گھراڻي جي قبضي ۾ رھيو. ان بعد وينس جي ريپبلڪ جنھن کان پوءِ خلافت عثمانيه لاڳيتو ٽي صديون 1571 کان 1878 ۽ قانون مطابق 1914 تائين قبرص تي قابض رھي. .[20] شروع ۾ قبرص واري ڪنوينشن مطابق 1878 کان قبرص برطانيا جي نگراني ۾ رھيو ۽ 1914 ۾ باقاعده برطانيا ۾ شامل ڪيو ويو جڏھن تہ 1950 واري ڏھاڪي ۾ ان جي 18 سيڪڙو ترڪ آبادي اتر قبرص م علحده رياست قائم ڪري ڇڏي. ترڪي بہ قبرص جو دعويدار رھيو آھي ۽ ان کي اناطوليہ جو حصو سمجھي ٿو. ارڙھين صدي کان قبرص جا يوناني ڳالھائيندڙ آرٿوڊڪس ڪليسا سان تعلق رکندڙ ماڻھو قبرص کي يونان جي حصي ھجڻ جي دعوي ڪندي ان جي يونان سان الحاق جو مطالبو ڪن ٿا. [21][22] [23] 1960 ۾ لنڊن زيورچ معاھدن جي روشني ۾ قبرص کي آزادي ملي.[24] 1963 ۽ 1964 ۾ ھتي يوناني ۽ ترڪ ٻوليون ڳالھائيندڙن جي وچ ۾ نسلي فساد ٿيا جنھن ڪري اٽڪل 25000 ترڪن کي پنھنجا گھر ڇڏي ٻين ھنڌن تي منتقل ٿيڻو پيو جنھن سان ترڪن جي ريپبلڪ ۾ نمائندگي ختم ٿي وئي. 15 جولاءِ 1974 تي قبرص جي يوناني قومپرستن جي مدد سان ھن ملڪ م فوجي بغاوت ٿي .[25][26] [27] جيڪا قبرص کي يونان ۾ شامل ڪرڻ جي ھڪ ڪوشش ھئي جنھن تي ترڪي 20 جولاءِ تي قبرص تي حملو ڪري اندر فوج ڪاھي آيو [28] جنھن سان اتر قبرص ان جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ آگسٽ م جنگبندي عمل ۾ آئي ۽ تقريبن 150000 قبرص جي يوناني ماڻھن کي اتر قبرص ڇڏڻو پيو [29][30] ۽ لڳ ڀڳ 50000 ترڪ ريپبلڪ ڇڏي اتر قبرص منتقل ٿي ويا.[31] 1983 ۾ اتر قبرص ۾ ھڪ علحده رياست جي قيام جو ھڪ طرفو اعلان ٿيو جنھن جو نالو ٽرڪش ريپبلڪ آف نادرن سائپرس يعني اتر قبرص جي ترڪن واري جمھوريہ رکيو ويو جنھنجي بين الاقوامي برادري ۾ مخالفت ڪئي وئي رڳو ترڪي ان نئين رياست جي خودمختياري کي تسليم ڪيو. ريپبلڪ آف قبرص جو اقتدار پوري ملڪ تي قانونن تسليم شده آھي سواء اڪروٽري ۽ ڌيڪيليا واري علائقي جي جتي يونائيٽيڊ ڪنگڊم جو اڏو آھي ۽ ان تي لنڊن زيورچ معاھدن تحت برطانيا جو حق تسليم ٿيل آھي. قبرص جي ان قانوني حيثيت باوجود درحقيقت قبرص ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. قبرص جو 59 سيڪڙو حصو ريپبلڪ آف قبرص جي قبضي ۾ آھي ۽ ان جو اتريون باقي 36 سيڪڙو حصو [32] پاڻمرادي اعلانيل ترڪ جمھوريہ جي قبضي هيٺ آھي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ چار سيڪڙو علائقو اقوام متحده جي قبضي ھيٺ بفرزون آھي. [33][34][35]

سياسي نظام[سنواريو]

نڪوسيا ۾ صدارتي محل

1960 واري آئين مطابق قبرص ھڪ صدارتي ريپبلڪ آھي. رياست ۽ حڪومت جو سربراھ ملڪ جو صدر آھي جنھن کي سڌو سنئون ملڪ جو عوام پنجن سالن لاءِ چونڊيندو آهي. ملڪ م قانونسازي جو اختيار ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز وٽ آهي. ملڪ جي عدالت حڪومت ۽ انتظاميه کان آزاد آهي. ملڪ جي صدر آئين مطابق يوناني ۽ نائب صدر ترڪ ھوندو. 1965 جي نسلي فسادن بعد ترڪ نسل وارن جون پارليامينٽ يا ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز ۾ نشستون لاڳيتو خالي آھن. 1974 م ھي ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. 1985 م اتر قبرص جي ترڪ جمھوريہ پنھنجو آئين ٺاھي پھريون دفعو چونڊون ڪرايون پر ان باوجود گڏيل قومون قبرص جي ريپبلڪ جو اختيار پوري ٻيٽ تي تسليم ڪري ٿي


نڪوس ايناسٽاسياڊز. جمھوريہ قبرص جو 2013 ۾ صدر بڻيو

ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز ۾ 59 چونڊيل رڪن آھن جن مان 56 عام چونڊن ذريعي ۽ 3 متناسب نمائندگي جي بنياد تي آرمينيائي، رومن ڪيٿولڪ ۽ مئروني شھرين مان بطور مشاھدو ڪندڙ رڪن شامل آهن. 24 سيٽون ترڪن لاء مخصوص ٿيل آھن جيڪي 1964 کان وٺي خالي رھنديون اچن پيون. [36]

انتظامي ورهاست[سنواريو]

ريپبلڪ آف قبرص ڇھن ضلعن: نڪوسيا ، فيماگسٽا، ڪرينيا، لارناڪا، ليماسول ۽ پافوس ۾ ورھايل آھي .[37]


ضلعو صدر مقام آبادي [38]
انگريزي يوناني

ترڪي

نڪوسيا ضلعو Λευκωσία Lefkoşa نڪوسيا 326,980
ليماسول ضلعو Λεμεσός Limasol ليماسول 235,330
لارناڪا ضلعو Λάρνακα Larnaka لارناڪا 143,192
پافوس ضلعو Πάφος Baf پافوس 88,276
فيماگسٽا ضلعو Αμμόχωστος Gazimağusa فيماگسٽا 46,629
ڪرينيا ضلعو Κερύvεια Girne ڪرينيا N/A

حوالا[سنواريو]

  1. "National Anthem". www.presidency.gov.cy. وقت 13 August 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 3 June 2015. 
  2. "Cyprus". The World Factbook. CIA. وقت 12 June 2007 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 January 2016. 
  3. نائب صدر جو عهدو ترڪن لاء مخصوص آھي ۽ ترڪي پاران ملڪ جي حصن تي قبضي ڪري 1974 کان وٺي خالي آھي
  4. جنھن ۾ اتر قبرص، گڏيل قومن جو بفر زون ۽ برطانيا جو اڪروٽري ۽ ڌيڪيليا وارو اڏو شامل آهن
  5. "Statistical Service – Population and Social Conditions – Population Census – Announcements – Preliminary Results of the Census of Population, 2011" (ٻولي ۾ Greek). Statistical Service of the Ministry of Finance of the Republic of Cyprus. وقت 15 January 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 29 January 2012. 
  6. United Nations, Department of Economic and Social Affairs, Population Division (2013). World Population Prospects: The 2012 Revision, DB02: Stock Indicators. New York. http://esa.un.org/unpd/wpp/ASCII-Data/DISK_NAVIGATION_ASCII.htm. Retrieved 18 June 2015. 
  7. 7.0 7.1 7.2 "Report for Selected Countries and Subjects". World Economic Outlook Database, October 2018. Washington, D.C.: International Monetary Fund. حاصل ڪيل 27 April 2017. 
  8. "Gini coefficient of equivalised disposable income – EU-SILC survey". Luxembourg: Eurostat. وقت 4 March 2016 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 September 2018. 
  9. "Table 2. Human Development Index Trends, 1990–2017". Human Development Reports. New York: United Nations Development Programme. وقت 22 March 2017 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل (PDF). حاصل ڪيل 20 September 2018. 
  10. "Biggest Islands In The Mediterranean Sea By Area" (en ۾). WorldAtlas. https://www.worldatlas.com/articles/biggest-islands-in-the-mediterranean-sea.html. 
  11. "The Most Populated Islands In The Mediterranean Sea" (en ۾). WorldAtlas. https://www.worldatlas.com/articles/the-most-populated-islands-in-the-mediterranean-sea.html. 
  12. Lesley Pender; Richard Sharpley (2005). The Management of Tourism. SAGE. p. 273. ISBN 978-0-7619-4022-7. https://books.google.com/books?id=R9r90RAJM5cC&pg=PA273. Retrieved 20 June 2015. 
  13. Richard Sharpley (16 May 2012). Tourism Development and the Environment: Beyond Sustainability?. Routledge. p. 296. ISBN 978-1-136-57330-9. https://books.google.com/books?id=id8Me6CogPYC&pg=PT296. Retrieved 20 June 2015. 
  14. Sharpley, Richard; Telfer, David John (2002). Tourism and Development: Concepts and Issues. Channel View Publications. p. 334. ISBN 978-1-873150-34-4. https://books.google.com/books?id=Wvo1sIjZH3UC&pg=PA334. Retrieved 22 July 2015. 
  15. "World Economic Outlook Database May 2001". International Monetary Fund. وقت 26 July 2011 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 June 2011. 
  16. "Country and Lending Groups". World Bank. وقت 18 March 2011 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 May 2010. 
  17. "Human Development Index (HDI)–2011 Rankings". United Nations Development Programme. وقت 12 January 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 4 November 2011. 
  18. "The Non-Aligned Movement: Background Information". Non-Aligned Movement. وقت 9 February 2016 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 January 2010. 
  19. "Stone Age wells found in Cyprus". BBC News. 25 June 2009. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/europe/8118318.stm. Retrieved 31 July 2009. 
  20. "Treaty of Lausanne". وقت 12 January 2013 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 7 October 2014. 
  21. Faustmann, Hubert; Ker-Lindsay, James (2008). The Government and Politics of Cyprus. Peter Lang. p. 48. ISBN 978-3-03911-096-4. https://books.google.com/?id=AzIXtVdDDwgC&pg=PA48#v=onepage. 
  22. Mirbagheri, Farid (2009). Historical Dictionary of Cyprus. Scarecrow Press. p. 25. ISBN 9780810862982. https://books.google.com/?id=f82Jn_H4VukC&pg=PA25#v=onepage. 
  23. Trimikliniotis, Nicos (2012). Beyond a Divided Cyprus: A State and Society in Transformation. Palgrave Macmillan. p. 104. ISBN 978-1-137-10080-1. https://books.google.com/?id=zS_HAAAAQBAJ&pg=PA104#v=onepage. 
  24. Cyprus date of independence آرڪائيو ڪيا ويا 13 June 2006 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. (click on Historical review)
  25. Mallinson, William (2005). Cyprus: A Modern History. I. B. Tauris. p. 81. ISBN 978-1-85043-580-8. https://books.google.com/?id=HEjkuhF2GsMC&pg=PA81. 
  26. "website". BBC News. 4 October 2002. http://news.bbc.co.uk/1/hi/world/europe/2297653.stm. Retrieved 25 October 2009. 
  27. Constantine Panos Danopoulos; Dhirendra K. Vajpeyi; Amir Bar-Or (2004). Civil-military Relations, Nation Building, and National Identity: Comparative Perspectives. Greenwood Publishing Group. p. 260. ISBN 978-0-275-97923-2. https://books.google.com/books?id=wU_587RXIvsC&pg=PA260. Retrieved 20 June 2015. 
  28. Eyal Benvenisti (23 February 2012). The International Law of Occupation. Oxford University Press. p. 191. ISBN 978-0-19-958889-3. https://books.google.com/books?id=JKgeX_sdQG0C&pg=PA191. Retrieved 20 June 2015. 
  29. Barbara Rose Johnston, Susan Slyomovics. Waging War, Making Peace: Reparations and Human Rights (2009), American Anthropological Association Reparations Task Force, p. 211 آرڪائيو ڪيا ويا 12 April 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  30. Morelli, Vincent. Cyprus: Reunification Proving Elusive (2011), DIANE Publishing, p. 10 آرڪائيو ڪيا ويا 13 April 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  31. Borowiec, Andrew. Cyprus: A Troubled Island (2000), Greenwood Publishing Group, p. 125 آرڪائيو ڪيا ويا 12 April 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  32. "According to the United Nations Security Council Resolutions 550 and 541". United Nations. وقت 19 March 2009 کي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 March 2009. 
  33. European Consortium for Church-State Research. Conference (2007). Churches and Other Religious Organisations as Legal Persons: Proceedings of the 17th Meeting of the European Consortium for Church and State Research, Höör (Sweden), 17–20 November 2005. Peeters Publishers. p. 50. ISBN 978-90-429-1858-0. https://books.google.com/books?id=hogL92shGUIC&pg=PA50. Retrieved 20 June 2015. "There is little data concerning recognition of the 'legal status' of religions in the occupied territories, since any acts of the 'Turkish Republic of Northern Cyprus' are not recognized by either the Republic of Cyprus or the international community." 
  34. Quigley (2010-09-06). The Statehood of Palestine. Cambridge University Press. p. 164. ISBN 978-1-139-49124-2. https://books.google.com/books?id=iTR3BQ0aJ6UC&pg=PA164. Retrieved 20 June 2015. "The international community found this declaration invalid, on the ground that Turkey had occupied territory belonging to Cyprus and that the putative state was therefore an infringement on Cypriot sovereignty." 
  35. Nathalie Tocci (January 2004). EU Accession Dynamics and Conflict Resolution: Catalysing Peace Or Consolidating Partition in Cyprus?. Ashgate Publishing, Ltd.. p. 56. ISBN 978-0-7546-4310-4. https://books.google.com/books?id=T6Z0Io3kQZ4C&pg=PA56. Retrieved 20 June 2015. "The occupied territory included 70 percent of the island's economic potential with over 50 percent of the industrial ... In addition, since partition Turkey encouraged mainland immigration to northern Cyprus. ... The international community, excluding Turkey, condemned the unilateral declaration of independence (UDI) as a." 
  36. DotNetNuke. "Ιδεολογική Διακήρυξη του Δημοκρατικού Κόμματος". Diko.org.cy. وقت 11 June 2007 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 6 January 2009. 
  37. "EUROPA – The EU at a glance – Maps – Cyprus". Europa (web portal). وقت 18 April 2009 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 March 2009. 
  38. اتر قبرص شامل ناهي.