جارجيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جارجيا (Georgia) جو سرڪاري نالو ’جمهوريه جارجيا‘ آهي. هيءُ ملڪ اوڀر يورپ ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ تي آهي، جيڪو اڳ ۾ روس جي رياست هو، سوويت يونين جي ٽُٽڻ بعد، هن ملڪ پنهنجي الڳ حيثيت قائم ڪئي. هن ملڪ جو نالو، بادشاهه جارج جي نسبـت سان ’جارجيا‘ رکيو ويو آهي. پٿر جي قديم ثقافتي دور ۾ جارجيا ۾ انساني آبادي ٿي، جيڪي ڌڻ چاريندا هئا ۽ پوک ڪندا هئا. 9 صدي ق. م ۾ جارجيا يونان جي ڪالوني ٿيو، جنهن کان پوءِ اڳتي هلي هڪ سلطنت جي شڪل اختيار ڪيائين. 65 صدي ق. م ۾ رومن ايمپائر جو حصو ٿيو. 337ع ۾ عيسائي رياست ٿي ويو. جارجيا جي اتر ۾ روس، اوڀر ۾ آذربائيجان، ڏکڻ ۾ آرمينيا ۽ ترڪي، اولهه ۾ ڪارو سمنڊ (Black Sea) آهن. جارجيا جي ڪل پکيڙ 69700 چورس ڪلوميٽر (26900 چورس ميل) ۽ آبادي 55 لک جي لڳ ڀڳ آهي. جارجيا جي گاديءَ جو هنڌ تبليسي (Tiblisi) آهي، جنهن جي آبادي 13 لک آهي. جارجيا جو سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ شکارا آهي، جنهن جي اوچائي 5068 ميٽر آهي. هتان جي سرڪاري ٻولي جارجين آهي، جڏهن ته روسي، آرميني ۽ آذري ٻوليون پڻ ڳالهايون وڃن ٿيون. جارجيا جي هر علائقي جي آبهوا مختلف آهي. هتي اڪثر علائقن ۾ موسم خوشگوار رهي ٿي. ماڻهو ڳاڙهي ۽ اڇي چمڙيءَ وارا آهن. جارجيا ڪاڪيشئن جبلن جي وچ ۾ آهي. هن ۾ ٻه خودمختيار جمهوري رياستون ابخازيا ۽ اجاريا ۽ هڪ خودمختيار علائقو ڏکڻ اوستيا به شامل آهي. ملڪ جو وڌيڪ علائقو جابلو آهي. جنهن ۾ ٽيون حصو ٻيلن جي ڪاٺ سان ڀريل آهي. ڪاڪيشيا جي عظيم جبلن جارجيا جي اترئين حصي کي گهيري رکيو آهي. جڏهن ته ننڍا ڪاڪيشئن جبل ڏاکڻيئن حصي ۾ آهن. انهن جبلن جي بلندي 3000 ميٽرن تائين آهي. ڪورا (Kura) ۽ ريوني (Rioni) ٻه وڏا درياهه آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي مخالف رخ ۾ وهن ٿا. اتر اوڀر ۾ ڪاڪيشئن جبل هن کي روس کان ڌار ڪن ٿا. تبليسي ڪورا درياهه جي ڪناري تي آهي. هن ملڪ جي مکيه زرعي پيداوار چانهه، کٽا ميوا، ڪڻڪ، تماڪ، ڀاڄيون، انگور، گدرا ۽ پٽاٽا آهن. جڏهن ته مکيه صنعتن ۾ موٽر انڊسٽري، فولاد، اسٽيل، سيمينٽ، گاڏيون، ٽيڪسٽائيل، پن بجلي، فوڊ پيڪنگ، شراب، تماڪ ۽ چانهه جون شيون شامل آهن. 1510ع ۾ ترڪن قبضو ڪري جارجيا کي سوگهو ڪيو، جن کان 1752ع ۾ شاهه سولومن پهرين کسي ورتو. ان کان پوءِ روس قابض ٿيو. 50 سالن تائين جارجيا مڪمل طور تي ڪميونسٽ اثر هيٺ ۽ سوويت يونين جي قبضي ۾ رهيو. 13 جنوري 1990ع تي آزاديءَ لاءِ تحريڪ زور ورتو ته آزاديءَ لاءِ ريفرينڊم ٿيو، جنهن ۾ 99 سيڪڙو ووٽرن USSR کان آزاديءَ لاءِ ووٽ ڏنو. جارجيا هڪ آزاد خودمختيار جمهوري ملڪ آهي. هتي صدارتي طرز جي حڪومت آهي. هن ملڪ يارهين ۽ ٻارهين صديءَ ۾ بادشاهه ڊيوڊ ۽ راڻِي تمر جي اڳواڻيءَ ۾ سياسي ۽ اقتصادي حوالي سان وڏي ترقي ڪئي. جنهن کان پوءِ 19هين صديءَ ۾ هيءُ ملڪ روس کان الڳ ٿيو. هن ملڪ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 9 اپريل 1991ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 31 جولاءِ 1992ع کان مليل اٿس. جارجيا هن وقت NATO ۽ يورپي يونين جو ميمبر به آهي. ان کان سواءِ هيءُ ملڪ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ۽ يورپ ۾ قائم ڪيل سيڪيورٽي تنظيمن جو پڻ ميمبر آهي. سنڌ جي مشهور ليکڪ مرزا قليچ بيگ جا وڏا اصل ۾ جارجيا جا هئا. اهو ئي سبب آهي، جو مرزا صاحب جي خاندان کي ’گرجي مرزا‘ چيو ويندو آهي ۽ جڏهن ايران ۽ روس جي وچ ۾ جنگ لڳي ته ان جنگ ۾ مرزا خسرو جو پيءُ مارجي ويو ۽ مرزا خسرو ايراني سپهه سالار حاجي محمد ابراهيم وٽ اچي پهتو. بهرحال فتح علي شاهه پنهنجي وزير ملا محمد اسماعيل هٿان مرزا خسرو (مرزا قليچ بيگ جو نانو) ۽ مرزا سڊني (مرزا قليچ بيگ جو پيءُ) مير ڪرم علي خان ٽالپر لاءِ موڪليا، هنن مان مرزا خسرو بيگ کي مير ڪرم علي خان ٽالپر پنهنجو پٽ ڪري رکيو. مرزا قليچ بيگ پنهنجي خاندان بابت هڪ تاريخي ڪتاب ’گرجي نامه‘ لکيو هو، جيڪو مرزا قليچ بيگ جي اولاد مان ڊاڪٽر فائزه زهرا مرزا ’مرڪز تحقيقات فارسي ايران پاڪستان‘، اسلام آباد مان 2001ع ۾ شايع ڪرايو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "جارجيا". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين). سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 30 نومبر 2017ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)